سنڌو سڀيتا جو ڏڻ ڇو ٿا ملهايون؟

سنڌو سڀيتا جو ڏڻ ڇو ٿا ملهايون؟

عبداش پنهور

سنڌ سموري سنسار ۾ پنهنجي آڳاٽن عالمي اهڃاڻن سان سُڃاتي وڃي ٿي جنهن کي سڀيتا سڏبو آهي لکت ۾ اها سڀيتا ويڌن جي وقت کان ليکي ۽پڙهي ويندي آهي  رگ ويڌ جهڙو صديون پراڻو ۽آڳاٽو ڪتاب سنڌو ڪناري لکيو ويو آهي ويڌ لکڻ واري سنڌي لوڪ جي ڏاهپ جو اهو عالمي مٿالي اهڃاڻ آهي تنهن دور ۾ سنڌي لوڪ وٽ پنهنجي پالڻهار جو ڏاتار جو سڄڻ سائين جو اکر ۽وکر موجود هو هي ڳالهه تنهن  دور جي آهي جڏهن عرب معاشري ۾ رب العالمين جو به تصور نه هو،ڇاڪاڻ ته فرعون جو درو هجي يا وري نمرود جو دور هجي اهي زمانا به آڳاٽا ليکيا ويندا آهن پر اها سوين سالن جي ڪٿا آهي سنڌو سڀيتا هزارين سالن جي ڪٿارکي ٿي هن ڏاتار جي ديا سان ڏيهه ڏولاهن مان ڪڏهن ته لازمي نڪري پار پوندو، سنڌ جي هڪ شاعر جي چواڻي “نيٺ ته کٽڻي آهي رات” بس اها ديا آهي ته جنهن ڳالهه جو ڳانڍاپو سنڌو سبيتا سان نيهن ۽ نُنهن جڙيل آهي ته جيئن چيو لاکيڻي لطيف “سني سئي سبيو سين مون من ماروسين” اها ديا ڌرتي لوڪ جي صدين کان ٻاڏائڻ واري ٻانگ رهي آهي، ارڏو انساني آواز به آهي ته “ڏي ڏاتار جيڪو ڏيئي نه پچاري” سنڌ سميت سموري سنسار ۾ سنڌو سڀيتا جي انهيءَ تاريخي آواز جو پڙاڏو سنڌ جو اهو جت بڻيو جنهن کي اڄوڪا سياسي مخالف حڪمراني جي صف ۾ ڪرپٽ آصف علي زرداري سڏيندا آهن. اهڙو طعنو لوڪ پچار پاڻ پچائيندي سنڌي لباس ۾ جڏهن ننگر هار ۽ ڪنڌهار کان پري قابل پهتو تڏهن مٿس اها چٿرسنڌو سڀيتا جي تاريخ ۾ پڙاڏو سوئي سڏ بڻجي لوڪ نروار ٿي. هڪڙي سڄڻ ڪاڻ سٺاسين لوڪ جا طعنا نفعي جون سڀ حدون پار ڪري اهو جت زرداري سنڌو سڀيتا لاءِ سڀاڻي جو سڀاڳ بڻجي ويو. ڇاڪاڻ ته سنڌو سڀيتا سنڌي ماڻهن لاءِ سموري سنسار ۾ مهان مان ۽ شان جو رتبو رکندڙ سڀيتا آهي، دنيا ۾ سنڌ ايجادن جي ماءُ آهي. سموري سنسار ۾ سر زمين سنڌ جي لوڪ ڪڏهن به پنهنجو پاڙو نه رنجايو آهي. ڪنهن ساڙ سڙيئي پاڙيسري کونس به ڪئي ته ان کي تاريخ ۾ سيکت ملي آهي، سنڌ جو اهو جت تاريخ ۾ به جتن ڪندڙ رهيو آهي، جت اڙانگا پنڌ پاڻ پيرين اگهاڙي پار ڪري اُٺ جي مهار سنڀالي مسافر کي ماڳ تي پهچائيندو آهي، سنڌو سڀيتا جو هاڻوڪو سنهيو پنهنجي سبق ۽ پرچار ۾ نالي آصف علي زرداري قبيلو جت سبب بڻيو آهي. ڇو ته ان تي چٿر ٿي.

