قسط2
طفيل مگسي
آئي ايم ايف چئي ٿو ته اهو پئسو( consolidate fund ) ۾ رکو.حڪومت چئي ٿي ته آئي ايم ايف وڏي ظالم آھي.اها ڳاله نه وساريو ته پاڪستان جا ڪجه خزاني جا وزير ته بيڪن جا اڳواڻ ھئا.جن ۾ شوڪت ترين پڻ شامل هو.جڏھن اهو پنهنجي بينڪ ٻوڙي ويٺو ته ملڪ جي خزاني جو وزير بڻايو ويو ۽ جڏھن بڻايو ويو ته هن آئي ايم ايف ڊيل رکرائڻ جي لاء پنجاب ۽ پختونخواه جي وزيرن کان خط لکرائڻ جي لاء فونون ڪرايون. اهو شوڪت ترين ئي هو جنهن جي ان ايشو تي ايف آئي آر به ڪٽي وئي هئي.ليڪن وري ترين جا تعلقات ڪم اچي ويا ۽ ملڪ دشمني تي ڪنهن هن کان پڇا ڳاڇا نه ڪئي.حالانڪ شوڪت ترين ڪو روس.سعودي عرب .ايران.چين.نارٿ ڪوريا يا صدام حسين جي دور جي عراق جو خزاني جو وزير نه هو.
آئي ايم.ايف چئي ٿي ته اوهان وٽ هتي ڪرپشن جو ڳڙھ آھي.جنهن جي ڪري اوهان جو پئسو جتي خرچ ٿيڻ گهرجي اتي نٿو ٿيئي.پاڪستان بيورو ڪريٽس پاڪستان کان پئسا ڪمائي ڪري ٻاهرين ملڪ پنهنجا ٻار شفٽ ڪري رهيا آھن.جائيدادون ٺاهي رهيا آھن .ٻاهرين ملڪن جي شھريت وڌي رهيا آھن.پاڪستاني وسيلا ٻاھر ٽرانسفر ٿي ويا آھن.اوهان هڪ ڪم ڪيو جيڪي پاڪستاني سول ملٽري آھن انهن جون ملڪيتون پبلڪ ڪري ڇڏيو.جيئن پاڪستاني سياستدانن جا اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي ڪيا وينداآھن ته جيئن سڀني کي ڄاڻ ھجي ته هر سال انهن جي دولت يا جائيداد ۾ ڪيترو واڌارو ٿي رهيو آھي.جڏھن اهي سول سروس ۾ آيا هئا ته انهن جي ملڪيت ڪيتري هئي ۽ ھينئر اهي ڪيستائين پهچي ويا آھن.اوهان ڌسيو ان ۾ آئي ايم.ايف ڪيئن ظالم ثابت ٿي وئي؟
اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو عظيم ظلم آئي ايم ايف جي چوڻ تي ٿي رهيو آھي.۽ اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.سموري قوم بيهي رهندي ته آئي ايم ايف ڪير ٿيندي آھي اسان کي ٻڌائڻ واري.اسان کي سابق اسٽيٽ بينڪ جي گورنر باقر رضا تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آُھي ته اهو آئي ايم ايف جو ماڻھو آھي.مشھور ڪالم نگار جاويد چوڌري ڪالم ۾ جنرل باجوه سان ملاقات کانپوء انڪشاف ڪيو هو.اهوئي ئي ساڳيو رضا باقر هو.جنهن هڪ ڏينهن گهٻراهٽ ۾ آرمي چيف جنرل باجوه کي فون ڪئي ۽ چيائين تنهنجي فورن مدد گهربل آھي.وزيراعظم کي فون ڪر نه ته اسان پوئتي رهيل ڊالرن کان هٿ ڌوئي ڇڏينداسين.ٻيئي ڏينهن باجوه.رضا باقر ۽ وزيراعظم جي ملاقات ٿي.رضا باقر انڪشاف ڪيو ته اسان جي لبرل امپورٽ پاليسي جي سبب کان ڊالر تيزي سان ٻاهر وڃي رهيا آھن.عمران خان جواب ۾ وراڻيو اهو به ته ڏس اسان جي ٽيڪس ڪوليڪشن ڪيتري وڌي وئي آھي.