عبدالقادر لاشاري
ڳالهين جي حد تائين ته گهڻو ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو آهي پر عملي طور رزلت اها آهي ته عام واهپي جي جنهن به شئي ۾ هٿ وڌو وڃي ٿو ته اها باهه جي شعلن جيان ساڙڻ لاءِ ڀڙڪا کائي رهي آهي عام مهينن ۾ ته مهانگائي ڪنٽرول کان ٻاهر هجي ٿي پر رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ به اهل ايمان وارا ڪاروباري دوست باقي يارنهن مهينن جي آمدني جو منافعو ڪڍڻ لاءِ وسان ناهن گهٽائيندا انهي ڪري رمضان المبارڪ جو مهينو شروع ٿيڻ سان هر عام واهپي جي شئي کي هوا ۾ اڏامڻ لاءِ پر لڳي ويندا آهن جنهن کي وڻي اهو پنهنجي حساب سان شين کي وڪرو ڪري مطلب ته نڪا جهل نڪا پل هر ڪا پسي پرين کي واري ڪار ڪئي پئي وڃي حڪمران خيرن سان ٻين عام مهينن جي ڀيٽ ۾ غريب عوام جي دردن ، مجبورين کي سامهون رکي هن مهيني ۾ مهانگائي تي ضابطي لاءِ اجلاسن جي حد تائين ضرور سجاڳ ٿين ٿا جيئن ڀلاري مهيني جي شرف کان پوئتي نه رهجي، انهي ڪري وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪنٽرول پرائس بابت اجلاس ڪوٺايو ويو ۽ اجلاس دوران مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ کنڊ جو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم به جاري ڪيو ويو آهي پر انهي تي عمل ڪير ڪرائي اهو سوال پنهنجي جاءِ تي هميشه رهيو آهي ۽ رهندو اچي ، ضلعي ليول تي به ڊپٽي ڪمشنرن پاران اجلاس گهرائي اسسٽنت ڪمشنرن مختيارڪارن کي هدايتون جاري ڪندي خانه پوري ڪئي پئي وڃي ۽ هر حال ۾ هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻن لاءِ غور ويچار ڪيا پيا وڃن ته جيئن واپارين، ڊيلرن، دڪاندارن کي يادگيري ڏيارجي ته هن برڪتن ڀري مهيني ۾ ثواب جي نيت سان حصو ضرور شامل ڪيو وڃي، انهي جي ڪري ئي ته اجلاس مهانگائي تي ضابطي لاءِ ڪوٺايا وڃن ٿا پر ٿي انهي جي بلڪل ابتڙ رهيو آهي، عام ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪا شئي سئو رپين ۾ ملي رهي هئي ته اها هن ڀلاري مهيني جي برڪتن سان ڏيڍ سئو کان ٻه سئو رپين تائين پهچي چڪي آهي انهي ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هي رحمتن برڪتن بخشش وارو مهينو ضرور آهي پر ذخيره اندوزن، واپارين، دڪاندارن لاءِ ڪمائي جو به سٺو ذريعو آهي ان ڪري جنهن کي وڻي عوام جي ابتي کل لاهيندو رهي ۽ چيڪ اينڊ بئلنس اهو آهي جو رڳي اجلاسن جي حد تائين ڪم ٺيڪ هلي رهيو آهي باقي مارڪيٽن ۾ جنهن کي وڻي اهو پنهنجي حساب سان شين جو وڪرو ڪندو رهي ، باقي حڪمران ته دعوائون ڪندي نه پيا گهٽائين ته مهانگائي چاليهه سيڪڙو مان گهٽ ٿي ٽي سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي ، ٻين شين کان هٽي رڳي کنڊ جي قيمت تي نظر وجهون ٿا ته جيڪا عام ڏينهن ۾ 130 کان 140 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي هئي اها ميڊيا جي رپورٽن موجب ڏيڍ سئو کان 160 رپيا ڪلو تائين پهچي چڪي آهي انهي مان ئي هر شئي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مهانگائي ڪيتري گهٽ ٿي آهي ۽ حڪمرانن جي ڳالهين ۾ ڪيتري سچائي نظر اچي رهي آهي وري افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته هي ڳالهيون حڪمران وڏي فخر سان چئي وڃن ٿا ۽ انهن کي ذري برابر به گهٻراهٽ نه ٿي ٿئي ته جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيون انهي جو چوٿون حصو به عملي طور نه ٿي رهيو آهي ، تازو ايران جي حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي ناڻي واري وزير کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، عوام دوست حڪومت انهي کي چيو ويندو آهي جيڪا پنهنجي غريب عوام لاءِ پنهنجي وزيرن مشيرن کي عهدن تان هٽئي ڇڏي ٿي، ايراني پارليامينٽ مهانگائي تي ضابطو نه ڪرڻ تي ايران جي ناڻي واري وزير خلاف مواخذي جي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 173 ووٽن مان 182 ميمبرن ناڻي واري وزير جي خلاف پنهنجو ووٽ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ناڻي واري وزير کي هٽايو ويو انهي کي ڪامياب رياست چئبو آهي جيڪا عوام جي درد کي سمجهي، جڏهن ته ايران جي صدر انهي ڳالهه کي ايستائين به ختم نه ڪيو آهي هن اها به ڳالهه واضع ڪئي ته ملڪ جي معاشي حالتن جي ذميواري ڪنهن هڪ شخص تي نٿي وجهي سگهجي انهي جو مطلب ته ٻين کي به مهانگائي تي ضابطو نه اچڻ تي اڃان وڌيڪ احتساب مان گذرڻو پوندو، اسان وٽ اهڙي حڪومت جو تصور ڪرڻ لاءِ به اڃان الائي ڪيترو عرصو لڳندو هتي ته جيئن حڪمران مهانگائي تي ضبطي لاءِ اجلاس ڪوٺائين ٿا تيئن عام واهپي جي شين جي اگهن کي ٻيڻو ڪري عوام جو رت چوسڻ جي پروگرام کي هٿي ڏني وڃي ٿي ۽ حڪمرانن جي زبانن تي اهو ئي ذڪر رهي ٿو ته مهانگائي ڪنٽرول ۾ اچي چڪي آهي اهو ته ڏهاڙي ڪمائي آڻين ۽ چاڙهين وارن پورهيتن کان پڇيو وڃي ته مهانگائي تي ڪيترو ڪنٽرول ٿيو آهي جيڪي پنهنجن ٻچڙن کي پيٽ ڀري ٻن وقتن جوکاڌو کارائڻ لاءِ نه ڄاڻ ڪيترائي ڪشالا ڪاٽين ٿا اسان وٽ ته مافيا پنهنجو راڄ قائم ڪري ورتو آهي جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ وس کان ٻاهر نظر اچي رهيو آهي،دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هن ڀلاري مهيني ۾ خاص طور رعايتي بازارون لڳائي اسٽال قائم ڪري عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو پر اسان وٽ جيڪڏهن ڪا نالي ماتر سستي بازار لڳائي به وئي ته اتي وري شين جو ريشو نه هئڻ برابر ڪري شين جي شاٽيج جو بهانو بڻائي غريب ماڻهن کي وري به مافيا جي ور چاڙهي کين ٻچڙن جي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءَ پاڻ مٿان قرضن جي ڪوٽن ۾ وڪوڙيو وڃي ٿو، چپن کان هٽي ڪري حڪمرانن جي دلين ۾ عوام جي لاءِ همدردي ڪڏهن جاڳندي جنهن سان هر هنڌ ويٺل مافائن جي پڪڙ ٿئي ۽ ملڪ جي غريب طبقي کي حقيقي رليف ملي پوي، اسان جي حاڪم وقت کان اها التجا آهي ته صرف ڊرائينگ رومن ۾ ويهي اجلاس ڪوٺائڻ سان ڪڏهن به حالتون بهتري طرف نٿيون اچي سگهن انهي لاءِ ڪي ڪٺن فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪڏهن غريب، مظلوم ۽ مسڪين طبقي کي تڪليفن پريشانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي نيت آهي ته بيڊروم جي اجلاسن مان نڪري ڪي ڪارائتا قدم کڻي مهانگائي جي ماريل عوام کي لاءَ مافيا جي نڙي تي لت ڏيڻي پوندي پوءِ انهي لاءِ ڇونه ايران جي حڪومت جهڙا قدم کڻڻاپون، باقي بيانن سان نه مهانگائي تي ضابطو اچي سگهي ٿو نه ئي غريب عوام جي دردن جو درمان ٿي سگهندو.










