34 سالن کانپوءِ ٽيسٽ ميچ کٽيندڙ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم

34 سالن کانپوءِ ٽيسٽ ميچ کٽيندڙ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم

سيد غلام مصطفي شاھ
ويسٽ انڊيز سان ٿيندڙ ٻين ٽيسٽ ميچ هارائڻ کانپوءِ پاڪستان آخري پوزيشن تي يعني آئي سي سي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي پهچي ويو يعني آخري ٽيم رينڪنگ ۾، پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم تي اعتبار ڪرڻ تمام مشڪل سان ڪري سگهبو آهي ڪٿي جذبو، ڪٿي دعائون تہ وري ڪٿي معجزن جي سهاري رهندا آهيون. افسوس جو مقام آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ ئي ٿيندڙ سيريز هارائڻ، ويسٽ انڊيز جي ٽيم چوٽيھ سالن کان پوءِ پاڪستان کي پاڪستان ۾ ئي هارائي ڇڏيو،ويسٽ انڊيز آخري ٽيسٽ ميچ 1990ع ۾ پاڪستان کان کٽيو هو. حيرت جي ڳالهه اها ٿي تہ ٻين ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 54 اسڪور تي اَٺَ رانديگر آئوٽ هئا ۽ آخري ٻن وڪيٽن 109 رنسن جو اضافو ڪري ٽيم کي سٺو اسڪور ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. پاڪستاني ٽيم پهرين اننگ ۾ 154 ۽ ٻين اننگ ۾ 133 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگ جي ڀيٽ ۾ ٻين اننگ ۾ تمام بهترين کيڏي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نوازش سان اهڙيون تہ پچون تيار ڪيون ويون آهن جو پهرين ئي ڏينهن ويھ رانديگر آئوٽ ٿي ويا ۽ ٻنهي ٽيمن هڪ هڪ اننگ بہ پوري ڪري ڇڏي. انڪري لڳي ايئن ئي پيو ته ميچ پنج ڏينهن مشڪل سان هلي. ويسٽ انڊيز پهرين اننگ ۾ 163 اسڪور جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 154 تي ڍير ٿي وئي. ٻين اننگ ويسٽ انڊيز 9 رنسن جي برتري سان راند شروع ڪئي 254 جو ٽارگيٽ پاڪستان لاءِ سيٽ ڪيو ۽ پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي،جواب ۾ پاڪستاني ٽيم جو ڪوبه رانديگر سٺو نه کيڏي سگهيو. بابر اعظم سڀني کان وڌيڪ 31 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن تہ رضوان 25 رنسن سان وڌيڪ اسڪورر رهيا. ٻن ميچن جي سيريز ۾ اسپنرز 69 وڪيٽون وٺي هڪ منفرد رڪارڊ ٺاهي ورتو. انهي کان پهريان اهو رڪارڊ سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز ٽيمن جي وچ ۾ 2021ع ۾ کيڏيل سيريز ۾ ٿيو هو جنهن ۾ اسپنرز 67 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. ملتان ۾ ٿيندڙ ٻين ٽيسٽ لاءِ اسپن وڪيٽون تيار ڪري پاڪستاني ٽيم پوري تياري سان گرائونڊ ۾ لٿل هئي،لڳي ايئن پيو تہ پاڪستاني ٽيم کان بيتنگ ڪرڻ وسري وئي آهي تڏهن ئي تہ 254 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني پوري ٽيم ٻين اننگ ۾ 133 رنسون ئي ٺاهي سگهي ۽ اسانجا شاهين 120 رنسن تا گهر ڀيڙو ٿي نوان رڪارڊ ٺهرائي پويلين ڏانهن موٽيا.سوشل ميڊيا صارفين جو وڏو اننگ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪري رهيو آهي.هي ٽيسٽ سيريز رڪارڊن جي ڪري بہ ميڊيا ۾ ڇانئجي وئي آهي، ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي اسپن بالر جوميل واريڪن انهيءَ سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 19 وڪيٽون سان سڀن کان اڳتي رهيو، ٻين نمبر تي پاڪستاني اسپن بالر نعمان علي 16 وڪيٽون حاصل ڪيون نعمان علي پنهنجي ڪيريئر جي پهرين هيٽ ٽرڪ پڻ ڪئي ڪنهن به پاڪستاني اسپنر بالر جي ويسٽ انڊيز خلاف اها پهرين هيٽ ٽرڪ آهي. ٽيئن نمبر تي پاڪستاني بالر ساجد خان رهيو هن 15 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو