طفيل مگسي
هن ڳالھ کان اهي ئي ماڻهو ماڻهو انڪار ڪري سگهن ٿا۔جيڪي منڍ کان وٺي سامراجي قوتن جا ڪرائيدار رهيا آهن ڀاقي ماڪس ازم۔ لينن ازم ۔ڪميونزم ۽ سوشلزم جا حقيقي ڄاڻيندڙ آهن ته سوويت يونين جو انقلاب جديد دور جي سڀ کان وڌيڪ فيصلا ڪندڙ واقعن منجهان هڪ آهي۔پر نام نهاد مگر سدائين ڪميونزم جي خوف کان اصلي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو۔جيڪي هاڻي مورخن جي تحقيق ۽ ڳجهن دستاويزن کان آشڪار ٿي چڪيون آهن۔جيڪي يورپ جي نام نهاد سوويت دشمني واري لٻاڙ کي وائکو ڪن پيون۔جوزف اسٽالن جنهن جو ڪردار روس جي جوڙجڪ ۾ بي مثال هو۔هن شخص سوويت يونين کي هڪ پٺتي پيل زرعي معشيت کان ڪڍي ڪري دنيا جي ٻن سپرپاورز منجهان هڪ ۾ بدلائي چڏيو ۽ ان جي ئي دور ۾ صنعتڪاري تيز رفتاري سان ترقي ڪندي وئي۔نازي جرمني کي فاش شڪست ڏني وئي۔پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو ويو ۽ لکين ماڻهن کي مفت تعليم وعلاج جون سهوليتون حاصل ٿيون۔پر امريڪي ”ٿيوري انڊسٽري“ ۽ سرد جنگ جي دشمني تي مشتمل مشين اسٽالن کي محض هڪ رت پياڪ آمر بڻائي ڪري پيش ڪيو۔ حالانڪ خود پورپ ۽ امريڪا ڪروڙين ماڻهن جو بيدردي سان رت وهايو۔مگر ڪڏهن به پاڻ کي آمر تسليم نه ڪيائون۔مورخ آرڪ گيٽي (The Road to Terror) ۽ اورگروورفر(Khurushchev lied) ثابت ڪيو آهي ته ظلم وجبرجون ڪافي ڪهاڻيون وڌائي يا گهڙي ڪري ٺاهيون ويون ته جيئن سوشلزم کي بدنام ڪري سگهجي۔اها حقيقت پنهنجي جاء تي آهي ته اسٽالن کان غلطيون ٿيون ۽ طاقت جو غلط استعمال به ٿيو۔ليڪن انهن ظلمن جي جهڙي ريت بهتان بازي ڪئي وئي۔اها سراسر سياسي راند هئي۔ليڪن اصل حقيصت اها آهي ته ان جي پاليسين مزدورطبقي کي وقار بخشيو ۽ گڏيل ترقي جو اهڙو بنياد رکيو۔جنهن جو پاڻ ڪارل مارڪس خواب ڏٺو هو۔اڪثر اهي ماڻهو جيڪي يورپ ۽امريڪا سامراج جا چمچا يا ڪرائي جا ڀاڙيتو هئا يا آهن۔جڏهن سوويت يونين جو خاتمو ٿيو ته دهل تي ڏونڪي مٿان ڏونڪو وڄائيندا رهيا ته سوويت يوونين جو خاتمو اصل ۾ ”سوشلزم جي ناڪامي“ هئي۔ليڪن انهن ڪرائي جي فردن کي ڪا به حقيقي پروڙ نه هئي۔بس کين ڊالرن ۽ يورو سوويت يوونين جي مخالفت ۾ انڌوڪري چڌيو هو۔مگر سي آئي جي ڳجهن دستاويزن انهن ڪرائي جي مخالفن جي ڀيٽ ۾ مختلف تصوير پيش ڪئي۔جڏهن 1991ء ۾ سوويت يونين ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو ته اتان جي اڪثريتي عوام سوشسٽ نظام جي حق ۾ ووٽ ڏنو۔مگر ميخائيل گورڀاچوف (جيڪو ڳجه ڳوه ۾ امريڪي ايجنٽ هو)عوام جي راء کي نظرانداز ڪري ڱلاسنوسٽ ۽ پيستروئيڪا کي زبردستي مڙهيو۔جنهن جي باري ۾ ماهر اسٽيفن ڪوهن جو چوڻ آهي ته اهي سڌارا سوويت يونين جي عوام نه بلڪ مغربي طاقتن جي خدمت ڪري رهيا هئا۔اهڙي ريت سوويت يونين جي بدقسمتي صرف اتي ختم نه ٿي هئي بلڪ بورس يلستن جهڙي غدار به گورباچوف کانپوء وڏو ڪردار ادا ڪيو۔يعني 1993ء ۾ ائين ٿيو ته امريڪي ايجنٽ بورس يلستن پنهنجي ئي ملڪ جي پارليامينٽ تي ٽينڪن سان گولا وسايا ۽ سينڪڙين ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا۔ان قسم جي”شاڪ ٿراپي“ سوويت معشيت کي تباه ڪيو۔عوام کي غربت جي کاهي ۾ ڌڪيو ويو ۽ رياستي ملڪيتون ڪجھ اوليگارڪس جي هٿن ۾ ڏنيون ويون۔حقيقت اها آهي ته سوويت يونين جو زوال سوشلسٽ نظام جي فطري ناڪامي نه هو بلڪ سازش۔مداخلت ۽ غداري جو نتيجو هو۔امريڪي سامراج جنهن”جمهوريت“ جي نالي تي روسي عوام جي اصل مرضي کي چٿيو ۽ ٻيئي پاسي آمراڻي نظام کي مضبوط ڪيو جيڪو سندس حق ۾ هو۔اهائي ئي امريڪا جي اصل کان وٺي فطرت رهندي آئي آهي۔حوالا:آرڪ گیٽي، The Road to Terror (1999)گروور فر، Khrushchev Lied (2011)مارڪ ٹائوگر، The 1932–33 Famine in Soviet Ukraine and the Holodomor (2001)اسٹٽیفن ایف ڪوهن، Soviet Fates and Lost Alternatives (2009)سي آئي اي جا ڳجها دستاویز(یلستن 1993)؛ نیشنل سیڪیورٽي آرڪائیو، جارج واشنگٽن یونیورسٽي۔










