24 مارچ سنڌ جو هيرو شهيد هوش محمد جي شهادت!

24 مارچ سنڌ جو هيرو شهيد هوش محمد جي شهادت!

شير محمد نونداڻي
مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون,
جنگ ڪريسون, پٺ نه ڏيسون.

زندگي هر انسان کي ملندي آهي پوء اهو چاهي ته عام زندگي گذاري وڃي پر ڪجھ اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي بهادري ۽ ڏنل قربانين جي ڪري انهن جا نالا زنده رهندا ۽ تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکيا ويندا آهن. سنڌ ڌرتي اهڙن ڪيترن ئي سرويچ ۽ بهادر انسانن کي جنم ڏنو جن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ضمير جو مان مٿاهون ڪندي پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪندي هميشه لاء امر انسان بڻجي ويا. جن ۾ سنڌ ڌرتي لاء جان جو نذرانو پيش ڪرڻ وارو شهيد هوش محمد شيدي جو نالو به مٿائون آهي. جنهن سنڌ ڌرتي جو حقيقي پٽ ثابت ڪندي دٻي جي ميدان تي انگريزن سان جنگ ڪندي 24 مارچ تي شهيد ٿي ويو.
هوش محمد شيدي سنڌ جي ٽالپر دور جي حڪمراني وقت بهادر سپاھي هو, 1843ع ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ٿيڻو هو پر سنڌ جي بدقسمتي جو فوج وٽ بارود هو ان کي وطن جي غدارن ساڙي ڇڏيو جڏهن ته برطانوي فوج وٽ جديد هٿيار هئا. هڪ پاسي مير شير محمد جي فوج هئي ته ٻئي پاسي برطانوي فوج. سنڌ جو دلير سپاهي هٿيارن جي کوٽ باوجود جنگ جي حڪمت عملي سان سنڌ جو عاشق شهيد هوش محمد شيدي دليري سان اهو نعرو هڻندي وڙهندو رهيو ته ´´مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ان سپھ سالار جي بهادري کي انگريزن به ساراهيو آهي.
دٻي واري جنگ ۾ جنهن ڪمانڊر پنهنجي بهادريءَ سان انگريزن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون اهو هوش محمد شيدي هو. هوش محمد، مير صوبدار جو غلام هو پر پنهنجي دليري، همت ۽ حوصلي ڪري فوج جي ڪمانڊر واري مرتبي تي وڃي پهتو. پنهنجي دوستيءَ سان گڏ مشهور نعرو ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ هڻندو ميدان ۾ آيو ۽ انگريزن مٿان ڪڙڪي پيو. دشمن سان وڙهندي وڙهندي هوشو شهادت جو جام نوش ڪيو.
چارلس نيپئر سندس بهادري ۽ مڙسيءَ کان متاثر ٿيندي هوشو کي وڏي فوجي اعزاز سان حيدرآباد قلعي ۾ دفنايو ۽ سندس قبر تي هڪ توپ لڳائي.
سر چارلس چيو هو ته ”هو مري چڪو هو پر پوءِ به تلوار هٿن ۾ قابو هيس.“

شهيد ھوش محمد جي ساھ جو سڳو ٽٽڻ باوجود زمين تي نه ڪريو تنهن ڪري انگريز ٻڏتر جو شڪار هئا ته هي زنده نه هجي ۽ حملو نه ڪري وجهي, ڪافي دير کانپوء هڪ ٻئي جا چهرا تڪيندا رهيا ۽ ان بي وس وجود وٽ پهتا ۽ مجبورن هنن کي داد ڏيڻو پيو.

چارلس نيپئر سندس بهادري ۽ مڙسيءَ کان متاثر ٿيندي هوشو کي وڏي فوجي اعزاز سان حيدرآباد قلعي ۾ دفنايو ۽ سندس قبر تي هڪ توپ لڳائي.

سر چارلس چيو هو ته ”هو مري چڪو هو پر پوءِ به تلوار هٿن ۾ قابو هيس.“
شهيد هوش محمد شيدي بابت ميجر جيڪب چيو ته ´´آئون سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان پر مون هوشو جهڙو بي ڊپو جرنيل نه ڏٺو آهي, سندس بي پناھه بهادري ڏسي مون کي ساڻس نفرت ٿي وئي آهي.“
شهيد هوش محمد شيدي سنڌ جي ماضيء حال ۽ مستقبل جو اهڙو عظيم ڪردار آهي جيڪو سنڌين جي لاء بهادريء جو هميشه هڪ اعلاي مثال رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو