عبدالمجيدبروھي
ھن وقت ھندستان بار بار سنڌ خاس معاھدي کي ٽوڙي رھيو آھي ڪجھ مھينا اڳ پاڪستان جي بھادر فوج ھٿان کيس عبرتناڪ شڪست ملڻ بعد سندس سمورو غرور مٽيء ۾ ملي ويو پاڪستاني بھادر فوج ھڪ ڏينھن ۾ سندس ايشيا تي راڄ ڪرڻ وارو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو پوري دنيا ۾ سندس رسوائي ۽ خواري ٿي سڀني ملڪن جن ۾ سندس ويجھا دوست ملڪ پڻ شامل آھن انھن ھن ڀيري سڄو قصور ڏوھ انڊيا مٿان مڙھيو پاڪ انڊيا جنگ جو قصور وار ھندستان کي قرار ڏنو ويو پوري دنيا ۾ سفارتي سطح تي بلاول ڀٽو زرداري جي سربراھي سفارتي ٽيم ڪاميابيون ماڻيون ۽ دنيا جا تمام ملڪ پاڪستان جي موقف کي درست سمجھيو ۽ انڊيا کي ڪوڙو قرار ڏنائون مودي سرڪار پوري دنيا سميت پنھنجي ملڪ ۾ خواري جي لھر ھيٺ آھي انڊيا وارن کي سنڌ طاس معاھدي ۾ عالمي ثالثي ڪورٽ ورلڊ ڪورٽ ۾ ناڪامي ملي اتي بـ رسوائي نصيب ٿين ھن وقت مودي سرڪار ۽ انجي بزدل ھندستاني فوج ۾ اھا سگھ ناھي رھي تـ اھي سرعام پاڪستان جي بھادر فوج سان آمھون سامھون جنگ ڪري سگھن ان جي ڪري اھي بزدلي وارا ڪم ڪرڻ ۾ لڳي ويا آھن سنڌ طاس معاھدي کي ٽوڙي ڪڏنھن پاڪستان جو پاڻي بند ڪن ٿا ان ۾ ناڪامي بعد ھاڻي جڏنھن کين پاڪستان جي بھادر فوج سان وڙھڻ جي جرئت نـ اٿن تـ اھي ڊڄڻا ۽ بزدل ھن وقت پاڪستان طرف پنھنجو پاڻي بنا ٻڌائڻ جي ڇوڙ ڪري رھيا آھن ھن وقت تائين انڊيا پنھنجي مختلف ڊيمن مان پاڪستان طرف چئن مرحلن ۾ لکين ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو اٿن اھي بزدلي وارا ڪم تـ ڪري رھيا آھن پر ايترا تـ بي حياء آھن جو اھي اڳواٽ پاڪستان کي ٻڌائڻ لاء بـ تيار نـ آھن حالانڪي معاھدي موجب جڏنھن بـ انڊيا وارا پاڪستان طرف پاڻي ڇڏيندا تـ انھن کي اھو پابند ڪيو ويو ھيو تـ اھي سفارتي سطح تي ۽ ٻين ذريعن ذريعي پاڪستان کي ھر صورت ۾ آگاھ ڪندا تـ جيئن پاڪستاني حڪومت ان پاڻي کي سنڌو درياء تائين پھچائڻ لاء اپاء وٺي سگھي ۽ پاڻي جي تباھي کان پاڪستانين کي بچائي سگھن پر ھندستان بنا ڪنھن کي ٻڌائڻ جي ستلج چناب ۽ راوي دريائن ۾ لکين ڪيوسڪ پاڻي ڇڏي رھيو آھي جنھن سان پنجاب جا وڏا ۽ ننڍا شھر ھن وقت ٻڏي چڪا آھن اڃا ڪافي شھر پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي سگھن ٿا پنجاب ۾ حڪومت جتان چاھي بم ھڻي روڊن ۽ بندن کي ٽوڙي پاڻي کي رستو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آھن ھاڻي ان پاڻي جو رخ سنڌو درياء طرف آھي ھاڻي گھڻا ماھر اھو چون ٿا تـ پاڻي پنجاب ۾ ڪافي تباھي مچائي پاڻي ڪافي مقدار پنجاب ۾ ڦھلجي چڪو آھي انجي ڪري پنجند