ڪاڪڙ جون مخلتف اڳواڻن سان ملاقاتون،معاهدن تي صحيحون

ڪاڪڙ جون مخلتف اڳواڻن سان ملاقاتون،معاهدن تي صحيحون

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان بن عبدالله ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا علائقائي استحڪام جو ذريعو آهن…….پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات ۾ قائم ملٽي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپني ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ سي اي او سلطان احمد بن سليم ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي وسعت ڏيڻ ۾ ڊي پي ورلڊ جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ ڪمپنين کي حڪومت پاران ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. پاڪستان واپار ۽ صنعتي سرگرمين جي محور جي طور تي پنهنجي جاگرافيائي ۽ اقتصادي ويزن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حصيدار ادارن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ملاقات کانپوءِ نگران وزيراعظم مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن وارين وزارتن ۽ دبئي جي حڪومت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ دبئي حڪومت پاران ڊي پي ورلڊ نمائندگي ڪئي. معاهدن تحت پاڪستان ۾ ٺوس فريٽ ڪوريڊور، ملٽي ماڊل لاجسٽڪ پارڪ ۽ ريلوي نيٽ ورڪ تي مال برداري جا ٽرمينلز قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي اقتصادي زون قائم ڪرڻ ۽ پورٽ قاسم ۾ نيوي گيشن چينل جي ڊريجنگ جي معاملن ۾ تعاون ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو