ڇوڪرين سان ڇيڙ ڇاڙ تي تبصرو، ماورا حسين لاءِ مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ماورا حسين مٿان ان وقت سخت تنقيد شروع ٿي وئي آهي جڏهن سندس وائرل ٿيل ويڊيو ۾ کيس اهو چوندي ٻڌو ويو ته روڊ تي ڇوڪرين کي  ڇيڙڻ معمولي ڳالهه آهي ۽ ڇوڪرا مزو وٺندا آهن. ماورا حسين جي هڪ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ ۽ همايون سعيد ۽ ندا ياسر جي شو ۾ پنهنجي فلم جي پروموشن جي لاءِ آيل هئي.وڊيو  ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ندا ياسر ماورا کان پڇي ٿي ته ڇا ڪڏهن اوهان کي ڪنهن ڇيڙيو.؟ جنهن تي ماورا حسين چيو ته ڇوڪرين کي ڇيڙڻ ته لاهور جو فن آهي ڇوڪرا گاڏين ۾ تيز ميوزڪ لڳائي نڪري ويندا آهن ۽ روڊ تي ڇوڪرين کي ڇيڙيندا آهن مون کي لڳي ٿو ته ان کان سواءِ لاهورين جي عيد نٿي ٿئي. ان ڪري اسان کي ان کي خراب نه چوڻ گهرجي هو ته مزو وٺندا آهن. ندا ياسر چيو ته جيڪڏهن اوهان کي ڪير ڇيڙي ته ڇا اوهان کي خراب نه لڳندو جنهن ي ماورا چيو ته  ڪا ڳالهه ناهي مون کي خراب نه لڳندو ڇو ته منهنجي به ته عيد آهي. وڊيو جو اهو ڪلپ اتي موجود اداڪارن ۽ ماڻهن جي تاڙين تي ختم ٿيندو آهي پر سوشل ميڊيا صارفين ماروا جي ان ڳالهه کي بلڪل به مذاق ۾ ناهي ورتو، هنن کيس مشورو ڏيندي چيو ته اسان جي فنڪارن کي ڳالهائڻ کان پهرين سوچڻ گهرجي ته اسان ڇا  چئي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو