احتجاجي تحريڪ ۽ پي ٽي آئي جو زوال

احتجاجي تحريڪ ۽ پي ٽي آئي جو زوال

نديم علي خواجه
جمهوريت۾ احتجاج هر ڪنهن جو حق آھي، ڇوته احتجاج ڪرڻ سان ئي ماڻهون يا سياسي پارٽي پنهنجو موقف سامهون رکي سگهي ٿي، ته جيئن حڪمرانن کي مسئلا حل ڪرڻ بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ احتجاج ڪرڻ ۾ هن وقت هر سياسي پارٽي کان اڳتي آھي، سندن اڳواڻ  ۽ سابق وزير اعظم پاڪستان محترم عمران خان ھن وقت جيل ۾ آھي، سندس خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آھن ۽ ملڪ جي مختلف ڪورٽن ۾ زير سمايت آھن، هن وقت به پاڪستان تحريڪ انصاف وفاق ۾ مخالف پارٽي جو ڪردار ادا ڪري رهي آھي، جڏهن ته خيبر پختونخواھ صوبي ۾ مضبوط حڪومت جو ڪردار ادا ڪري رهي آھي، پڍڪستان جو واحد صوبو خيبر پختونخواھ صوبي جي عوام هر اليڪشن ۾ نئين قيادت کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏيندي آھي، ته جيئن اقتدار ۾ اچي سندن بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن، هن صوبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ نواز، نيشنل عوامي پارٽي کي پڻ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي چڪو آھن، انهي ۾ ڪوب شڪ نه آھي ته انهن سياسي پارٽين صوبي خيبر پختونخواھ جي عوام جي بهتر خدمت ڪئي آھي، پر گذريل اليڪشن ۽ موجده جنرل اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آھي، جيئن اسان وٽ صوبي سنڌ ۾ هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪٽريت سان ڪاميابي حاصل ڪري اقتدار تي رهي آهي، ڪجھ وقت اهڙو به آيو جو پيپلز پارٽي کي اقتدار کان محروم ٿيئڻو پيو، ۽ پيپلز پارٽي جي مخالف پارٽي کي سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو موقعو مليو، پر شايد عوام اهڙي پارٽين مان مطئمن نه ٿي سگهي جنهن ڪري پيپلز پارٽي کي اقتدار حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪو اڃان تائين برقرار آھي، سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ پڻ پيپلز پارٽي اڪٽريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي آھي، هن وقت سنڌ ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿي رهيا آھن، تنهن موضوع تي في الحال نٿا لکون، ڇوته هن وقت موضوع خيبر پختونخواھ آھي، صوبي خيبر پختونخواھ ۾ هن وقت ضمني بلدياتي چونڊون ٿيون، هڪ رپورٽ موجب انهن چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اها اڪثريت حاصل ٿي نه سگهي آھي، جنهن جي هو دعوه ڪري رهي هئي، چيو پيو وڃي ته انهن چونڊن ۾ انهن ميمبرن اڪٽريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، جيڪي آزاد حيثيت سان چونڊ وڙھي رهيا هئا، هڪ سياسي تجزيه نگار جو چوڻ آھي ته بلدياتي چڳنڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو اڪثريت سان هارائڻ تحريڪ انصاف لاء بهتر نه آھي، ڪجھ سياسي حلقن جو اهو به خيال آھي ته صوبي ۾ ترقياتي ڪمن کي اهميت نه پئي ڏني وڃي، روزانو جي احتجاج عوام کي مايوس ڪري رهي آھي، صوبي جي عوام انهي ڪري پنهنجا من پسند ميمبر چونڊيا ته جيئن روزگار سميت سندن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي سگهن، خاص ڪري صوبي جي سياحتي علائقن ۾ روڊ ۽ رستا تعمير ٿي سگهن، ته جيئن ملڪ جي عوام وڌ کان وڌ انهن سياحتي علائقن جو رخ ڪري، ڇوته انهن علائقن ۾ غربت تمام گهڻي آھي، جيڪڏهن پاڪستاني عوام سميت ٻين ملڪن جا سياح انهن خوبصورت علائقن ۽ واڌين جو رخ ڪندا ته مقامي ماڻهن لاء روزگار جا دروازا کلي ويندا، پر انهن علائقن ۾ ويندي به خوف پيو ٿيندو آھي، ڇوته تيز بارشن سبب روڊن جي مرمت نه هجڻ برابر آھي، بلدياتي چونڊن ۾ عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۽ صوبائي قيادت کي به چڱي طرح خبر آھي ته اها شڪست اسان جي لاء هڪ اشارو آھي، هن صوبي جي عوام احتجاجي سياست بدران ترقياتي ڪمن جي سياست کي ترجيع ڏيئڻ پسند ڪري ٿي، جيڪڏهن صوبي ۾ ترقياتي ڪمن کي هنگامي بنيادن تي شروع نه ڪيو ويو ته يقينن صوبي خيبرپختونخاھ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياست مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي، اهو نقصان نه صرف صوبي کي ٿيندو،
پر وفاق ۾ پڻ تحريڪ انصاف لاء هڪ وڏي چيلنج پيدا ٿي ويندو، اڳتي هلي پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيڪا قيادت جيل ۾ آھي، تنهن جي آزادي ۾ به رڪاوٽون پيدا ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو