ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ميچن جي سيريز جي ٻئي ون ڊي ۾ ڊڪ ورٿ لوئس طريقيڪار تحت بنگلاديش کي 128 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 274 رنسون ٺاهيون، پر برسات سبب بنگلاديش کي 32 اوورن ۾ 243 رنسن جو هدف ڏنو ويو.
هدف جي تعاقب ۾ بنگلاديشي ٽيم 114 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
شاهين شاهه آفريدي جي ڪپتاني ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان جي فائنل اليون ۾ صاحبزاده فرحان، معاذ صداقت، شمل حسين، محمد رضوان، سلمان علي آغا، حسين طلعت، عبدالصمد، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ محمد وسيم شامل هئا.
پاڪستان جي اننگز
پاڪستاني ٽيم بنگلاديش خلاف اننگز جي 48 هين اوور ۾ 274 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
نوجوان رانديگر معاذ صداقت شاندار بيٽنگ ڪئي، 46 بالن تي 75 رنسون ٺاهيون. سندس اننگز ۾ 6 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هئا.
سلمان علي آغا 7 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 64 رنسن جي اننگز کيڏي، محمد رضوان 44 رنسن تي آئوٽ ٿيو، اوپنر صاحبزاده فرحان 31 ۽ فهيم اشرف 14 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي راشد حسين 3 ۽ مهدي حسن ميراز 2 وڪيٽون ورتيون.
پر، برسات سبب ميچ متاثر ٿيو، جنهن کان پوءِ بنگلاديش کي 32 اوورن ۾ 243 رنسن جو هدف ڏنو ويو.
بنگلاديش جي اننگز
243 رنسن جي هدف جي پويان بنگلاديشي ٽيم 24 هين اوور ۾ 114 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بنگلاديش پاران لٽن ڊاس 41 رنسون ٺاهي اسٽار رهيو. ان کان علاوه توحيد 28 ۽ سيف حسن 12 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان لاءِ معاذ صداقت ۽ حارث رئوف 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
128 رنسن سان فتح کان پوءِ ٽن ميچن جي سيريز 1-1 جي برابر آهي. بنگلاديش پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني هئي