ان تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ميان اوهان وساري رهيا آھيو ته جيڪي شيون اسان ٻاهر کان گهرائي رهيا آھيون .اسان ڊالر ٻاھر موڪلي رهيا آھيون.۽ انهن کان خريد ڪيل شين تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي نالي تي پاڪستاني روپيا گڏ ڪري خوش ٿي رهيا آھيون ته جيڪي شيون اوهان ٻاھر کان گهرائي رهيا آھيو ته ڏسو اسان ڪيترو ٽيڪس وڌائي ڇڏيو هو.امپورٽ جي نالي تي ڊالر ٻاھر پارڪ ڪيو ٿي ويو هو. اها ڪٿان جي ڏاھپ آھي.هڪ هڪ ڊالر جي لاء دنيا سڄي کي منٿون ڪيون وڃن.۽ جڏھن اهي ڊالرز اچي وڃن ته اهي اسان امپورٽ جي نالي تي موڪلي ڪري انهن شين تي روپيي ۾ ڪسٽم ڊيوٽي وٺي ڪري شادي جا گيت چيا؟ عمران خان جي پشاور کان هڪ اي ٽي ايم کي ڊالرز جي بحران جي ڏھاٽن ۾ چين کان گاڏيون امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.۽ ڪروڙين ڊالرز برباد ڪيا ويا.ڳاله اتي به بيهي وڃي ها ته ٺيڪ هو.ليڪن پتو پيو ته عمران خان جي وزيراعظم بنجڻ کان اڳ پاڪستان جي امپورٽ 55ارب ڊالرز کان 60ارب ڊالرزز تائين پهتي هئي.جيڪا هاڻي وڌي ڪري 80ارب ڊالرز تائين پهچي وئي هئي.جڏھن ته ٻاهرين ملڪن کان پاڪستانين جا موڪليل پئسا ۽ ايڪسپورٽ گڏ ڪري به پاڪستان وٽ 60ارب ڊالرز گڏ ٿي رهيا هئا.هاڻي 20هزار ڊالرن جو گيپ اوهان کي ڪٿان کان پورو ڪرڻو هو؟
ان جو به ساڳيو ئي حل ڪڍيو ويو جيڪو پاڪستاني حڪمران ۽ پاليسي ميڪرز سالن کان ڪڍندا آيا آھن ته اهي دنيا کان خيرات گهرن يا قرض وٺن؟
ٿي سگهي ٿو ته ڪافي ماڻھو چوندا ته امپورٽ جو مطلب هو ته پاڪستاني اڪانومي گروٿ ڪري رهي هئي.ان ڪري ماڻھو ٻاهر کان ڪچو مال گهرائي ڪري ان کي فنشنگ ٽچ ڏئي ڪري ايڪسپورٽ ڪري رهيا هئا.ها جيڪڏھن ائين هو ته پوء ڳالھ ٺھي ٿي.ليڪن ايڪسپورٽ جو فگر چيڪ ڪيو ته پاڪستاني روپيو ڪيرائي ڪري ۽ ويھ ارب ڊالرز امپورٽ وڌائي ڪري به صرف ڪجه ارب ڊالرز جي ايڪسورٽ وڌي.حالانڪ جيترو روپيو ڪيرايو ويو هو ان کانپوء اها ايڪسپورٽ پنجاه ارب ڊالرز تائين وڃڻ گهربي هئي.ليڪن اها ايڪٽيه ارب ڊالرز تائين وڃي سگهي.ائين ويھ ارب ڊالرز جو گيپ ٿيو.جنهن پاڪستان جي چيله چٻي ڪري ڇڏي.هينئر حالت اها ٿي چڪي آھي ته پاڪستان جي ٽوٽل ٽيڪس انڪم پنج هزار ارب روپيا ته صرف انهن قرضن جي وياج تي ساليانو ادا ڪيا پيا وڃن.جڏھن ته هڪ هزار ارب دفاعي بجٽ.هاڻي ڇا ٿيو ته ڪٿي به سالياني ترقي جي پروگرام جي لاء پئسو ناهي.ان ۾ وفاقي حڪومت جا ملازمين يا انهن جي پينشن يا ٻيا خرچ يا صوبن کي سالياني اين ايف سي جي ٽي چار هزار ارب جو ڪٿي ذڪر ناهي.
