موت جو راڪاس، قهر جي برسات ۽ زمين قبرستان

موت جو راڪاس، قهر جي برسات ۽ زمين قبرستان

طفيل مگسي
نيٺ ويچارا مظلوم.و محڪوم.فلسطيني وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟سندن جي اکيان لامارا ڏيندڙ موت جو راڪاس ته پٺيان وري وڏي اونهي کاهي.آسمان کان قهر جي وسندڙ تيز برسات ۽ ڌرتي قبرستان ۾ تبديل ٿي چڪي آھي..بمن جي قهر واري تيز وسندڙ برسات هڪ پاسي کين کي اجل جو شڪار بڻائي رهي آھي ته ٻيئي پاسي کان هن کي قيامت جو سامهون پڻ آھي.دوا ۽ علاج جيڪڏھن کين کي ملي به ٿو ته بس فقط موت واري ناچ جي صورت ۾ .سينڪڙين بي موت ماريا ويا آھن ۽ اڃابه ماريا وڃن پيا.هينئر ڪن ته ويچارا ڇا ڪن؟شايد عرب حڪومتون سندن ڪجه مدد ڪن .ليڪن اهي ته امريڪا بهادر ۽ اسراميل جا ڀوڄيندڙ آھن.سي سندن جي ڪهڙي ۽ ڇو مدد ڪندا.؛؛؟انهيء اوسيڙي ۾ آھن ته متان ڪنهن پاسي کان رحم جي ڪا برسات نصيب ٿين.ليڪن ان برسات جو ته ڪو آسرو ئي ڏيک نٿو ڏين.اي ڪائناتت جا مالڪ رب تون نهايت ڪارساز آھين تون ئي انهن هيڻن.مظمومن ۽ محڪومن جي مدد ڪر؛؛؛مگر اتي به الائي ڇو خاموشي آھي.مقد ته موت .موت ۽ موت ئي.مگر اهو به هڪ ٻن ڏينهن جو مامرو هجي ته مقدر سمجهي صبر ڪري ڇڏين.ليڪن هتي ته اهو روز جو سودو آھي؛؛؛
ها،فلسطيني جيڪي ويچارا1948ع کان هينئر تائين موت جي ئي قرباني ڏيندا اچي رهيا آھن يعني ساڻن سان ٿيو ائين ته پهرين جنگ عظيم جي خاتمي کانپوء جڏھن عالمي سياست پنهنجو الڳ ڍنگ اختيار ڪيو ته ان وقت برطانيه جي وزيراعظم ونسٽن چرچل جي وزير بالفرڊ يهودين جي لاء ھڪ رياست قائم ڪرڻ جو مسودو پيش ڪيو.جنهن کي چرچل اکيون بند ڪري قبول ڪري ورتو.ان جو نانء بالفر ريزوميوشن پئجي ويو.ڳاله آئي ۽ ٿي وئي.الله الله خير صلا.ليڪن قسمت جا ماريل اهي يهودي ڪجه ئي سالن ۾ سموري دنيا تي عالمي جنگ جي شڪل ۾ نئين قيامت جي وري چڙھي ويا يعني ٿيو ائين ته جرمني جي بدمست حاڪم هٽلر کي دنيا فتح ڪرڻ جو جنون جاڳيو ۽ ٻي جنگ عظيم شروع ٿي سموري دنيا جي ڊپ.خوف ۽ دهشت کان ڪنبي وئي.پاڻ جرمن جي اندر اتان جي يهودي آبادي هٽلر جي ظلم جو شڪار ٿي.ائيبن ته سموري دنيا خاص طور کان يورپ ۾ يهودين کان نفرت هئي .مگر انهيء نفرت کي جرمن ۾ سياسي شڪل ڏني وئي ۽ ائين لکين يهودين کي موت جي حوالي ڪيو ويو.هٽلر جي فوج هنن جي لاء خاص گيس جا چيمبرس ٺھرايا ۽ يهودي مردن.عورتن ۽ ٻارڙن کي گڏ ڪري اتي بند ڪري زهريلي گيس ڇڏي ڏني.ته سينڪڙين يهودي اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ان ريت هٽلر جي جرمني ۾ يهودين جي خوف نسل ڪشي ٿي.جنهن تي يورپ شروع ۾ خاموش رهيو.ليڪن جڏھن عظيم جنگ ختم ٿي ته سڄي دنيا ۾ يهودين جي لاء همدردي جو سمنڊ اٿلي پيو.جناب يهوديڀته وري به يهودي هوندا آھن.چون ٿا ته اها وڏي واپاري قوم آھي.ان همدردي جو به هن سودو ڪري وڌو هو.بس يهودين موتن جي قيمت جي بدلي ۾ ھڪ يهودي رياست جو بنياد رکي ڇڏيو.جيتوڻيڪ ان وقت ته برطانيه سڳوري جا نٽ بلٽ ڍرا ٿي چڪا هئا.پوء به چوندا آھن ته مئل هاٿي سورهن لکن جو هوندو آھي.اڃا به برطانيه عالمي مامرن ۾ پاڻ ڀرو هو.