سنڌو سڀيتا کي جديد تاريخ ۾ سموري سنسار سان انهيءَ جت جوڙي تاريخ لکي ڇڏي آهي، ڪير مڃي  ڪير نه مڃي. اهڙي قسم جي مڃتا جي ان کي ڪابه پرواهه ڪڏهن به ناهي رهي. ڇاڪاڻ ته هو سنڌي جت آهي. اهو جت جنهن صدين جا سفر طئه ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي ماڻهو ئي ڏاتار جي ڏنل ڏيهه جو لوڪ آهي، جنهن گڏهه کي لغام ڏنو، جنهن گهوڙي کي لغار ڏنو، جنهن مست اُٺ کي نڪ ۾ ناڪيلي/ نٿ وڌي، جنهن ڏات ڏاند کي نٿ لڳي، مست اُٺ کي مهار ۾ اهڙو عمل ڪو چرچو ناهي.

ڍڳن لاءِ جهلُ، اُٺ لاءِ پاکڙو، گهوڙي لاءِ سنج، گڏهه جا آٿر ڏسڻ سان هنر جي ڪمال جو عقل حيران ٿي پوندو آهي. رڳو اها ڳالهه ناهي پر اها ڏاند گاڏي جو سمورو سينگار ۽ ٽانگي سواري جو سينگار به سڀيتا جو مثال آهي. انهن جانورن تي انسان ڪيئن ضابطو آندو. خاص ڪري سنڌي لوڪ ڪيئن پهل ڪئي. اها پچار ننڍي کنڊ جي وڏي سنڌي ليکڪ ڪاڪي ڀيرو مل پنهنجي ڪتاب ۾ آڻي ڇڏي آهي. ڀلي اڀياس ڪيو، تجربو ڪيو پر انهن جانورن جي مستي ۽ هستي کي ڏورڻو ڏيڻ جو ڪمال پنهنجي سائنسي سوچ جي آڌار تي سنسار ۾ پهريون مثال سنڌ ڌرتي جي لوڪ جو قائم ڪيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڳالهه تنهن وقت جي آهي، جڏهن سائنسدان نه بلب ايجاد ڪيو هو، نه ريڊيو ايجاد ڪيو هو، نه فون ايجاد ڪيو هو. نه جهازايجاد ڪيو هو. انهن ايجادن کان به صديون اڳي هن ڌرتي جي لوڪ ڦيٿو ايجاد ڪيو. رياست جو سڪو ايجاد ڪيو. رياست جو مونو گرام ايجاد ڪيو. گهوٻو ايجاد ڪيو. پورهيت پنهوار جي روزگار جو وسيلو ڪهاڙي ايجاد ڪئي، کهيڙو ۽ ڏانٽو ٽيانگ سميت زرعي اوزار ايجاد ڪندڙ سنڌي قوم سموري سنسار ۾ انهن ايجادن جي ماءُ آهي. تڏهن پهاڪو ٺهيو، جنهن جا اڇڻ ڀلا تنهن جا لڇڻ ڀلا.

