گهٻرايل حڪومت ۽ عمران جي اڊيالا کان منتقلي

گهٻرايل حڪومت ۽ عمران جي اڊيالا کان منتقلي

   غلام حسين لغاري               
اطلاع آهن ته ڊي چوڪ سانحي بعد پاڪستان ۾ پئدا ٿيل سياسي ڇڪتاڻ ۽ معاشي بحران جي حل لاء حڪومتي سطح تي سعودي عرب قطر ۽ ٻين عرب ملڪن جي معرفت آمريڪا ۽ ٻين عالمي طاقتن سان  رابطن جو هڪ سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن لاء حڪومتي اڳواڻن جا سڌي ۽ اڻ سڌي طرح رابطا جاري آهن۔جڏهن کان عمران خان جي آزادي لاء عالمي دٻاء پيو آهي تڏهن کان ئي اهڙن رابطن جو سلسلو اڳ ۾ ئي شروع ٿيو هو جنهن لاء وزيراعظم شهباز شريف ۽ طاقتور ڌرين سعودي عرب جو دورو ڪري اتان جي ولي عهد شهزادي بن سليمان سان ون ٽو ون ملاقات ڪري ملڪي سياسي ۽ معاشي حالتن کان آگاهه ڪيو هو۔جڏهن ته ڊي چوڪ سانحي بعد مک وزير عرب ملڪن جا دورا به ڪري رهيا آهن جنهن ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جو دبئي وارو تازو دورو به ان قسم جي هڪ ڪڙي ٻڌايو پيو وڃي جيڪو بظاهر ته ڪرڪيٽ عالمي مئچن بابت هو پر ان دوري جو خاص مقصد ڊي چوڪ سانحي بابت حڪومتي موقف پرڏيهي اڳواڻن سان شيئر ڪرڻ به هو جو اسلامي دنيا اندر سانحي جي اها وڊيو وائرل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ هڪ مظاهر کي نماز پڙهڻ دوران رينجرس ڪنٽينر تان ڌڪو ڏئي ماريو يا زخمي ڪيو هو۔ڊي چوڪ سانحي بعد وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف به انتهائي سرگرم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ تيزي سان وضاحتون پيو پيش ڪري۔ مختلف تقريبات توڙي پنهنجي ذاتي پيغامن وسيلي هن پي ٽي آء مخالف حقيقتون بيان ڪيون آهن جنهن ۾ هن پي ٽي آء کي فتنه ۽ دهشتگرد ٽولو سڏيندي پنجاب مٿان حمله آور ٿيڻ جو الزام هنيو آهي ۽ صاف صاف واضح ڪيو اٿس ته پي ٽي آء 26 نومبر تي نائين مئي جهڙو واقعو برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي سختي سان ڪچلڻ جي ضرورت آهي پر ملوث تخريبڪارن ۽ فتنه بازن خلاف سختي سان نبربو۔پي ٽي آء فتنه ۽ دهشتگرد ٽولو آهي يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر سختين بندشن ۽ کائنس چونڊ نشان کسڻ جي باوجود هن ٽولي فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي بقول پي ٽي آء جي جيڪڏهن فارم 47 واري راند نه کيڏي وڃي ها ته پي ٽي آء اقتدار ماڻڻ جي پوزيشن ۾ هئي۔هنن چونڊن ۾ ن ليگ ۽ پ پ پ جا وڏا وڏا بت پنجاب توڙي ڪي پي ڪي ۾ شڪست کائي ويٺا هئا جن کي بعد ۾ فارم 47 وسيلي اسيمبلين تائين پهچائي فارم 47 واري حڪومت ٺهرائي وئي جنهن کانپوء ملڪ ۾ سياسي ممڻ متل آهي۔وزيراعظم هاڻ ته وفاقي ٽاسڪ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن وسيلي دهشتگرد ڪارواين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروايون ڪيون وينديون حڪومت عالمي اقتداري ڌرين سان رابطا ڪهڙي مقصد سان ڪري رهي آهي ۽ انهن کان ڪهڙو رليف وٺڻ چاهي ٿي ۽ ڇا اهو رليف کيس ملي سگهندو به يا نه۔