فرانس ۾ مهانگائي خلاف پرتشدد جهڙپون جاري، احتجاج يورپ جي ٻين ملڪن تائين پکڙجي ويو

فرانس ۾ مهانگائي خلاف پرتشدد جهڙپون جاري، احتجاج يورپ جي ٻين ملڪن تائين پکڙجي ويو

پيرس(ويب ڊيسڪ)پيرس سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال، دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون لڳايون ويون.
فرانس ۾ ڇنڇر ڏينهن مسلسل ٻئي ڏينهن به مهانگائي ۽ اسڪولن جي خراب حالتن خلاف لکين ماڻهن احتجاج ڪيو، جنهن دوران 1300 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. اختيارين موجب، ڏينهن جي شروعات ۾ مظاهرا گهڻو ڪري پرامن رهيا، پر بعد ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون.
پيرس سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، جڏهن ته مارسيل شهر ۾ رستن تي رڪاوٽن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ بورڊيو شهر ۾ ڪجهه ماڻهن هڪ دڪان مان ڪاٺ جا تختا پٽي ڪڍيا.
اختيارين هن وقت تائين گذريل هفتي جي آخر ۾ ٿيندڙ هنگامن ۽ ڦرلٽ جهڙي صورتحال کي ٻيهر پيدا ٿيڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. گذريل هفتي ٿيل واقعن کي فرانس جي جديد تاريخ جي بدترين بدامني وارن واقعن ۾ شمار ڪيو ويو هو.
فرانس جي گهرو وزارت موجب، ڇنڇر ڏينهن لڳ ڀڳ 4 لک 10 هزار ماڻهن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٽريڊ يونينن جو اندازو هو ته مظاهرين جو انگ لڳ ڀڳ 8 لک هو.
تازن احتجاجن دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 70 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ پابنديون لاڳو ڪيون ويون. اختيارين جو مقصد هو ته مهانگائي ۽ اسڪولن جي خراب حالتن خلاف احتجاج گذريل هفتي جهڙي بدامني ۾ تبديل نه ٿئي، جڏهن پوليس اهلڪارن جو تعداد مظاهرين جي مقابلي ۾ گهٽجي ويو هو، سوين ڪاروباري ادارن ۾ ڦرلٽ ڪئي وئي هئي ۽ عمارتن کي باهيون ڏنيون ويون هيون.
گهرو وزارت ٻڌايو ته ڇنڇر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ چڪرين دوران 53 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا.
فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون هن هفتي جي شروعات ۾ حڪم ڏنو هو ته رڳو تسليم ٿيل ٽريڊ يونينن جي منظم ڪيل مظاهرن جي اجازت هوندي. ان کان اڳ ڀڃ ڊاهه، باهه ڏيڻ ۽ ڦرلٽ جي واقعن ۾ ملوث سوين ماڻهن کي تڪڙي عدالتي ڪارروائيءَ کان پوءِ جيل موڪليو ويو هو.
پيرس ۾ پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون
پيرس ۾ پرامن جلوس جي پڄاڻيءَ تي مظاهرين ۽ فساد روڪڻ واري پوليس وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. جلوس شهر جي پورٽ ڊي اٽالي علائقي کان پورٽ ڊي وينسينس ڏانهن وڃي رهيو هو.
پوليس جي ڪارروائيءَ ۾ هڪ خاص تربيت يافته يونٽ پڻ شامل هو، جيڪو عام طور منظم ڏوهن ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪجهه مظاهرين کي عارضي رڪاوٽون ٺاهيندي ۽ پوليس اهلڪارن تي شيون اڇلائيندي ڏٺو ويو، جڏهن ته نقاب پوش نوجوانن جي هڪ ٽولي ڪارون وڪڻندڙ دڪان جون دريون ٽوڙڻ شروع ڪيون ته پوليس انهن کي لٺبازي ڪندي پوئتي ڌڪيو.
فرانس جي گهرو وزير لوران نونيز موجب، فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي ٻڌايو ته جلوس جي پٺئين حصي ۾ ڪيترائي هزار انتهاپسند ڪارڪن گڏ ٿيا هئا، جن ۾ لڳ ڀڳ 500 ڄڻن جي سڃاڻپ هنگامن ۾ ملوث ماڻهن طور ڪئي وئي.