مٺڙا! سنڌي ٻولي ۾ مٺاس تمام وڏو رتبو رکي ٿي، ماکي ۽ مکڻ مٺاس جهڙيون عالمي علامتون آهن، جيڪي اڄ به واڌايون خوشيون ميڙ ميڙاڪن ۾ مهان مڃتا ماڻين ٿيون. جيڪي سنڌي انسان لاءِ ڳولي ڳالهه لفظ مٺڙا کي پريت پيار پچار جو سبب بڻائي ڇڏيو آهي. ڀلا جنهن انسان ماکي مکڻ جو رس پهريون ڀيرو جديد سائنسي ٻولي ۾ ڪيميائي ايجاد/ ذائقو تجربو ۽ مشاهدو ڪيو. لوڪ آڏو ماکي مکڻ جو مٺڙو رس/ ذائقو سنسار ۾ پڌرو ڪيو ڇا اها گهٽ ڳالهه آهي. سنڌو سڀيتا صدين جا اهي سفر تاريخ ۾ طئي ڪيا آهن، جتان سموري سنسار جي انسان ذات لاءِ نه صرف جياپي جا عالمي اهنڃاڻ ايجاد ٿيا پر ساهدارن گهريلو جانور پالڻ کان جهنگي جيوت، پاڻي جي مڇي ۽ پلو واڳون کان نانگ بلائن تائين حوانيات کي ۽ ان قسم جي حياتيات کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي کاڌي کان دوا تائين استعمال ڪرڻ جو شاندار مشاهدو ڪندڙ هي لوڪ آهي. هي حياتيات ڪهڙي به هجي انسانيت لاءِ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ فائديمند آهي، ڏاتار ڏنل ڏيهه سنڌ سموري پورهيت پنهوارن ماروئڙن، سانگيئڙن، ڌنارن، ڪنڀارن، هارين، نارين، لوهارن پاران لوچي لوچي سونارن تائين سون ورني ڌرتي کي سينگارڻ ۾ جيڪو جڳت ۾ هن ڀومي جي ڀوپي جوڳي بڻجي ڀڳتي ڀومي کي جيڪا مهانتا ۽ مڃتا ارپي آهي، اها سنڌو سڀيتا صدين جو سفر ڪري اڄوڪي لوڪ اڳيان آهي ته هي پورهيو انسانيت جو گڏيل پورهيو آهي، جيڪو هن ڌرتي لوڪ لوچي لڌو آهي، عمل سان حاصل ڪيو آهي. دليل ڪو غلط هوندو آهي ته اڀياس ڪرڻ ايندڙ نسل جو دائمي حق آهي، ان لاءِ سنڌو سڀيتا کي سمجهڻ تمام ضروري آهي.

سڄڻا! حيران ڪندڙ ڪجهه حقيقتون آهن، پريشان ڪندڙ ڪجهه سوال آهن، ڪجهه ماڻهو ڄاڻي واڻي، ته ڪي وري سازشي انداز سان ڌارين جي دليلن جي آڌار تي سنڌو سڀيتا کي سنسار جي ڪنهن نه ڪنهن ڌرم سان اجائي ڀيٽ ڪرائي، عجيب قسم جون حيران ڪندڙ ڳالهيون ڪندا آهن، انهن کي ڪير سمجهائي ته دنيا ۾ جيڪي به ڌرم اهي پنهنجي پرچارڪ جي انداز سان ڏاتار در ٻاڏائين ٿا. پر سنڌ ڌرتي جو لوڪ  آڳاٽي زماني کان ڏاتار جي وصف مطلب ته وحدانيت جو فڪري دليل پاڻ ارپي چڪيو آهي، جنهن جو مثال سنڌو سڀيتا مان ملي ٿو. سنڌي ٻولي ۽ هن ڌرتي جو لوڪ اهڙي سڀيتا رکي ٿو جيڪا سنسار ۾ ڏاتار جو ڏنل تحفو آهي، هن ڌرتي جو لوڪ ڏاتار کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پنهنجو سڄڻ به سمجهندو آهي، اهو ڏاتار جنهن کي سنڌي پالڻهار به سمجهندا آهن، اهو ڏاتار جنهن کي سنڌي سٻاجھو سائين به مڃيندا آهن، اها ڪا ڊاڙ ناهي، اها ڪا لٻاڙ ناهي پر ڪل ڪائنات/سموري سنسار لاءِ ثابتي وارو لکت ۾ دليل نه پر سنڌو سڀيتا جو فيصلو آهي، وحدانيت جو اهڙو سٻاجهڙو سائين سمورن انسانن جو ڇا پر سموري حيوانيات ۽ سموري دنيا جي دليلن جو مرڪزي نقطو آهي، جنهن کي عربي ٻولي ۾ رب العالمين سڏو ويندو آهي.

