گاج بند، ڪرپشن ۽ ڪامورن جي نااهلي جو اکين ڏٺو احوال

گاج بند، ڪرپشن ۽ ڪامورن جي نااهلي جو اکين ڏٺو احوال

محمد اسماعيل لانگاھ
گاج بند منصوبو ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي چُڪو آهي پاڪستان جي آزادي کان اڳ انگريز حڪمرانن جڏھن سنڌ ڌرتي ۾ آبپاشي نظام جي بهتري لاء ڪئنال شاخون بندن جي منصوبن جو ڪم شروع ڪيو ان وقت سنڌ جي سڀ کان وڏي جابلو ندي گاج جي پاڻي کي زراعت لاء مفيد بڻائي ڪاڇي جي علائقن کان ويندي منڇر ڍنڍ تائين پاڻي جي ورهاست کي شفاف بڻائڻ لاء نئين گاج کي بند لڳايو ته جيئن علائقا پاڻي کان محفوظ به رهن ته پاڻي به زراعت لاء مفيد بڻجي پوي ستر سالن تائين وفاق توڙي سنڌ جا حڪمران ۽ آبپاشي کاتو ان طرز جو ڪاڇي کي ڪو وڏو منصوبو ته نه ڏئي سگهيا پر ٻوڏن ۾ تباه حال گاج بند جي مرمت به انهن کان مڪمل نه پئي ٿئي ۽ هرسال ڪروڙين رپيا گاج بند مرمت جا رکرائي هتي ڪامورا ڪاروبار ۽ ڪمائي جو اڏوکولي ويٺل آهن گاج بند جي بنياد رکڻ کانپوء نئين گاج جي ٻوڏن سبب ڪافي ڀيرا ٽُٽڻَ ڪري ڪاڇي ۾ تباهي ٿي پر سال 2019 کان 23 تائين پيل چار سال لاڳيتو برساتن بند جي جيڪاحالت ناساز ڪئي سا ڏسڻ وٽان نه آهي پنهنجي علائقي جي وڏي منصوبي جي تباهي تي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ دل رهي نه سگهي ته وڃي تعميراتي ڪم کي ڏسي اچجي
هڪ مقامي صحافي ۽ شعوري ذهن سان وابسطا هئڻ ناتي بند جي تباهي جي جائزي لاء سال پهرين ڊرگھ بالا جي صحافي دوستن سان بند جي تباهي جو جائزو وٺڻ لاء ڊرگھ بالا شهر کان موٽر سائيڪل ذريعي نڪتاسين رستي ۾ تاريخي قبرستان مير الهيار خان ٽالپر جي ڪڇ کان شروع ٿيل نئين گاج کي ڏنل پٿرن بند واري بند جي اڀرندي ڪڇ ۾ نڪتل رستي کان ٿيندا گاج بند جي تعميراتي ڪم تي پهتاسين مير الهيار خان ٽالپر قبرستان کان گاج بند جي شروع ٿيل آرڊي 32 کان 16 آرڊي تائين بند لڳل ته هو پر انتهائي خستا حال ۽ ڪمزور نظر آيو ۽ بند ۾ ٻنهي پاسن الهندي ۽ اڀرندي تارن جي پچنگ ۾ جڪڙيل پٿر بلڪل کليل وکريل نظر آيا بند کوٽيل نظر آيو ان بيٺل بند جي مرمت ۽ تباهي بابت مقامي رهواسين ٻُڌايو ته سالن کان بند جي ڪابه مالڪي نٿي آهي ۽ ٻڌايو ويو ته بند جا پٿر ۽ تارون گذريل ڏھن ورهين کان ڪُجھ ڏوهارين پاران کوٽي ڪڍيون ويون آهن جنهن سبب بند ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ پٿر علائقي جي روڊ اسڪيمن ۾ ٽريڪٽر ٽراليون ڀري کنيا ويندا رهيا آهن مقامي رهواسين جي ڏنل موقف تي افسوس جو اظهار ڪندي محسوس ڪيم ته سرڪار طرفان علائقي جي وڏي منصوبي سان ٿيل دشمني يعني مالڪي نه ڪرڻ ۾ هتان جا رهواسي به پڻ ڀاڱي ڀائيوار آهن جڏھن ته ترقي يافته ملڪن ۾ وڏن منصوبن جي نگراني لاء معياري رستا ٺاهيا ويندا آهن جيئن انهن منصوبن جي مالڪي به ٿي سگهي ۽ ڏوهارين جي هٿ چراند کان به بچائي سگهجي پر اسان جي ملڪ ۾ هرگز ائين نٿو ڪيو وڃي ڊرگھ بالا شهر کان گاج بنگلن تائين انگريز سرڪار پاران ويھ فوٽ جو هڪ ويڪرو رستو ريڪارڊ تي پڻ موجود آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻو هو پر هن وقت تائين اهو رستو نه ٺھي سگهي
