لنڊن (ويب ڊيسڪ) گوگل پنهنجي مشهور ايپ ميپس ۾ وڌيڪ اپ ڊيٽيس ڪيون آهن ته جيئن صارفين وڌ کان وڌ مواد پوسٽ ڪري سگهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گوگل چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ماڻهن ۾ گوگل ميپس ۾ پنهنجي ڀرپاسي وارن هنڌن جيئن هوتلن جي حوالي سان معياري ۽ اپ ڊيٽ تفصيلن تي ڀاڙڻ وڌي ويو آهي. ڪمپني ٻڌايو ته گوگل اڪائونٽ جي حامل هر ماڻهو جي لاءِ مقامي تفصيل شيئر ڪرڻ جي عمل کي آسان بنايو پيو وڃي.نئين فيچرز ۾ هڪ فوٽو اپ ڊيٽس آهي جنهن مان ماڻهن کي مختلف هنڌن جي باري ۾ بهتر ۽ وڌيڪ اپ ڊيٽ تفصيل ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي. گوگل طرفان ڪيترن ئي نون فيچرز مشهور ايپ ميپسس ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته جيئن ان کي وڌ کان وڌ فائديمند بنائي سگهجي ۽ صارفين جي لاءِ ان هنڌن جون تصويرون شيئر ڪرڻ واري عمل کي به آسان ڪري ڇڏيو آهي.هي نوان فيچرز هلندڙ مهينن ۾ گوگل ميپس ۾ ڪيل اپ ڊيٽس جو حصو آهن ۽ ائين لڳي ٿو ته ڪمپني هن ايپ کي رستا ڳولڻ سان گڏوگڏ سياحتي دورن جي منصوبه بندي جي لاءِ به استعمال ڪندي.