سنڌين تڏهن اهو سٻاجهو سڄڻ سڃاتو جڏهن انساني رتبي کي سمجهيو. پکي، جانور ۽ جيت سميت هر ساهدار کي سمجهيوته سڀني جو سڄڻ هڪڙو ئي آهي، هي تڏهوڪي ڳالهه آهي، جڏهن لکت ۾ زمانا ئي ظهور ڄاڻايل آسماني ڪتاب هن سر زمين جي لوڪ لاءِ پڌرا نه ٿيا هئا. ۽ صديون اڳ جي ڳالهه آهي، اهڙو اقرار سنڌو سڀيتا جي لوڪ وٽ سٻاجهو سائين وحدانيت جو اهو اقرار مخلوق خلق مڃيندڙن ۾ شامل هو ته  پالڻهار ٻاجھارو پنهنجي پناهه ۾ رکي، خرابين کان بچائي، سڀئي گڻ ان جا آهن، جيڪو جڳت لاءِ سک جو داتا آهي ۽ جڳت جو پالڻهار آهي، پاپ ڪٽڻ لاءِ انسان کي اهو ئي پالڻهار بچائي سگهي ٿو. اهو ئي سٻاجهو سائين چڱائي جو رستو ڏيکاري ڀلائي ڪري سگهي ٿو. آهيون سڀ تنهنجي آڌار او سڄڻان سٻاجها سائين! سنڌو سڀيتا انهي ويدن جو نانءُ آهي جيڪا لکت ۾ رڳ ويد ڪتاب جي تاريخ سان جڙي ٿي، سنڌو جو لوڪ ٻولي جو لهجو ڪوهين پنڌ پري هجڻ سبب مٽ سٽ ته بڻجي سگهي ٿو پر ويڇ ڦريل ناهي، جنهن کي ويڇ ٽڙيل به چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌو سڀيتا جي لوڪ جي سائنسي سڃاڻپ آهي، ته هن وٽ ڳالهائڻ جو  ڍنگ آهي، جتان جياپي جا بهتر عالمي اهڃاڻ ملن ٿا.  سنڌو سڀيتا جي لوڪ جي چپن جي چرپر سموري سنسار ۾ هنن کي پڌرو ڪري ٿي، جڏهن هن ڌرتي جو لوڪ ڳالهائيندو آهي، تڏهن سندس لبڙا، چپڙا آمهون سامهون پاڻ ۾ مخاطب ٿيندا آهن. اڄوڪي زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي ويڇ ڦريل آهي ان جو مطلب اهو آهي ته انساني نسل ۾ ڪو ٻيو رت/رشتو شامل ٿيو آهي. سينو تاڻي هلڻ به سنڌو لوڪ جي سائنس آهي. ڇاڪاڻ ته ان کي رڳو وڏائي ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، توهان پاڻ مشاهدو ڪيو، جڏهن سينو تاڻي هلو ٿا تڏهن توهان جي نظر پري تائين پهچي وڃي ٿي، ان جو هڪڙو مطلب اهو به آهي ته اهڙو انسان رڳو پيرن جي وک تي نٿو ڀاڙي ته ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي ڪياڙي مهاٽي صرف پنهنجي پيرن کي ڏسي، هو اهو لوڪ لقاءَ به ڏسڻ ٿو چاهي جتي پير  ڀلي نه پهچن پر اک جو وک سينو تاڻي ان چيل ڀڳل ماڻهو کان اڳ پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آهي، اها ڀاشا سنڌو سڀيتا جي آهي. سنڌ ڌرتي جو لوڪ هن مهراڻ جي مٽي جو ماڻهو سنسار جي ساهدار کي جنهن رنگ ۾ ڏسي ٿو تنهن سان پيار ڪري ٿو پکي سان پيار ڪري ٿو ته جانورن سان پيار ڪري ٿو،انسانيت لاءِ وڏا وکر رکي ٿو“متان هڻينس ميڄالي واري، سڌي نه رکجانس،بس صرف  سکڻي سيکت ڏيئي ڇڏينس” مطلب