بحر حال 9 آڪٽومبر آچر جي ڏينهن صبح جو سوير ڊرگھ بالا شهر کان ڌوڙ مٽي واري اذيتناڪ رستي کان ٿينداجڏھن موٽر سائيڪل ذريعي اتي پهتاسين ٻارنهن مهينن جي وقفي کانپوء پوء وڃڻ ٿيو جڏھن تعميراتي ڪم واري پوائنٽ آرڊي 11 کان 15 واري هنڌ تي پهتاسين ۽ گاڏي جي بريڪ به ان هنڌ وڃي هنئيسين جتي سيمينٽ جي هزارين خراب ٻورين جو ڍير پيل هو اتي موجود ڪنهن وڏي انتظامي عملدار جي موجود نه هئڻ سبب هڪ مزدور کان پڇيو ته هي ايتريون سيمينٽ جون ٻوريون ڪيئن خراب ٿيون ۽ ڇو ته ان مزدور نهايت افسوس مان ٻُڌايو ته ادا هن جي ذميواري ٺيڪيدارن جي هئي جنهن سيمينٽ کي برساتن کان محفوظ نه ڪيو پر هن ٻُڌايو ته هنن خراب ٻورين جي بدلي ٺيڪيدار ٻيڻي بجيٽ منظور ڪرائي هضم ڪري ويو ان مزدور سان ڪُجھ گفتگو ڪرڻ کانپوء اتي مزدورن جي رهائش وارن ڪمرن جيڪي ڪکن ڪانن مان ٺھيل هئا پاڻي جون ناديون به ڀريل اتي پيل هيون ننڍڙي هوٽل به ٺھيل هئي پر اسانکي چانھ پيئڻ جو موقعو وقت جي تقاضا موجب نه ملي سگهيو اتي سموري مشينري پڻ بيٺل ڏٺي سين ان کانپوء بند جي مرمتي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ لوھ ۽ تيل سان ڀريل ڪيترائي ڊرم بي مالڪا پيل ڏٺاسين ان قيمتي مٽيريل لوھ ۽ تيل کي اتي پيل هئڻ سبب محسوس ڪيوسين ته هي هتان ضرور چوري ٿيندو هوندو ايئن هڪ ٻيو مزدور منهن چڙھيو هن کان حقيقت معلوم ڪئيسين ته هن ٻُڌايو ته هتان روزانو هزارين ليٽر تيل علائقي جا بااثر ماڻھون زبردستي اچي کڻي وڃن ٿا, ۽ لوھ به ٽريڪٽر ٽرالين ۾ وجهي هتان جا چوڪيدار ۽ ٻيو عملو آپباشي کاتي جي سرويئر نظر سيال ۽ ٺيڪيدار سان ملي ڀڳت ڪري کڻي ويندا آهن پر روزانو لکين رپين جي سامان چوري جو ڪوبه ائڪشن نه ورتو ويو آهي ان مزدور سنئو سڌو ٻُڌايو ته گاج بند جو ڪم ڪڏھن به مڪمل نٿي سگهندو جيڪي منصوبا روزگار ۽ ڪمائي جو ذريعو بڻيل هجن ۽ سرڪار انهن کي ڪڏھن به مڪمل نٿي ڪرڻ چاهي ان مزدور جي ڏنل راء مان محسوس ڪيوسين ته واقعي جيڪو پروجيڪٽ پنجن مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو انکي ٻه سال پورا ٿيڻ تي پهتا آهن ۽ مڪمل نه ڪيو آهي واقعي گاج بند ڪڏھن به مڪمل نه ٿيندو