واري مقام تائين ھاڻي وڌ ۾ وڌ ڇھ لک ڪيوسڪ پاڻي پھنجندو ۽ گڊو بئراج تائين سنڌو جو اڳواٽ موجود پاڻي ۽ ھندستان وارو پاڻي ٽول اٺ کان ساڍا اٺ لک ڪيوسڪ پھچڻ جا امڪان آھن ان کان علاوا ڪافي ٻيا بـ فيسبڪي پاڻي جا ماھر ظاھر ٿيا آھن جيڪي پ پ پ جا بلاجواز جا مخالف پڻ آھن اھي ويچارا سنڌ ۾ اڳواٽ ٻوڏ آڻي چڪا آھن پ پ پ کي ڏوھدار بڻائي رھيا آھن تـ اھي پيسن جي خاطر ھر حال ۾ دريا کي ڪٽ ھڻي ٻوڙائيندا رب اھڙن بغض پ پ پ ۾ مبتلا ماڻھن کي سمجھ عطا ڪري ۽ اھي ان نوٽيفڪيشن تي بـ نظر وجھن جيڪو نوٽيفڪيشن سنڌ حڪومت پاران ڪڍيو ويو آھي تـ دريا ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ سبب ڪھڙا ڪھڙا ضلعا متآثر ٿيندا انھن ضلعن ۾ قمبر شھدادڪوٽ ضلع ڪٿي بـ نظر نٿو اچي ان مان صاف ظاھر آھي تـ سنڌو ۾ ايترو پاڻي ايندو جنھن کي سنڌو دريا آساني سان ڪراس ڪري وڃي سنڌوء ۾ ڇوڙ ڪندو باقي اھي ضلعا متاثر ٿيندا جن جا علائقا شھر ڳوٺ سنڌوء جي پيٽ يعني ۾ ڪچي ۾ شمار ٿين ٿا ھاڻي سنڌو ڀريل وھندو تـ پوء لازمي آھي تـ سڄو ڪچو بـ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ سڄي صورتحال کي مانيٽر ڪري رھيو آھي انجي ڪري سنڌ حڪومت پاران اڳواٽ ئي ڪچي وارن ماڻھن کي ٻاھر ڪڍڻ لاء ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي لڏپلاڻ ڪندڙن لاء ڪئمپون قائم ڪيو ويون آھن سنڌ حڪومت متاثرين جي سھولت لاء اسڪول ۽ ٻيون سرڪاري عمارتون متاثرين جي لاء ڪيمپن ۾ تبديل ڪيون ويون آھن سنڌ حڪومت ھر قسم جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء تياريون ڪري ورتيون آھن ھاڻي انھن ويچارن کي ڪير سمجھائي جيڪي صبح سان اٿي پ پ پ خلاف پوسٽ رکي نيرن ڪن ٿا ۽ رات جو آخري پوسٽ بـ پ پ پ خلاف پوسٽ رکي پيٽ جو سور ختم ڪن ٿا انھن کي اھو ڪير سمجھائي تـ پنجاب ۾ ٻوڏ سبب پنجاب تباھ آھي باقي اھو سمورو پاڻي جيڪو سنڌ طرف اچي پيو اھو پاڻي جيڪڏنھن سنڌو جي پيٽ ۾ ماپڻ کان مقدار ۾ ڪافي وڌيڪ پھچندو تـ پوء پ پ پ ھجي يا ٻئي ڪا حڪومت ھجي ان پاڻي کي زوري سنڌوء جي پيٽ ۾ رکي نٿو سگھي باقي سنڌ حڪومت ھن وقت بندن جي مرمت جو ڪم ڪافي بھتر نموني ڪيو آھي پنج کان ڇھ فٽ سنڌوء جا بند مٿي ڪري وڏن وڏن پٿرن سان پچنگ ڪري مضبوط ڪيا آھن سنڌوء جا بند جيڪي دوست مخالفت پيا ڪن اھي دوست وڃي گڊو کان وزٽ شروع ڪن سنڌوء جي بندن جو ۽ سکر کان عاقل جي بندن تي اچي ڏسن تـ سنڌ حڪومت الرٽ آھي يا نـ سنڌ حڪومت بندن جو ڪم بھتر کان بھتر نموني سان ڪيو آھي يا نـ باقي ٽچ موبائل کڻي ماھر بڻجي سنڌ حڪومت کي نااھل چوڻ سان ڪجھ نـ ورندو










