آبادگارن جي محنت ۽ اميدن تي رهزنن جو راتاهو

آبادگارن جي محنت ۽ اميدن تي رهزنن جو راتاهو

صوفي جي ايم ڀٽي
هن ڏاڍ واري ڏيھ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ائين ڪئي وڃي جيئڻ ڪنهن مفتوح علائقي جي عوام سان ڪئي ويندي آ۔ بدامني جي باه ۾ شهر توڙي ٻهراڙي ٻرن ۽ ڳرن ٿا۔ انصاف جي آسري جيلن ۾ جوانيون جلن ۽ ڪورٽن ۾ ڪڙهن پيون۔ اظهار آزادي تي تالا ۽ ڀالا لڳن پيا۔ اهڙي سنگين صورتحال ۾ ڏتڙيل ڏوٿي/هاري ويچارو وڌيڪ ويل ۾ آ۔ ته منافعه خور مافيا وري موج ۽ اوج ۾ آه۔ هن مملڪت خداداد جنهن جو گهڻو دارو مدار زراعت تي آهي۔ زراعت ملڪ کي 25 سيڪڙو GDP/ جو حصو ڏئي پئي۔ ملڪ معدني وسيلن سان مالا مال آ۔ ته وري زرعي پيداوار ۾ به زرخيز ۽ پاڻ ڀريو آهي۔ ملڪي ترقي ۾ زرعي شعبو ڪرنگهي واري حيثيت ماڻي چڪو آهي۔ ساڻيھ جا سائي چادر سان اوڍيل ايوان ۽ ميدان۔ اوچن پهاڙن جون قداور چوٽيون۔ برپٽ بيابان۔ دلفريب نظارن واري منظرڪشي مَنُ موهي ۽ قلب قابو ڪري ٿي وجهي۔ جيڪڏهن واڳ ڌڻين اهڙي زرعي خزانن سان مالا مال ملڪ جي وقت سر مالڪي ۽ صحيح سنڀار نه ڪئي ته هن ڏتڙيل ڏيھ جو حال افريقي ديسن جهڙو ٿيندو۔ پوء ڪوبه ڪارندو کيس ڏيوالي جي ڏنڀ کان بچائي نه سگهندو۔ ۽ ملڪ معاشي ڌٻڻ ۾ اهڙو دٻجي ويندو۔ جتان نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو۔ اسان سان الميو اهو آهي۔ جو ملڪ جي تقدير بدلائيندڙ طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي۔ اهو هاري/پورهيت ئي هن ملڪ حقيقي والي وارث آهي۔ هي آنجهي مانجهي ۽ تتي ٿڌي ويل وڃي کيتي کيڙي۔ هر هلائي۔ اَنُ اپائي ٿو۔ جيڪو ڦل سڀڪو کائي ٿو۔ ان ملڪ پاليندڙ مهان هستي جي جهد ۽ ڪرت جو قدر نه آهي۔ حڪمرانن جي زبون زرعي پاليسين سبب هاري کي محنت جو صحيح ملھ نٿو ملي۔ جنهن ڪري هو غربت واري گهاڻي ۾ پيسجي پيو۔ اهڙن هٿڪنڊن جي ڪري آبادگارن جو آئيندو اونداهي جي ور چڙهي ويو آهي۔ سندس جيئڻ جي سگھ سلب ٿي وئي آهي۔ هاري جي همت۔ محنت ۽ لوچ لاجواب آهي۔ هي سڄو سال فصل جي تياري لاء جوڳا جهد ۽ وڏا ڪشالا ڪري اناج اپائي۔ راڄن تائين رسائي ٿو۔ فصل جي پوکائي وقت ورتل ڀاڻ۔ ٻج ۽ زرعي دوائون وياج خور واپارين جي وڪڙ ۾ اچي مهانگي ملھ ۾ خريد ڪري۔ پنهنجو نقصان ڪري ٿو۔ محنت۔ همت ۽ سليقي سان فصل تيار ڪري۔ جڏهن اناج واري جنس مارڪيٽ موڪلي ٿو۔ ته سندس جهد واري جنس ڏوڪڙ ڏوئي کپي ٿي۔ اپت اڻپوري ملڻ ڪري هن همراه جو سال وارو پختو پورهيو هڪ لحظي منجھ لڙهي وڃي ٿو۔ هِن جَي جوڳي جهد سان ڪيل ڪڙمت ۽ سچائي سان ميڙيل سونهري سنگ رائيگان ٿي وڃن ٿا۔ نفعي بدران کيس نقصان پلئه پئي ٿو۔ اڄ جو آبادگار هارپي مان اهڙو ته اڙيو آ۔ جو ڪڙمت واري ڪرت تان سندس ارواح ئي کڄي ويو آهي۔ سڀني پوکن جي پيدائش سندس ڳچي ۾ آهي۔ جنهن ۾ ڪڻڪ۔ ڪمند ساريون۔ وونئڻ۔ تر ۽ ترڪاري شامل آهي۔ سنڌ ۾ هن سال ٻوڏ جي ٻائيتال ۾ ڪچي جي ڪڙمين جو سڀ فصل فنا ٿي ويو۔ سانگيئڙا سر بچائي پڪي تي پهتا۔ پڪي وارن هارين جا وري ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا۔ سارين جو فصل پچي راس ٿيو آهي۔ هتي سٽ هلي پئي لاڙ پاسي ته ٿريشر لڳا آهن۔ پر سارين جو اگھ ٻڌي هاري ويچاري جا جيئرا جلي ۽ آنڊا اجڙي ويا آهن۔ هر۔ ٿريشر۔ ولائتي ٻج۔ اڇو۔ ڪارو ڀاڻ۔ زرعي دوائون رونبو ۽ لاب جي جوڳي خرچ هارين جا کنڌا کڻي ڇڏيا آهن۔ سارين جو فصل جو اگھ فقط 22 سو رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي۔ ايتري گهٽ ملھ ۾ هاري جي پورت ڪٿان پوندي۔ سڀني منافع خور سيلرن/ڪارخانيدارن هڪ هٽي قائم ڪري سارين جو اگھ پنهنجي مرضي مطابق مقرر ڪري۔ ڪڙمي جي ڪرت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي۔ هي ڪٿان جو انصاف آهي۔ ته فيڪٽري ۾ تيار ٿيندڙ 2نمبر شين جا اگھ چوٽ چڙهيل ۽ هاري جي هٿ سان تيار ٿيل اناج جو ٽڪو ملھ۔ اَن کي الله جي نعمت سمجهيو وڃي ٿو۔ پر ان جو قدر رتي برابر به نه آهي۔ ڪڙمي ويچاري سان ٽن سالن کان سانده ويلَ وهايا پيا وڃن۔ سندس فصل جي قيمت ڀڳڙن مٺ هئڻ ڪري هي فاقه ڪشي جو شڪار آهي۔ معاشي بدحالي ڪارڻ بي حال آهي۔ پوکائي جي پيدائش مان پورت نه هئڻ ڪري وياج خورن مان اهڙو ته اڙيو آ۔ جو هن صدي ۾ ته جان مشڪل ڇڏائي سگهندو۔ قرض جي ڪوڙڪيءَ سندس جان جوکي ۾ وجهي ڇڏي آهي۔ ملڪي آبادي جو 85 سيڪڙو هاري ۽ مزدور طبقو آهي۔ هن طبقي جي اڪثريت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاري پئي۔هيٺين طبقي جي ووٽن سهاري ئي سياستدان حڪمراني جا مزا ماڻين ٿا۔ چونڊجڻ بعد آفت بڻجي عوام لاء عذاب بڻجن ٿا۔ اعلي ايوانن ۾ ويٺلن کي آبادگارن جي آئيندي جو ڪوبه اونو يا الڪو نه آهي۔ هو ڪرپشن جي مال تي مست ٿي عياشين ۾ الوٽ آهن۔ اقتدار ۾ ويٺل سڄاڻ ڌرين کي التجا آهي۔ ته خدارا زرعي شعبي تي ڌيان ڌريو۔ زراعت جي پراڻين مدي خارج پاليسين کي ختم ڪري۔ جديد سائنسي بنياد وارين پاليسين کي رائج ڪري۔ هارين جي همت واري جذبي کي جياريو۔ پرڏيهي ڏيهن سان تجارتي معاهده ڪري هتان جي زراعت کي هٿي ڏياري۔ آبادگارن جو آئيندو اجاريو۔ زرعي جنسن جي امدادي قيمت جي مقرري سان گڏ ڀاڻ ۽ ٻين شين جي مد ۾ سبسڊي جو اجرا ڪري سندن ٽن سالن جي نقصان جو ازالو ڪيو۔ اهڙين سائنسي پاليسن جي لاڳو ٿيڻ کانپوء آبادگارن کي ملڪي معيشيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو نادر موقعو ميسر ٿيندو۔ اميد ته هن غريباڻي گذارش تي غور ڪري معامري جي حل لاء اڳڀرائي ڪري ڏيھ جي ڏتڙيل ڏوٿين ۽ درد وندن جون دلي دعائون کٽندا۔ مهربا

پهنجو تبصرو موڪليو