حيرت ۽ افسوس ارمان دل ۾ ڏاڍو ٿيو ته تباهين جي نشاني تي ڪاڇي جا هزارين ماڻھون ٿيندا آهن ۽ ڪمائيندا حڪمران سياسي ماڻھون ۽ بپاشي ڪامورا آهن هيڏي ساري جُٺ باوجود اسان جي مقامي ماڻھن کي ڪڏھن شعور ايندو ۽ ھو پنهنجن حقن لاء آواز بلند ڪندا اهي ڳالهيون دل ۾ رکي مايوسي واري عالم ۾ گڏ صحافي دوست سان ان جاء تي پهتاسين جتي آرڊي 11 کان 16تائين تعميراتي ڪم جو زور هو جتان ديوار کڄي رهي هئي مشينري ۽ مزدور به اتي موجود هئا اسين ان جاء تي سال اڳ پهرين وياهئاسين پر ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ڪابه اميد نظر نه اچي رهي هئي هي اها ديوار کڄي رهي هئي جنهن سن 47ع ڌاري آبپاشي کاتي پاران هڪ هندو ملازم رامچنداڻي نالي ٺيڪيدار هو جنهن کي ذميواري ڏئي زيرو پوائنٽ کان آرڊي 16 تائين هڪ اعلي معيار جي ديوار يعني تير ڀت ٺھرائي هئي جيڪا گاج نئين جي خونخوار وهڪرن جون سٽون سهندي رهي جنهن جي ڪابه مالڪي ۽ مرمت نه ڪئي وئي
موجوده ٺھندڙ ديوار ۽ ان دور جي ٺھيل ديوار ۾ ڏينهن رات جو فرق ٿي رهيو آهي جيڪا ٻوڏ اچڻ سبب هڪ ئي وهڪري جو نشانو ٿي ويندي موجوده ديوار جي جائزو وٺندي ڪافي هنڌن تي ڏٺوسين ته ديوار جي پيڙھ آر پار کليل نظر آئي جنهن سوراخن کي بند ڪرڻ لاء ريتي بجري جا ڍير گڏ ٿيل نظر آيا ٻُڌايو ويو ته اهي پيڙھ بند ڪرڻ لاء رکيل آهن ۽ ديوار جي پيڙھ ۾ لاٿل مٽيريل ۽ ان ۾ جڪڙيل سرين کي ڏسڻ کانپوء ڪيترن ئي جڳهن تان پٿرنڪرندي نظر آيا جيڪو ناقص مٽيريل جو چٽو ثبوت هٿ آيو ٺھيل ديوار کي ڪنهن به هنڌ تان پاڻي جو اسپري ٿيندي نه ڏٺوسين درحقيقت پيڙه کان ديوار ڪمزور ڏٺي سين جنهن جي مضبوطي جي ڪنهن به ملازم ۽ مزدور خاطري نه ڪرائي ديوار جي کوٽائي ٿيل پيڙه ۾ وڏا پٿر ۽ ريتي بجري ڪريش اڇلائڻ لاء اتي ٻه ايڪسيويٽر بيٺل نظر آيا
ڏھ ارب رپين جي منصوبي گاج بندجي تعميراتي ڪم ۾ وڏي نااهلي ڪرپشن ۽ غير ذميواري جو مقامي رهواسي هئڻَ جي ناتي احساس ٿيو واپسي ٿيندي اتان آبپاسي کاتي جي هڪ ننڍي ملازم کان دادو آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر، ٺيڪيدار، سرويئر، جو نمبر ورتوسين جنهن کان موقف وٺڻ لاء جڏھن نمبر ڊائل ڪري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٽنهي ذميوار آفيسرن جا نمبر بزي هئا ۽ آخر تائين رابطو نٿي سگهيو انهن ذميوار ۽ نااهل آفيسرن بابت اندروني ذريعن کان معلوم ٿيو ته ٽنهي مان ڪوبه هتي اچڻ لاء تيار ناهي ڪُجھ ماڻھن ٻُڌايو ته سرويئر نظر سيال ۽ ٺيڪيدار هن ڪم مان ڪروڙين رپين جي ملڪيت ٺاهي آهي جيڪا سندن ويجهن رشتيدارن جي نالن تي ڪرائي اٿن
گاج بند جي تعميراتي ڪم مان ڪافي معلومات وٺي واپس ٿياسين ان افسوس ارمان ۽ حيرت سان ته گاج بند ڪڏھن به نه ٺهي سگهندو ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي زندگين سان کيڏندڙ آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي جيڪڏھن قانوني ڪٽھڙي ۾ نه آندو ويو ته تباهين جو هي سلسلو ڪڏھن به بند نٿي سگهندو سپريم ڪورٽ سميت تمام جانچ ڪندڙ ادار گاج بند منصوبي جي ڪم جو فوري طور معائنو ڪري ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاء قدم کڻن گاج بند جي ڪم کي مڪمل ڪرائين

پهنجو تبصرو موڪليو