ڪتابن سان دوستي رکڻي پوندي، ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

ونس اپان اي ٽائيم، گھر ۾ موجود وڏڙا رات جي پهر ۾ گھر جي مڙني ٻارن کي گڏ ڪري ڏاهپ ۽ معلومات سان ڀريل جِنن ۽ پَرين جي ڪردارن واريون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا، جن کي ٻڌڻ سان ٻارن ۾ ڄاڻ سان گڏوگڏ سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت ، ذهني سجاڳي ۽ مطالعي ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو. اُهو ٻار جڏهن وڏو ٿي پنهنجي عملي زندگيء ۾ قدم رکندو هو ته ڪنهن به ڏکئي موڙ تي انهن آکاڻين مان پِرايل سبق سندس رهنمائي ڪندو هو. ڀلي کڻي اُهي وڏڙا البرٽ آئنسٽائن جي هن چوڻيء کان واقف نه هئا ته “جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار ذهين ٿين ته انهن کي آکاڻيون ٻڌايو، ۽ جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار وڌيڪ ذهين ٿين ته انهن کي وڌيڪ آکاڻيون ٻڌايو.”  ان وقت جي نوجوانن جو لڳاءُ ڪتابن سان تمام گھڻو هوندو هو. هو ڪتابن کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪندا هئا. ايتري قدر جو ڀلي کڻي گھر ۾ لائيٽ نه به هجي پر هو گھٽين جي لائيٽ ۾ يا وري ڏيئا ٻاري به پنهنجي ڪتاب پڙهڻ جو شوق پورو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو کين ڪتابن جو قدر هو ۽ هو ڪتابن جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا. ڪتابن ۾ موجود ڏاهپ ڀريون نصيحتون، معاشري ۾ اُٿ ويهه جو انداز ، زندگيء کي بهترين نموني گذارڻ جا طريقا ۽ دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء ۽ پنهننجي وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ واري اُڃ لاهڻ لاء هو هر قيمت ڏيڻ لاء تيار هئا. لائبريريون عام جام هيون، گھرن جي اوطاقن ۾ علمي ميڙاڪا ٿيندا هئا، هر هڪ نه ٻئي ماڻهوء کي ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هو.تحفي ۾ ڪتاب ڏيڻ جو رواج پڻ عروج تي هو.

اڄڪلهه جي ٽيڪنالوجي واري دور ۾ نه ٻارن ۾ آکاڻيون ٻڌڻ جو شوق رهيو آهي ۽ نه وري نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو. مائٽ ٻارن جي ضد تي کين موبائل فونس وٺيو ڏين، پوء ٻارَ سڄو ڏينهن اُن وندر ۾ ائين مشغول آهن جو آکاڻيون ٻڌڻ ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهڻ ته ٺهيو پر پنهنجي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽين جو ڪم ڪرڻ کان به قاصر آهن پو۽  ڀلي کڻي دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي وڃي پر موبائل مان اک ناهي ڪڍڻي.

ان جي ابتڙ مغرب جي ماڻهن ۾ مطالعي جو ايترو ته رجحان آهي جو هُنن وٽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالوجي هجڻ جي باوجود ڀلي کڻي بس اسٽاپ هجي يا ريلوي اسٽيشن، ايئر پورٽ جي انتظارگاه هجي يا ڪنهن به سفر دوران هو ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پوري دنيا جا نفسيات جا ماهر پنهنجي مختلف تحقيقن جي بنياد تي ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ذهني توڙي جسماني نشونما جو بهترين ذريعو آهي. ڪتاب پڙهڻ سان نوجوانن ۾ مثبت سوچ ۽ صحيح غلط جو فرق ڪرڻ جو شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ هو پوري دنيا سان ڳانڍاپي ۾ رهن ٿا، پنهنجي تاريخ ، تهذيب ۽ ثقافت کي سمجھڻ ۾ به ڪتاب مدد ڪن ٿا.مارگريٽ فلر جي هڪ چوڻيء “اڄ جا ريڊرس سڀاڻي جا ليڊرس ” مان ڪتاب پڙهڻ جي اهميت وڌيڪ واضح ٿي وڃي ٿي. ڇو ته ڪتابَ زندگين ۾ غير معمولي تبديلي آڻڻ جي صلاحيت رکن ٿا.هجڻ ته ائين گھرجي ته گھر جي باقي بنيادي ضرورتن، مثال جي طور تي خوراڪ بجلي، پاڻي ۽ ڇت سان گڏوگڏ ڪتابن کي پڻ زندگيء جو اهم حصو بڻائجي، ڇاڪاڻ جو جيسيتائين گھر ۾ اهڙو ماحول نه هوندو تيسيتائين اسان توڙي اسانجي شاگردن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شعور پيدا نه ٿيندو.

ڪجھ سال ٿيندا ته آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن جي هڪ گڏيل تحقيق پڌري ٿي، جيڪا ستاويهن ملڪن جي سَتر هزارجي لڳ ڀڳ ٻارن تي ڪئي ويئي. هن تحقيق مطابق جن ٻارن جي گھرن ۾ نصابي ڪتابن کان علاوه ٻيا معلوماتي ڪتاب موجود هئا ۽ کين ڪتاب پڙهڻ جي عادت هئي ۽ گھر ۾ پڙهڻ لکڻ وارو سٺو ماحول مليل هو، تِن جي تعليمي صلاحيت اُنهن ٻارن جي نسبت ڪيئي درجا بهتر هئي جيڪي ٻار ڪتاب پڙهڻ کان محروم هئا. انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان ۾ به ڪتاب پڙهڻ جي رجحان جي باري ۾ ڊسمبر 2008ع دوران گيلپ پاران ڪيل هڪ سَروي مطابق 27 سيڪڙو ماڻهو غير نصابي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته باقي 73 سيڪڙو ماڻهن جي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي نه آهي.گيلپ جي هن سروي جا هي انگ اکر ته پاڪستان جي چئن ئي صوبن جا آهن، پر جيڪڏهن صرف سنڌ صوبي کي ڏِسجي ته سِڌي سَنئين ونڊ مطابق تقريباً 6 سيڪڙو ماڻهو ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا جيڪو هڪ ذاتي اندازو آهي. پر سنڌ سان ٻين صوبن جي آباديء جي نسبت ۽ غربت ۽ بيروزگاري جي صورتحال کي ڏسبو ته اِهو فرضي اندازو شايد غلط ثابت ٿئي.

اسانجي معاشري خصوصي طور سنڌ ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پري هجڻ جا ڪيئي ڪارڻ آهن.جن ۾ پبلڪ لائبريرين جي کوٽ، معياري مواد جي کوٽ، معياري ليکڪن جي گھٽتائي،يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ ڪتابي ميلن جو نه لڳڻ، والدين ۽ اُستادن جو ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي نه ڏيڻ اهم ڪارڻ آهن. ٻيو ته ڪتابن جون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قيمتون ڏسي هر ڪو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي. اهو مسئلو گهڻي حد تائين وري انٽرنيٽ تي ڊجيٽل ڪتابن يا اِي بُڪس جي اچڻ سان حل ٿي ويو. لکن جي تعداد ۾ ڊجيٽل ڪتاب آن لائن لائبريرين ۾ يا ته پِي.ڊِي.ايف فارميٽ ۾ مفت دستياب آهن يا وري تمام ٿوري معاوضي تي وٺي پڙهي سگھجن ٿا. اِي بُڪس جي اچڻ سان معاشري ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان ڪنهن حد تائين وڌيو ته آهي پر ڪتاب پڙهڻ جو اُهو اصل معيار اڃا به پورو نه ٿو ٿي سگھي. ڇاڪاڻ جو اِي بُڪ پڙهڻ لاء لڳاتار ڪمپيوٽر آڏو ويهڻ سان هڪ ته نظر خراب ٿيو پوي ۽ ٻيو ته هڪ ئي جڳهه تي ويهڻ سان ٻيا به جسماني مسئلا پيدا ٿيو پون.

اڄڪلهه اسين پنهنجي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. اِها تبديلي بالڪل اچي سگھي ٿي. اِها تبديلي ائين ايندي ته اسين جيڪڏهن فضول ڪمن کي ڇڏي ڪتابن سان ڇڏيل دوستيون ٻيهر بحال  شروع ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي چوڌاري دوستن ساٿين کي ڪتاب پڙهڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي.۽ سڄي ڏينهن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلاڪ ضرور ڪنهن سٺي ڪتاب جو مطالعو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو به ممڪن نه آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن مطالعي کي ضرور ڏيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي سٺا معلوماتي ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪئي وڃي ته اُهو ڏينهن پري ناهي جو اسانجا رَوَيا ۽ اسان جون زندگيون تبديل ٿي وينديون ۽ معاشري ۾ هڪ صحتمند علمي ماحول جو بنياد ٻيهر پئجي ويندو. ان ڳالهه کان به بالڪل انڪار نه آهي ته اڄ به ڪجھه بهترين ليکڪ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مَسَ اسان ۾ موجود آهن؛ پنهنجي سگھه مطابق بهترين لکڻيون لکي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي خواب جي ساڀيان ڏانهن وڌي ته رهيا آهن، پر ان رجحان کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاء اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

درسگاهن سان دل منهنجي ، ڪتب خانو وطن منهنجو۔
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس ، ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.

(پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي، وائيس چانسلر، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد)

پهنجو تبصرو موڪليو