ته دشمن کي به جياپي جو هڪڙو موقعو فراهم ڪري ٿو ته متان سڌري وڃي اها سنڌڌرتي جي سکيت ئي آهي جنهن سنسار ۾ عالمي اصول برپا ڪري ڇڏيا آهن،دنيا جي اڄوڪي دور ۾ جيڪي عالمي اصول وارا جنگي قيدين لاءِ قانون جڙيل اهن انهن اصولن جا باني به اسان سنڌي آهيون سنڌوسڀيتا مان اهڙي انساني اهڃاڻ ملن ٿا ته جيڪو وچارو باندي ٿي پيو آهي تنهن سان ڪهڙو جهيڙو،اهوسنڌوسڀيتا مان لڪاءُ ملي ٿو ته جيڪڏهن ڪتو به پناهه گهري ٿو ته ان ساهدار کي نه ماريو ويندو آهي لڳي شرط ته اهو ڪتو وفادار ثابت پڻ ٿي پوندو آهي،جيڪو انساني پناهه ۾ اچي ويندو آهي ،اها سنڌو سڀيتا آهي ته نياڻي ميڙ تي سنڌي ماڻهو خوني جهيڙا ختم ڪري ڇڏيندا آهن،دشمن در لنگهي اچي ته ماضي جا سڀ پلاند معاف ڪيا ويندا آهن،اها سنڌو سڀيتا آهي جنهن وٽ عالمي اهڃاڻ وارا جياپي جا سبب آهن ريتون آهن، رسمون آهن،سماجي سُڌ آهي ڏاهپ آهي عقل آهي ،ڏاتار جو ڏنل ڏيهه سموري صدين واري سفر ۾ هن ڌرتي لوڪ پنهنجو پورهيو ڪيوآهي ڪنهن تي به ڪاهه نه ڪئي آهي ڪنهن به پاڙو نه رنجايو آهي جيڪڏهن ڪنهن پاڙيسري کونس ڪئي به هوندي ته انهي کي سبق ملي ويو هوندو،مورپکي جي لوڪ جو هي ديس آهي جتان جياپي جي سموري سنسار لاءِ سوچ جا سنڌو ويڌ ويچارجن ٿا ڇاڪاڻ ته اهائي سنڌ سنڌو سڀيتا آهي سڀ گڏجي چئون ته انهي سنڌو سڀيتا سان اسان سڀ عشق ڪيون ٿا پيار ڪيون ٿا محبت ڪيون ٿا سنڌي آهيون لوڪ ملهائڻ وارا انسان آهيون انسانيت ئي اسان جو ڀرم رهي آهي ڇو ته هي ڀڳتي ڀومي جڳتي جوڳي لوڪ جي ڌرتي آهي جُڳ جوڳ جييو صدين کان صدين تائين پلهه پلهه پڪاريون سنڌو سڀيتا مهان آهي،مڃتا سندس شان آهي سموري سنسار جي سڀاڳ آهي رڳو آڳاتو وقت نه هاڻ به ته ايندڙ سڀاڻي لاءِ اهوئي اکر ۽وکر آهي ته سنڌسلامت سڀيتا سلامت رهندي قائم ۽ دائم رهندي سنڌو سڀيتا ته پوءِ سڀاڻي نڪري پئوپنهنجي ڌرتي پنهنجي ثقافتي ڏڻ کي وڏي شان ۽مهان مان سان ملهائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ڏيو وري سموري سنسار کي سڀاڳو سڏ ته سنڌوسڀيتا عالمي انسانيت جو اهڃاڻ آهي هي ويس وڳا ۽ڀرپورجذبا محبتن جي ميلا ملهائڻ وارا ڪروڙين سنڌي هڪ ثقافت ۾ هڪ آواز ۾ چئوسڀئي جيئي سنڌ،وسي سنڌ، آباد رهي سنڌ.سموروسنسار سُک ماڻي سنڌو وهندو رهي ڇاڪاڻ ته سنڌو پنهنجو ساهه آهي جنهن سان سنڌو سڀيتا واڳيل آهي اها سڀيتا سنڌوساڻ سرهاڻ رهي ڌرتي لوڪ جي اڻ ڳڻيل ڪروڙين قربدارن جي اکر ۽وکر سان سنڌو سڀيتا سان آهي وچن سنڌو سلامت سنڌ سلامت،   

پهنجو تبصرو موڪليو