پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاه
قرآن پاڪ ۾ جتي مومنن کي “بنيان مرصوص” سان تشبيه ڏني وئي آهي، ان جو مقصد صرف فوجي طاقت ناهي، بلڪه اها هڪ مڪمل اجتماعيت، اتحاد ۽ مضبوط عزيمه جي علامت آهي، جنهن ۾ هر فرد پنهنجي جڳھ تي هڪ پٿر وانگر جڙيل ۽ مضبوط هوندو آهي. اهڙي اجتماعيت، دشمن جي هر سازش، حربه، ۽ حملن کي مؤثر انداز ۾ ناڪام بڻائي ٿي. جڏهن اهڙي اتحاد کي مضبوط ڪيو وڃي، ته قوم ڪنهن به چيلينج کي منهن ڏئي سگهي ٿي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر 1965 جو ڏينهن اهڙو ئي هڪ ڏينهن آهي، جيڪو قوم جي غيرت، عزم ۽ اتحاد جو عڪاس آهي. ان ڏينهن پاڪستاني فوج، عوام، ٻارن، عورتن ۽ بزرگن هڪٻئي سان جڙيل ۽ متحد ٿي، پنهنجي ملڪ جي دفاع ۾ قرباني ۽ جرات جو مظاهرو ڪيو. هندستان جي حملن کان پوء، پاڪستان جي عوام ۽ فوج هڪ مضبوط ڀت جيان گڏ ٿي، جنهن جو هر فرد پنهنجي فرض ۾ ڄڻ سپاهي بڻجي ويو. فوج محاذن تي وڙهڻ ۾ مشغول هئي، جڏهن ته عوام پنهنجي گھڻن اندازن سان تعاون، دعائن ۽ سپورٽ سان ملڪ جي دفاع ۾ سرگرم رهيو. ان ڏينهن کي ياد ڪندي، “بنيان مرصوص 2025” جي تصور جو جنم وٺندو آهي، جيڪو مستقبل ۾ اسان جي دفاعي حڪمت عملي کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. جيئن وقت سان گڏ، دفاعي چيلينجز ۽ خطرا تبديل ٿيندا رهندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ جديد ٽيڪنالاجي، سائبر جنگ ۽ اسلامي دفاعي اتحاد جو تصور اهميت اختيار ڪري ٿو. مستقبل جي دفاع ۾ صرف رواجي هٿيارن کي نه، پر سائبر اسپيس، انفارميشن وار، ۽ عالمي تعاون کي به اهميت ڏني ويندي.
جڏهن اسان “بنيان مرصوص 2025” جي اصطلاح تي غور ڪريون ٿا، ته اها هڪ نئين دفاعي حڪمت عملي ۽ سوچ جو پيغام آهي. ان ۾ صرف فوجي طاقت جو تصور شامل ناهي، بلڪه ان جو مقصد هڪ متحد ۽ مضبوط قومي سوچ پيدا ڪرڻ آهي، جتي هر فرد، هر طبقو ۽ هر شعبو پنهنجي ذميوارين ۾ جڙيل ۽ مضبوط هجي. ان وقت، دفاعي حڪمت عملي ۾ سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا پروٽيڪشن ۽ ڊجيٽل ميدان ۾ جنگ کي اهميت ڏني ويندي آهي.
اڄ جي دور ۾، جڏهن دنيا انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي ڪري چڪي آهي، ته رواجي هٿيارن ۽ فوجي طاقت کان علاوه، انهن ميدانن ۾ به دفاع کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي. ان ڳالھ کي سمجهي، “بنيان مرصوص 2025” جو تصور هڪ نئين قوم جي ضرورت ۽ دفاعي حڪمت عملي کي اجاگر ڪري ٿو، جنهن ۾ ذهني، انفارميشن ۽ ڊجيٽل ميدانن ۾ مضبوط دفاع شامل آهي.
يوم دفاع 1965 اسان کي سيکاري ٿو ته قومن جي طاقت صرف هٿيارن ۾ نه، پر اتحاد، قرباني ۽ ايمانداري ۾ پڻ هوندي آهي. جيئن هڪ مضبوط ڀت جون سرون هڪٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن، تيئن هڪ قوم جا فرد به پاڻ ۾ جڙيل ۽ متحد هوندا آهن، ته ان قوم کي ڪنهن به دشمن جي سازش يا حملو شڪست نٿا ڏئي سگهن.
پاڪستاني عوام ۽ فوج جو اتحاد 1965 ۾ پنهنجي عروج تي پهتو، جڏهن دشمن جي حملن جي باوجود، ملڪ ۾ هڪ متفقه جذبہ پيدا ٿيو. ان اتحاد ۾ هر فرد، هر طبقو ۽ هر ادارو پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪري، دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان وقت جو اتحاد ۽ قرباني اهو سبق ڏين ٿا ته جيڪڏهن هڪ قوم ايمان، اتحاد، ۽ عزم سان گڏ ٿي وڃي، ته ان جو ڪو به دشمن مقابلو نٿا ڪري سگهي.
جڏهن اسان 6 سيپٽمبر 2025 يوم دفاع تي جشن ملهائيندا آهيون ته اسان لاءِ ضروري آهي ته ان تاريخي ڏينهن جو عهد نئين سر تازو ڪيو وڃي. اسان کي يقين رکڻو آهي ته جيئن 1965 ۾ ملڪ هڪٻئي سان متحد ٿيو، تيئن مستقبل ۾ به، “بنيان مرصوص” بڻجي، اسان دشمنن جي سازشن ۽ حملن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط دفاعي حيثيت ۾ هوندا.
تعليم، محنت، ايمانداري ۽ اتحاد ذريعي، اسان پنهنجي ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ ڪري سگھنداسين. ملڪ کي مضبوط بنائڻ لاءِ، صرف فوجي طاقت ئي ڪافي ناهي، پر عقيدي، فڪر، ۽ سوچ ۾ به هڪ مضبوط بنياد رکڻ ضروري آهي. جيئن تيرن ۽ تلوارن سان جنگ ڪرڻ واري زماني کان پوءِ، 21هين صدي ۾، اسان جو دفاع سائبر، ڊيجيٽل ۽ معلوماتي جنگ ۾ آهي، ۽ ان ۾ پڻ مضبوط اتحاد ۽ سوچ جي ضرورت آهي.
يوم دفاع 1965 هڪ تاريخي سرهاڻ آهي جنهن ۾ قوم پنهنجي قوت، اتحاد ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته “بنيان مرصوص 2025” مستقبل جو تحفظ آهي، جنهن ۾ نه صرف دفاعي حڪمت عملي، بلڪه نئين چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نئي سوچ، جديد ٽيڪنالاجي ۽ اتحاد جو جذبو ضروري آهي. بنيان مرصوص جي تصور سان، اسان سڀني کي اهو سبق ملندو آهي ته گڏجي ۽ مضبوط ٿي، ڪنهن به ڏکي وقت ۾، اسان پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ فلاح لاءِ اڻ ٽٽ اتحاد سان اڳتي وڌي سگهون ٿا.










