گاج بند رٿا، غير معياري ڪم ۽ امڪاني نقصانن جو خدشو

گاج بند رٿا، غير معياري ڪم ۽ امڪاني نقصانن جو خدشو

محمد اسماعيل
چار ارب رپين جي مختص ٿيل رقم جي لاڳت سان ڪاڇي جي جابلو ندي گاج جي وهڪرن سان تباه ٿيل (گاج بند) جو ڪم گذريل پندرنهن مهينن کان ڍڳو پير پيران وري رفتار سان شروع ڪيو ويو، اگرچ دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪنهن منصوبي لاء ايڏي وڏي رقم مختص ٿي هجي ها ته شايد وقت کان اڳ مڪمل ٿيل هجي ها پر اسان جي ملڪي ادارن کي ڪرپشن جي حوس ايترو ته انڌو گونگو ٻوڙو ڪري ڇڏيو آھي جو انهن کي صرف ترقياتي منصوبن مان پئسو ئي ڪمائڻو هجي ٿو نه ڪي عوام جي جانين مال جو تحفظ ڪرڻ هجي ٿو پوري ملڪ اندر برساتي ٻوڏ هرسال ته نه ايندي آهي پر ڪاڇو اهو علائقو آهي جتي گاج ندي هر سال سانوڻي جي موسم ۾ پوري علائقي جي سوين ڳوٺن کي پنهنجي پاڻي جي خطرناڪ وهڪرن جي لپيٽ ۾ آڻي سندن سڀ ڪُجھ تباه ڪندي رهي آهي جنهن جو اصل سبب آھي گاج ڊائيوريشن بند جو مڪمل طرح تباه هجڻ گاج ندي جي تمام تيز ترين وهڪرن کي تقسيم ڪرڻَ ۽ اسپيڊ کي ٿڌو ڪرڻ لاء پٿرن جي پچنگ ۽ ديوار سان گڏ هڪ بند ڏنل آهي جيڪو سن 40 واري ڏھاڪي کان پهرين جو ڏنل آهي انگريز سرڪار ته سنڌ حڪومت کي ڪاڇي ۾ انسانن جي جانين جي تحفظ خاطر هي بند ٺاهي ڏئي وئي پر چون ٿا ته سن 47ع واري ڏھاڪي ۾ جڏھن برساتن دوران هي بند ٽُٽو آهي اڄ تائين وفاقي حڪومت، آبپاشي کاتي سنڌ ھن گاج بند جا اربين رپيا کائي چٽ ڪيا پر هي بند ٺاهي ناهن سگهيا غور طلب ڳالھ اها آھي ته ڇا چار ارب رپيا صرف صرف ڪرپشن جي لاء رکيا ويا هئا ايتري وڏي رقم رکڻَ جي باوجود پندرنهن مهينن کان گاج بند جو ڪم مڪمل ڇو نه ڪيو آخر هزارين ماڻهن سان هن سرڪاري دشمني جي دانهن ڏجي ته ڪنهن ڏجي آبپاشي کاتي سنڌ حڪومتي بيحسي مان بلڪل اندازو ٿي رهيو آهي ته ڪاڇي کي ايندڙ سال به سانوڻي ۾ ٻوڙيو ويندو بند نه ٺھڻَ جو ڪاڇي جي هزارين ماڻھن کي ڪو فائدو پلئه نٿو پوي پر يقين سان اهو چئي سگهجي ٿو گاج بند منصوبو آبپاشي کاتي سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن لاء سوني جهرڪي مثل آهي ڇو جو ڪاڇو ٻُڏندو ته نه روڊ ٺھندا نه فصل ٿيندا نه اجها اڏبا غريبن جا گهر لُڙھندا، مال متاع مرندو، سرڪار سڳوري جي ڪمائي جا در وري کلندا،ڪاڇي جي هزارين رهواسين جي زندگين جو چار ارب رپين جي رقم تحت سودو ڪيو ويو آھي رقم رليز ٿيڻ کانپوء به جيڪڏھن گاج بند جو ڪم مڪمل نه ڪيو ويو ته اها سنئين سڌي سنڌ سرڪار آبپاشي کاتي جي عوام دشمني چئبي هي خطرناڪ منصوبو جتي وفاقي حڪومت, سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو هر سال ان جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لکين رپيا ھضم ڪري ٿو, ۽ علائقي جي لکين ماڻهن کي ڪروڙين رپيا نقصانن ۾ وجهي ٿو ۽ ان جا سبب اهي آهن هي منصوبو سرڪار لاء ڪمائي جو ڄڻ وسيلو بڻجي ويو آهي پر ذڪر ان ڳالھ جو ڪجي ٿو ته جيڪڏھن سرڪار کي ڪرپشن ڪري پئسو ڪمائڻو آهي ته پوء اهو گاج بند جي مرمت جي صورت ۾ ڇو اهڙا ٻيا به کوڙ پروجيڪٽ ھوندا جتي سرڪاري عملدار جهجهي ڪرپشن ڪري پئسو ڪمائي سگهن ٿا اربين رپين جي منصوبن کي عوام جي فلاح بهبود ۽ انهن جي تحفظ خاطر جوڙڻ بجاء سرڪار ۽ ڪامورا جيڪڏھن پنهنجون ملڪيتون ٺاهيندا رهيا ته اسان ترقي بجاء تباهي طرف وڌندا وينداسين هن وقت بند جهڙي نموني تباه ٿيل آهي نٿو لڳي ته مختصر عرصي ۾ مرمتي ڪم مڪمل ٿي سگهي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ڪم مڪمل ٿيڻ لاء تمام گهڻو وقت درڪار آهي ۽ افسوس آ انتظامي نااهلي تي ته هن وقت تائين گاج بند جي تير ڀت جو ڪم جيڪو چار هزار ڦُٽ تائين مڪمل ڪرڻو اهو صرف ٻه سئو کان ٽي سئو ڦُٽ تائين ڪيو ويو آهي جيڪا پيڙھ کان مٿي نه نڪري سگهي آهي ڪم گهڻو آهي بس سرڪار جي لاپرواهين تي ئي حيرت ٿي رهي آهي ته آخر ڪاڇي سان هي دشمني ختم ڪڏھن ٿيندي جيڪا هڪ افسوس زده ڳالھ آهي سو سرڪار جي هن لاپرواهي ۾ امڪاني ٿيندڙ نقصانن جي ذميوار آبپاشي انتظاميه کاتي جا ڪامورا ۽ مرمتي ڪم ڪرائيندڙ ڪمپني جا ٺيڪيدار سرويئر انجنيئر داروغا ملوث آھن جيڪي نٿا چاهين ته گاج بند جهڙو منصوبو ترت مضبوط ۽ مڪمل ٿئي ۽ اسانجي ڪمائي بند ٿئي سو سنڌ سرڪار سميت تمام ذميوار اختيارين آبپاشي کاتي ۽ گاج بند جي ٺيڪيدارن جي ڪرپشن کي فوري طور ٻنجو ڏئي ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جو اهڙي نموني سستو سودو ٿيڻ کان بچائي لکين انسانن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي ۽ ايندڙ سانوڻي کان پهرين گاج ڊائيوريشن جهڙي هن خطرناڪ رٿا کي فوري طور مڪمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سپريم ڪورٽ سميت تمام اعلي اختيارين کي ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي زندگين بچائڻ خاطر گاج بند ۾ ڪرپشن ڪندڙ آبپاشي کاتي ۽ ٺيڪيدارن خلاف پاڻمرادو ائڪشن کڻڻ گهرجي جيئن ڪاڇو ايندڙ سانوڻي جي ٻوڏن کان محفوظ رهي

پهنجو تبصرو موڪليو