ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل تيار،گھٽ اگھ تي خريداري ۽ ڪٽوتي جاري

ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل تيار،گھٽ اگھ تي خريداري ۽ ڪٽوتي جاري

ميرپوربٺورو (ن سنڌ يار) ميرپور بٺورو تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل تيار، لابارا شروع ٿي ويا، جڏهن ته فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ في مڻ 100 کان 200 روپيا گھٽ ڏنو پيو وڃي.ٻئي پاسي ٻه کان چار ڪلو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا.جڏهن ته آبادگارن آن لائين انڊس نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال به آبادگارن کي بارداڻو نه ملي سگهيو ۽ ھنن چيو ته حڪومت سنڌ جي خوراڪ کاتي کي گھرجي ته وقت سر سرڪاري خريداري سينٽر کولي آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو