آزاد انور مهر
ايران ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان وڏي سياسي ۽ انتظامي بيچيني کي منهن ڏئي رهيو آهي. عوامي احتجاج، معاشي بحران، ۽ سرڪاري قدمن خلاف عوامي ناراضگي، ملڪ ۾ وڌندڙ دٻاءَ جو سبب بڻجي رهي آهي ننڍن شهرن کان شروع ٿيل مظاهرا تهران جهڙن وڏن شهرن تائين پکيڙجي ويا آهن.
ان حوالي سان دنيا جي مشهور اخبارن The Guardian ۽ The Telegraph ۾ تهران ۾ هڪ سڙندڙ عمارت ۽ باهه ۾ وڪوڙيل گاڏيون ڏيکاريون ويون آهن هيٺ خبر آهي ته علي خامنائي کي پنهنجي دور جو “سڀ کان وڏي عوامي بغاوت جو خطرو درپيش” آهي.هي رهيون عالمي ميڊيا ادارن جون رپورٽون پر ان سموري صورحتال پويان اصڪ ڪهاڻي اها آهي ته ايران ۾ ڏهه ڏينهن اڳ جيڪا هڪ ننڍڙي چڻگ ٻري سا هاڻي باهه جي اهڙي بڀڙ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جنهن نه رڳو شهرن جي گهٽين پر رياست جي مضبوط سمجهيل ديوارن ۾ به ڏار وجهي ڇڏيا آهن. تاريخ شاهد آهي ته وڏيون تبديليون هميشه ڪنهن معمولي واقعي کان جنم وٺنديون آهن.
29 ڊسمبر تي تهران ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال ٿي جنهن دوران تهران بازار مڪمل طور بند ٿي وئي اها بازار جيڪا رڳو واپار جو مرڪز ناهي پر ايران جي معيشت جي نبض ۽ طاقت جي علامت سمجهي ويندي آهي جڏهن اها نبض بيهجي ٿي ته سمجهڻ گهرجي ته مسئلو صرف معاشي نه پر وجودي بقا بڻجي چڪو آهي جنهن جو واضح مثال آهي ته تازي صورتحال ۾ ايران ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت لڳ ڀڳ 14 لک ايراني ريال ٿي چڪي آهي. نتيجي طور عام ماڻهو لاءِ روز جي ماني لاءِ به جهول ڀري پيسا ڏيڻا ٿا پون جنهن ملڪ ۾ ماڻهو ڪمائي کان وڌيڪ رڳو جيئڻ لاءِ جدوجهد ڪن، اتي خاموشيءَ جي اميد رکڻ خود فريبي کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
شروعات ۾ مهانگائي خلاف ٿيندڙ احتجاج کي ايراني سرڪار سختيءَ سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو احتجاج جلدي ئي اسلامي رياست جي پاليسين خلاف ملڪ گير بغاوت ۾ تبديل ٿي ويو سرڪار صورتحال سنڀالڻ لاءِ لڳ ڀڳ ويهن شهرن ۾ شٽر ڊائون جو اعلان ڪيو ۽ جواز اهو ڏنو ويو ته سيءُ تمام گهڻو آهي پر ان حڪومتي حڪمت عمليءَ ابتو اثر ڏيکاريو موڪلن سبب ماڻهو گهرن ۾ بند رهڻ بدران گهٽين ۾ نڪري آيا ۽ احتجاج تهران سميت انهن شهرن تائين پکڙجي ويو جتي گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڪنهن به قسم جو عوامي احتجاج ڏسڻ ۾ نه آيو هو. جڏهن احتجاج وڌيڪ شدت اختيار ڪئي تڏهن سرڪار ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي ته جيئن مشتعل ماڻهن جا رابطا ٽٽي وڃن پر هڪ طرف عام عوام لاءِ انٽرنيٽ بند ڪيو ويو ته ٻي طرف سرڪار جي ويجهن ماڻهن کي “وائيٽ سم ڪارڊ” جاري ڪيا ويا هي ٻٽو معيار ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ عوام جي ڪاوڙ وڌيڪ ڀڙڪي اٿي ماڻهن محسوس ڪيو ته رڳو معاشي ناانصافي ناهي پر عزت ۽ برابري به کين ميسر ناهي اها ئي وڇوٽي اها ئي بي اعتمادي، جيڪا رياست ۽ عوام وچ ۾ وڌندي رهي، ان مان عالمي طاقتون به فائدو وٺڻ لڳيون.
اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان ته “جيڪڏهن ايران ۾ وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا ته آمريڪا عام ماڻهن جي تحفظ لاءِ مداخلت ڪندو” صورتحال کي وڌيڪ نازڪ بڻائي ڇڏيو اندروني بحران هاڻي بين الاقوامي سياست جي نظر ۾ اچي چڪو آهي. احتجاجن جي شدت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪٿي ڪٿي مذهبي درسگاهن کي به نشانو بڻايو ويو، جيڪي سالن کان رياستي طاقت جون علامتون رهيون آهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اهڙا وڊيوز به آهن جنهن نوجوان نارين کي مذهبي پيشوا روحاني ليڊر خامنامي تي تصوير ساڙي سگريٽ دکائيندي ڏيکاريو ويو آهي اهي منظر ظاهر ڪن ٿا ته معاملو رڳو مهانگائي جو نه رهيو آهي پر نظام، سوچ ۽ حڪمراني جي قبوليت جو سوال بڻجي چڪو آهي.
ايران ۾ ٿيندڙ عوامي بغاوت سبب 9 جنوري کان 11 تاريخ تائين انهن ٻن ڏينهن جي عرصي ۾ ڪيترين سرڪارر عمارتن دفترن سميت مسجدن کي باهه ڏيڻ جون خبرون پيون گردش ڪن صورتحال ايتري ڳنڀير ٿي چڪي آهي جو ايران ۾ رهندڙ مختلف ملڪن پاران پنهنجا شهري به واپس گهرائڻ شروع ڪيا آهن هي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته خطرو هاڻي فقط سياسي بيانن تائين محدود ناهي رهيو، پر زميني حقيقت بڻجي چڪو آهي ۽ نتيجي طور ايران اڄ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي، جتي تاريخ، معيشت، مذهب ۽ سياست هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي رهيا آهن محسوس پيو ٿئي ته مهانگائي هڪ چڻگ هئي پر اصل ۾ اها باهه دٻايل عوامي آواز ۽ نه ٻڌل شڪايتن مان ڀڙڪي آهي جيڪڏهن رياست عوام جي آواز کي طاقت سان دٻائڻ بدران سمجهه ۽ سچائيءَ سان نه ٻڌو، ته هي بڀڙ شايد رڳو ايران تائين محدود نه رهي، پر پوري خطي جي استحڪام لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿو.
ڇاڪاڻ ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن عوام جي صبر جو بند ٽٽندا آهن ته تڏهن رياستون به پنهنجو رخ بدلائڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن سوال رڳو اهو آهي ته اهو تيزيءَ سان بدلجندڙ هي حالتون امن ڏانهن هونديون يا وڏي عوامي بغاوت ڏانهن اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.