هاڻي اوهان ٻڌايو ته جنهن ملڪ ۾َ پنج هزار ارب ٽيڪس آمدني منجهان اڍائي هزار ارب اوهان دفاعي بجٽ.سويلين.۽ فوجي پينشن به ڏيندا هجو.ساليانو ترقياتي پروگرام به هلائڻو هجي.صوبن کي اين ايف سي هزارين اربن جو شٽر به ڏيڻو هجي.لکين ملازمن ۽ ادارن جون پگهارون ۽ ٻيا خرچ به ادا ڪرڻا هجن ته پوء آئي ايم ايف ڇا چوندو اوهان کي؟ اهوئي چوندو ته جيڪي سرڪاري ادارا خساري ۾ ھلي رهيا آھن.جن ۾ ڪرپشن ٿي رهي آھي انهن کي بند ڪيو ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ارب ته ساليانو بچندو ته اسان سڀ چئون ٿا ته اهو ظلم آھي.ته پوء اوهان ويھ ارب ڊالرز جو گيپ پورو ڪري ڏيکاريو يا پنج هزار ارب ڊالر انڪم ۾ پنهنجو ساليانو بجٽ ٺاهي ڪري ڏيکاريو.ان ڪري اسان آئي ايم ايف کي گاريون ڏيڻ جي لاء رکيو آھي ته اهو سڀ ظلم ڪري رهيو آھي ته سبسڊي ختم ۽ ٽيڪس وڌايو.قرض نه گهرو.پنهنجن وسيلن ۾ رهو ۽ وسيلا وڌايو.اسان ٻئي ڪم نٿا ڪيون.۽ نعرو هڻون ٿا ته آئي ايم ايف پاڪستان جو ڪٽر دشمن آھي.
اوهان آئي ايم ايف وٽ وڃو ٿا ڇوته اوهان نالائق ماڻھو آھيو.جيڪي اڪانومي هلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.۽ نه ئي اسان وٽ اھزي سياسي يا ڀيوروڪريٽ قيادت آھي.جيڪا ملڪ کي ان حالت تائين نه پهچڻَ ڏيئي ها.هر حڪمران کي ڄاڻ ھوندي آھي ته مشڪل فيصلا نه ڪيا ته معشيت ويهي ويندي.ليڪن ڃاڻي واڻي قدم نٿا کنيا وڃن.ڊپن ٿا ته ميڊيا پٺيان پئجي ويندي.عوام.گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو.سياسي مخالف ٽي وي چينلز يا پارليامينٽ جي اندر جنازو ڪڍي ڇڏيندا.ووٽ بينڪ خراب ٿيندو.ايندڙ اليڪشن نه کٽي سگهنداسين.اهوئي سبب آھي ته اهي اهم فيصلا نه ڪندا جيڪي سخت هجن.ليڪن ملڪ هلائڻ جي لاء ضروري هوندا آھن.
اسان جو اينڪر دوست ڪاشف عباسي هڪ وزير جي حوالي کان واقعو ٻڌائي ٿو ته اهو ٽي ڀيرا وزيراعظم نواز شريف سان مليو ته گيس جون قيمتون وڌائڻ نهايت ضروري آھن نه ته تمام وڏو مسئلو ٿيندو .ٽي ڀيرا هن چيو صبر ڪيو.ڏسون ٿا.