سياسي ۽ صحافي حلقن موجب حڪومت 26 نومبر جي ڊي چوڪ تي پي ٽي آء خلاف جنهن انداز ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪندي مڊنائٽ آپريشن ڪيو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مظاهرين شهيد يا زخمي ٿيا تنهن پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ حڪومت عالمي سطح تي وائکي ٿي چڪي آهي۔ڊي چوڪ پرتشدد واقعي ۾ ٿيل قتل عام ۽ انجي رپورٽنگ ڪرڻ تي برک صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ تي پوري دنيا ۾ غم و غصو پئدا ٿيل آهي خاص ڪري آمريڪا برطانيه ڪئناڊا آسٽريليا سميت مختلف ملڪن جي پارليامينٽيرن ۽ جمهوري و انساني حقن جي تنظيمن ادارن ڊي چوڪ سانحي جي نه صرف مذمت ڪئي آهي پر پي ٽي آء سربراهه اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جيڪو ٻن سالن کان قيد جون صعوبتون برداشت ڪري رهيو آهي انجي پوري ريت حفاظت ڪرڻ ۽ آزادي جو مطالبو ڪيو آهي۔انهي مطالبي حڪمرانن کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته عمران خان مان جان ڇڏائڻ لاء ڪهڙي حڪمت عملي اختيار  ڪئي وڃي۔ حڪومت کي هاڻ اهو به ڊپ آهي ته ڪٿي اها وقت کان اڳ هلي ته نه ويندي ۽ اهي آثار به آهن ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي انتشار جو حل صرف ئي صرف نيون چونڊون آهن جن لاء جي يو آء جماعت اسلامي ۽ ٻيون پارٽيون به زور ڀري رهيون آهن پر طاقتورن کي ڪجهه ضمانتن ملڻ جو انتظار آهي ڊي چوڪ واقعي بعد پي ٽي آء ۽ عمران خان خلاف الزامن جي بوڇاڙ ۽ نون ڪيسن داخل ڪرڻ جي ڀرمار جاري آهي ۽ جيڪي اطلاع آهن ته عمران خان اڊيالا جيل ۾ نيو ٽائون اسلام آباد پوليس جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي جنهن بعد کيس هڪ سيل ۾ رکيو ويو آهي جنهن ۾ بدبودار ڪيميڪلز جي اسپري ڪرائي وئي آهي جنهن سان سندس جان کي خطرات درپيش آهن۔ڪجهه ميڊيا ذريعا عمران خان جي اڊيالا کان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقلي واريون خبرون ڏنيون آهن۔ڊي چوڪ سانحي ۽ عمران خان جي جيل ۾  جنهن طريقي سان تشدد ٿي رهيو آهي يا کيس اذيتون ملن پيون انتي ملڪ جي سياسي قيادت خاموش آهي سواء جي يو آء ۽ جماعت اسلامي جي سربراهن جي باقي  سياسي قيادت جو ڪو به اهڙو واضح بيان سامهون ناهي آيو اڃا به پي ٽي آء تي بندش وجهڻ گورنر راڄ لڳائڻ ۽ بغاوت جا ڪيس هلائڻ جا سانباها ۽ صلاح مشورا پيا ٿين پر پ پ پ نٿو لڳي ته حڪومت جو ساٿ ڏئي بلاول ڀٽو جو به هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن سياسي استحڪام لاء ڊائلاگ تي زور ڀريو آهي ٻي حالت ۾ ڏنڊي ڦيرائڻ جو چئي ڇڏيو آهي۔ صدر آصف علي زرداري جي نياڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه آصفه ڀٽو صاحبه جو به هڪ تڪڙو بيان سامهون آيو آهي جنهن چيو آهي ته اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آء سربراهه کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته عمران خان جيل اندر ڪنهن خوفناڪ مصيبت ۾ آهي۔آصفه ڀٽو جي اهڙي بيان کي به معمولي نه سمجهڻ گهرجي اهو سندس ذاتي بيان آهي يا پارٽي موقف انجو پتو اڳتي هلي پوندو بهرحال محترمه آصفه جو بيان به ڇرڪائيندڙ آهي جيڪو عمران خان جي صحت سان لاڳاپو رکي ٿو۔ جيڪڏهن واقع ڪا اهڙي صورتحال آهي ته حڪومت ۽ ادارن کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي عالمي دٻاء پنهنجي جاء تي پر ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آء سان لاڳاپيل اسيمبلي ميمبرن ڊي چوڪ سانحي کانپوء جنهن انداز ۾ پنهنجو ردعمل ڏيکاريو آهي تنهنڪري به حڪومت هاڻ گهٻراهٽ جو شڪار آهي ۽ سياسي ڇڪتاڻ مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻ لاء گهٽ گهيڙ پئي ڳولهي ۽ اهي امڪان آهن ته حڪومت پي ٽي آء کي ڳالهين تي آمادهه ڪري ان کي مصروف رکي ۽ عالمي سطح تي اهو تاثر پئدا ڪري ته ملڪ ۾ سياسي ماحول بهتري طرف وڃي رهيو آهي پر اهو به تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن حڪومت عمران خان تي داخل سمورا ڪيس واپس وٺي ۽ کيس آزاد ڪري پر في الحال اهو به ممڪن ناهي۔ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڏنل بيان مان لڳي ٿو ته پي ٽي آء هاڻ ڪنهن سخت جوابي محاذ آرائي طرف وڃڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪو هلندڙ مهيني دوران ئي ڪنهن به وقت احتجاجي ڪال ڏئي سگهجي ٿي صرف عمران خان جي اجازت جو انتظار باقي آهي في الحال عمران خان سان ملاقاتن تي به بندش آهي جڏهن عدالتون ملاقات جي ٻيهر اجازت ڏين ۽ انجو ڪو واضح پيغام يا ردعمل سامهون اچي۔علي امين گنڊاپور جنهن انداز ۾ جواب ڏنو آهي تنهن مان لڳي ٿو ته هن ڀيري مظاهرين کي به هٿياربند ڪيو ويندو جنهن جو هن اشارو ڏنو آهي ته وٽن پئسا به آهن ته هٿيار به آهن۔خدا نه ڪري ڪو خوني احتجاج ٿئي ٿو يا ڌرڻو لڳي ٿو ته انجا هن ڀيري خونخوار نتيجا نڪري سگهن ٿا پر عمران خان ڪنهن به صورت ۾ خوني احتجاج جي اجازت نه ڏيندو جنهن سان ملڪ ڪنهن خون خرابي طرف هليو وڃي هو سياسي مسئلا سياسي ۽ جمهوري انداز ۾ حل ڪرڻ جو حامي آهي
۔علي امين گنڊاپور کي بحيثيت هڪ صوبي جي وڏي وزير جي خون خرابي يا نفرٿن تي ٻڌل ڳالهه ڪرڻ نه گهرجي ها ۽ پنهنجي منصب جو کيس احترام ڪرڻ گهرجي۔حڪومت ۽ انجي وزيرن پي ٽي آء خلاف جنهن نموني سختي ڪرڻ جا بيان ڏنا آهن يا پارٽي تي بندش وجهڻ ۽ گورنر راڄ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي تنهن سان به عالمي سطح تي انجا ناڪاري اثر پوندا ۽ پي ٽي لاء عوام جون همدرديون پئدا ٿينديون۔ملڪي ۽ غير ملڪي تنظيمون ۽ صحافي ڊي چوڪ واقعي جا تفصيل گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهن جنهن سان به ملڪ ۽ حڪومت تي ناڪاري اثر پوندا۔ڪي پي ڪي صوبوجيڪو اڳ ۾ ئي انتشار ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي اتي گورنر راڄ لڳائڻ سان لاقانونيت وڌندي پر ختم نه ٿيندي خود گورنر راڄ کي جاري رکڻ مسئلو ٿي پوندو تنهنڪري اهڙي غير جمهوري سوچ طرف نه وڃڻ گهرجي بهتر اهو ٿيندو جو سياسي مسئلا جمهوري انداز ۾ حل ٿيڻ گهرجن جنهن لاء ڌريون سهپ جو مظاهرو ڪن ملڪ کي انا ۽ انتقامي ڪارواين طرف نه ڌڪيو وڃي جنهن جا وڌيڪ منفي اثر پون۔بهرحال حڪومت هن وقت ڪافي گهٻرايل آهي ۽ گهٻراهٽ واري ماحول مان نڪرڻ چاهي پر انجا بيانيا سمجهه کان ٻاهر آهن جن تي ڪو به سنجيده حلقو اعتبار نٿو ڪري ۽ ڊي چوڪ سانحي کي غير جمهوري غيرانساني تصور ڪري رهيو آهي بهتر ٿيندو ته حڪومت نين چونڊن لاء ماحول پئدا ڪري۔

پهنجو تبصرو موڪليو