ڏسندي ئي ڏسندي هڪ يهودي رياست جو خاڪو تيار ٿي ويو.دنيا سڄي جي اڪثر رياستن يهودي رياست کي قبول پڻ ڪري ورتو.محض اسلامي ملڪ ۽ خاص طور کان رياستن اسرائيل کي تسليم نه ڪيو.سبب اهو ٿيو ته فلسطين کي ورهائي ڪري اسرائيل قائم ڪيو ويو.ان ريت يهودي ۽ فلسطيني پاڻ ۾ وڙھندا رهيا.ڇاڪاڻ ته اهو ٿيڻو ئي هو ۽ تڏھن کان اڄ تائين اها جنگ جيئن جو تيئن جاري وساري آھي.
ڪڏھن کلي ڪري ته ڪڏھن لڪي ڪري اسرائيل پنهنجي تسليم ٿيل سرحد کي وڌائي ڪري فلسطينين کي جلاوطن ڪري رهيو آھي.هينئر فلسطينين وٽ جيڪا زمين آھي.اها آھي غزه جي پٽي ۽ اردن جي دريا جو هڪ ڪنارو.اردن دريا جي اٿارٽي اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو آھي.محض غزه پٽي جا فلسطيني اسرائيل کي هينئر تائين به تسليم.ڪرڻ تي راضي ناهن.هنن ڏينهن غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج ظلم و ستم ڪري رهي آھي.اها انهيء ڳاله جي سزا آھي ته مٺ جيترن لاچار فلسطينين جي اها همت ته اهو اسرائيل کي اکيون ڏيکاري ۽ پنهنجي رياست جو خواب تعبير ڪرڻ جي مردانگي ڪري.
هينئر حالتون اهي آھن ته غزه پٽي تي اسرائيل جو قهر جاري آھي.اٽڪل سموري دنيا ان قيامت کي خاموش تماشائي بڻجي ڏسي رهي آھي.مگر امريڪا ۽ ان جا پٺو کليل نموني اسرائيل کي بڇائي رهيا آھن.اقوام متحده ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون ته ڪري ٿو.پر اڄ تائين امريڪا خان ان جي ڪڏھن ٻڌي آھي جو هينئر ٻڌندو.غضب ته اهو آھي ته سمورا اسلامي ملڪ ان کي تماشي جي طور تي ڏسي رهيا آھن.فلسطين کي پنهنجي ساڳئي مذھب ۽ ٻولي کان وڏي اميد هئي ته اهي هنن جي ضرور مدد ڪندا.ليڪن اها به ويندي رهي.ڪٿان جو اسلام ۽ ڪٿان جي ٻولي.انهن عربن کي ڪنهن جي پرواه.بس اهوئي فرق آھي يهودين ۽ فلسطينين ۾ .يهودين کي دنيا جي اٽڪل سمورن ملڪن جي سپورٽ حاصل آھي.جڏھن ته فلسطينين کي اسلامي ملڪن جون صرف گدڙ ڀڀڪيون مليل آھن.جنهن جو نيٺ اهوئي حشر ٿيڻو هو.جيڪو غزه جي پٽي ۾ ٿي رهيو آھي.بس اهو اهڙو عمل آھي.جيڪو طاقتور قومن کي پريشان ڪري ڇڏي ٿو.تاريخ شاهد آھي ته آزادي جي جذبي کي ڪا به قوم پٺي نٿي ڏئي سگهي.فلسطينين جو اهوئي جذبو آھي ته فلسطين جو جهنڊو بلند آھي.۽ فلسطيني پنهنجي جان جي قيمت ادا ڪري رهيا آھين.انهن جو چوڻ آھي ته دنيا ۾ دير آھي پر انڌير ناهي.بس ايترو ئي قصو آھي فلسطينين جو جنهن دنيا جي سمورن طاقتور ملڪن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي ۽ ائين خوفزده بڻيل آھن جيئن آمريڪا ويٽنام جو نانء ٻڌندي ئي ڇرڪي ويندو آھي..

پهنجو تبصرو موڪليو