طفيل مگسي
آئين ۽ قانون جا سبق ڏيڻ وارن سدائين آئين ۽ قانون کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيو آھي.مارشلا هجي يا جهموريت هتي سمورا قانون غريبن جي لاء آھن.جڏھن ته بالادست طبقا سدائين پنهنجن ئي جوڙيل قانون کان مٿاهان هوندا آھن۽ آئين جي بالادستي کان مراد غريب.مظلوم ۽ محڪوم عوام تي سرمائيدارن.جاگيردارن .جرنيلن ۽ ججن جي بالادستي آھي.ليڪن پاڪستاني رياست محض محڪومن ومظلومن تي آئيني بالادستي قائم ڪرڻ تائين اتفاق نٿي رکي بلڪ ان کان وڌي ڪري ماڻھن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ ھڪ معمول بڻجي چڪو آھي.جنهن کان رياست ۽ ٻين غنڊه گرد گروپن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آھي.جنهن جي شروعات سدائين سنڌ ۽ بلوچستان کان شروع ٿي.جتي هزارين مظلوم بلوچ۽سنڌي نوجوانن کي کنڀي کنيو ويو ۽ صبح جو سندن چچريل لاش ڦٽا ڪيا ويا.ان قسم.جو ڪم.اهي ڪري رهيا آھن.جن جو تعلق محب وطن ادارن سان آھي.۽ اھا غداري جي سزا آھي.جنهن کي ثبوتار ڪرڻ جي لاء تيز اوزارن سان پاڪستان زنده باد جا نعرا لکيل هوندا آھن.ظلم وستم جي جتي چٽي انتها هجي.اتي لاش ملي وڃڻ به هڪ نعمت تصور ڪئي ويندي آھي.ڇو ته ڪيترائي لاش يا ته بي ڪفن دفن ٿي ويا يا برپٽن ۾ پکين ۽جانورن جو کاڄ ٿي ويا.ڇاڪاڻ ته لاشن جي ملڻ سان انتظار جي اها اذيت ختم ٿي وڃي ٿي جنهن کي گم ٿي ويلن جا خاندان برداشت ڪري رهيا آھن.جيڪي موت کي سڏين ٿا ته وٽن موت نٿو اچي ۽ جيڪي زندگي کي سڏين ٿا ته کين زندگي وري جيئڻ ئي نٿي ڏيئي اهي مائرون جن جي جگر جا ٽڪرا کانئن کان ڌار ڪيا ويا آھن.انهن جي اوسيئڙي ۾ سندن اکيون سفيد ٿي ويون آھن.اهي معصوم.گلن جهڙا ٻارڙاجيڪي روزاني پنهنجين ٻاتڙي لهجي ۾ پنهنجين امڙين کان اهي سوال ڪن ٿا ته امان بابا ڪٿي آھي؟ اهو گهر ڇو نٿو اچي؟ اهي ڀينرون جيڪي پنهنجن ڀائرن جي ڳولا ۾ ملڪ جو چپو چپو تاڳي رهيون آھن.جيڪي اڄ به هرهنڌ احتجاج ڪري رهيون آھن.مگر انهن جي انهيء حق کي به کانئن کان کسڻ جي لاء وقت جون طاقتور قوتون بندوق جي زور تي ڌمڪائين ٿيون.۽ کين کي چيو پيو وڃي ته جن ڀائرن کي اوهان تلاش ڪري رهيون آھيو.اهي ۽ اوهان ٻئي را جا ايجنٽ آھيو.انهن جي اکين ۾ صرف خشڪ ڳوڙھا آھن ۽ فرياد ڪري رهيون آھن ته اسان به نٿيون چئون ته اسان جي ڀائرن کي آزاد ڪيو.بس صرف هڪ ڀيرو اسان جي ڀائرن سان اسان جي ملاقات ڪرايو.جيڪڏھن اهو به اوهان کي مناسب نٿو لڳي ته ايترو ئي ٻڌايو ته اهي ڪٿي آھن يا زنده به آھن يا الله کي وڃي پرتا…ليڪن کين کي جواب ڏنو وڃي ٿو ته ڪجه به نٿو ٿي سگهي.ڇاڪاڻ ته اسان غدارن سان ڳالهائي نٿا سگهون.اوهان جو ڀاء به غدار هو.جنهن پنهنجي سرزمين جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو هو.ان کي اها خبر نه هئي ته بلوچستان ۽سنڌ پڻ پاڪستان جو حصو آھن ۽ پاڪستان صرف پاڪستاني اشرافيا جو ۽ اميرن جو آھي.چين ۽ ٻين سرمائيدارن جو…ان لاء سنڌ ۽ بلوچستان سميت سموري پاڪستان جي وسيلن تي حق صرف ئي صرف جنهن کي اسان ڏيون انهن جو ئي آھي ۽ اسان جي سرمائيدارن جو.۽ ان حق تي جيڪي اعتراض والاريندا انهن کي ڏور ڪيو ويندو.جيئن اوهان جي ڀائرن جو ٿيو آھي.گمشدگين(کنڀي ڪري ڪم ڪرڻ وارن)جو سلسلو ته بلوچستان ۽ سنڌ کان شروع ٿيو .ليڪن اهو ملڪ گير بيماري جي شڪل اختيار ڪري ويو.هزارين پشتون نوجوان لاپتا آھن.سوشل ميڊيا تي رياستي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ وارن نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو.جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو.ساڳئي ريت جبري گمشدگين جو سلسلو سنڌ ۾ زور شور سان جاري آھي.رياست هڪ مافيا ۾ تبديل ٿي وئي آھي.جيڪا عدالتن کان مٿاهان صتل.اغوا.منشات ۽ هٿيارن جا ڪاروبار.دهشتگردي.زمينن تي زوري قبضن سميت ٻين سنگين ڏوھن ۾ ملوث آھن.جنهن جي معشيت جو ستر(70) سيڪڙو ڪاري ناڻي تي آھي. هر شھري جي جان ومال جي ذميواري جي ڳالھ صرف ڪتابن ۾ آھي.ملڪ رياض جهڙي زبردستي والاڙڪندڙ شخصن جي جان ومال جي حفاظت جج صاحبان به ڪن ٿا ته جرنيل به.ليڪن غريب عوام.کان ملڪ جي سالميت کي خطرا آھن.ھر پنهنجو بنيادي انساني حق گهرڻ وارو غدار ۽ ھر حق تي ڌاڙا هڻڻ وارو محب وطن آھي.هر سوال ڪرڻ وارو ڪافر آھي.رياست ماء ھوندي آھي.مگر اها ڪهڙي رياست آھي.جيڪا ناگڻ جيان پنهنجن ئي ٻچڙن کي کائي ڇڏي ٿي.ليڪن ياد رکڻ گهرجي ته ظلم وجبر جو اهو سلسلو سدائين ان ريت جاري نٿو رهي سگهي.زنده رهڻ جو حق هر روح کي آھي.جنهن تي مصلحت نٿي ٿي سگهي.ان ڪري رياست کي گهرجي ته اها پنهنجن ڀٽڪيل ٻچڙن کي کائڻ جي بجاء انهن سان ڳالهيون ڪري ۽ کين کي سندن اهي حق ڏيئي جيڪا رياست جي ذميواري هوندي آھي ؛؛؛