گهرو وزارت موجب، ڇنڇر ڏينهن پيرس ۾ 142 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو گذريل هفتي ساڳئي ڏينهن گرفتار ٿيل ماڻهن جي تعداد جي اڌ کان به گهٽ هو.
مارسيل ۽ بورڊيو ۾ باهيون ۽ ڀڃ ڊاهه
فرانس جي ڏاکڻي بندرگاهه واري شهر مارسيل ۾ ڪچري جي دٻن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ گهٽين کي بند ڪرڻ لاءِ ڌاتوءَ جون چادرون استعمال ڪيون ويون. فرانس جي ٻئي وڏي شهر ۾ هڪ سرڪاري قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي گاڏي کي باهه لڳل رڪاوٽ مان گذرندي ڏٺو ويو.
ٻئي طرف، ڏکڻ فرانس جي شهر بورڊيو ۾ ڪاري لباس ۽ منهن ڍڪيل ڪجهه مظاهرين کي هڪ عمارت مان ڪاٺ جا تختا پٽيندي ڏٺو ويو، جن کي هو گهٽين ۾ رڪاوٽون ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا هئا.
ليون شهر ۾ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا استعمال ڪري هڪ ميڙ کي منتشر ڪيو. رپورٽن موجب، اهو ميڙ اهڙي علائقي ۾ گڏ ٿيو هو، جتي مقامي انتظاميا مظاهرن تي پابندي لڳائي هئي.
فرانس جي ٽئين وڏي شهر ۾ احتجاج ڪندڙ هڪ شخص ٻڌايو ته اتي لڳ ڀڳ 150 ماڻهو هئا، جن ۾ گهڻو ڪري سيڪنڊري اسڪولن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد شامل هئا.
هن چيو ته پوليس لڳ ڀڳ فوراً ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪئي، جنهن سبب گهٽين ۾ ڪجهه به ڏسڻ ڏکيو ٿي ويو.
گهرو وزير نونيز اهو پڻ ٻڌايو ته ٻن ماڻهن کي سخت زخمي ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو. انهن مان هڪ ڏکڻ اولهه واري شهر تولوز ۽ ٻيو وچ فرانس جي شهر ڪليئرمان فيران ۾ زخمي ٿيو. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ گرفتارين جو انگ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.
فرانس جي خابرو اداري فرانس انفو موجب، تولوز ۾ 20 سالن جي هڪ مظاهري ڪندڙ نوجوان جو هڪ هٿ ڌماڪي سبب سخت زخمي ٿيو ۽ سندس ڪيتريون ئي آڱريون جسم کان ڌار ٿي ويون. اها ڄاڻ طبي عملي جي حوالي سان ڏني وئي، جنهن زخمي جو علاج ڪيو.
آچر تي دير تائين بدامني جاري رهي. مارسيل واري علائقي بوش دو رون جي اختيارين ٻڌايو ته ست ڪاروباري ادارن ۾ ڦرلٽ ڪئي وئي يا انهن کي نقصان پهچايو ويو.
عوام حڪومت کان مايوس، تبديلي جو مطالبو
پيرس ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ 26 سالن جي هڪ عورت، جنهن پنهنجو نالو زيلي ٻڌايو، بي بي سي کي چيو ته ماڻهو حڪومت کان سخت مايوس ٿيڻ سبب روڊن تي نڪتا آهن ۽ ميڪرون جي اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي گهڻو ڪجهه ڀوڳي رهيا آهن.
هن چيو ته حڪومت کين خاموش رکي ٿي، سندن پئسا وٺي ٿي ۽ مٿن تمام گهڻا ٽيڪس لاڳو ڪري ٿي، جڏهن ته کين پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جي به اجازت نٿي ملي.
هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو ان ڪري روڊن تي آيا آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻي برداشت جي حد ٿي چڪي آهي ۽ اهو سلسلو تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويو آهي.
ٻن نقاب پوش نوجوان مظاهرين، جن پنهنجا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، چيو ته سندن نسل مايوسيءَ جو شڪار آهي ۽ کين محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت کين اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي.
گذريل ڇنڇر ڏينهن ٿيل ڦرلٽ بابت هڪ نوجوان چيو ته سندس خيال ۾ ڦرلٽ بلڪل غلط آهي، پر اهڙا واقعا غربت ۽ پوليس جي تشدد سبب به ٿين ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته احتجاج ان وقت ختم ٿيندا، جڏهن سندن مطالبن جو جواب ڏنو ويندو. هنن جو مقصد فرانس ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ آهي.
ساڄي ڌر جي جماعت خلاف به مظاهرو
فرانس جي وچ اتر واري شهر اورليان ۾ لڳ ڀڳ 13 هزار ماڻهن سخت ساڄي ڌر جي جماعت نيشنل ريلي (آر اين)خلاف احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي. اهو مظاهرو پرامن رهيو.
فرانس ۾ تازو بدامني اهڙي سياسي ماحول ۾ ٿي رهي آهي، جڏهن ملڪ هڪ اهڙي چونڊ واري دور ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيڪو هڪ نسل جي سڀ کان وڌيڪ ورهاست پيدا ڪندڙ سياسي دورن مان ٿي سگهي ٿو.
صدر ايمانوئل ميڪرون ايندڙ بهار ۾ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو. چونڊن بابت سروي ظاهر ڪن ٿا ته فرانسيسي ووٽرن کي آخرڪار نيشنل ريلي جي اميدوار مارين لي پين ۽ سخت کاٻي ڌر جي جماعت لا فرانس انسوميز (ايل ايف آءِ) جي اميدوار وچ ۾ چونڊ ڪرڻي پئجي سگهي ٿي.
ٻنهي جماعتن جي اهم اڳواڻن بدامنيءَ جو ذميوار ميڪرون کي قرار ڏنو آهي. تنهن هوندي به ساڄي ڌر جي اڳواڻن هنگامن ۾ ملوث ماڻهن تي سخت تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته کاٻي ڌر جي اڳواڻن ٽريڊ يونينن جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيندڙ احتجاجن جي حمايت ڪئي آهي.
کاٻي ڌر جي جماعت ايل ايف آءِ جي امڪاني صدارتي اميدوار زان لوڪ ميلانشون چيو ته فرانسيسي ميڊيا پرامن احتجاجن کي مناسب ڪوريج نه ڏني، جڏهن ته پوليس اهڙي ڪارروائي ڪئي، جيڪا ڄاڻي واڻي بدامني پيدا ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنل هئي. هن دعويٰ ڪئي ته ان ڪارروائيءَ ۾ ٻه ماڻهو سخت زخمي ٿيا.
يورپ جي ٻين شهرن ۾ به احتجاج ۽ چڪريون
فرانس جهڙن مسئلن سبب ڇنڇر ڏينهن يورپ جي ڪيترن ئي ٻين شهرن ۾ پڻ وڏا احتجاج ٿيا.
اسپين جي شهر بارسلونا ۾ شاگردن جي احتجاج دوران حالتون خراب ٿيڻ کان پوءِ 120 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. مقامي اختيارين انهن واقعن کي بنا ڪنهن جواز جي تشدد قرار ڏنو.
البانيا جي گاديءَ واري شهر ترانا ۾ حڪومت مخالف هزارين مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ فساد روڪڻ واري پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪئي، جڏهن ته بيلجيم جي گاديءَ واري شهر برسلز ۾ پڻ چڪرين جا اطلاع مليا.
اتر اٽلي جي شهر ميلان ۾ سوين فوجين ۽ پوليس اهلڪارن تي ٻڌل وڏو حفاظتي انتظام ڪيو ويو، جنهن سبب مظاهرين کي شهر ۾ گڏ ٿيڻ کان روڪيو ويو. اختيارين کي خدشو هو ته گذريل هفتي جهڙا پرتشدد واقعا ٻيهر ٿي سگهن ٿا، جڏهن مظاهرين باهيون ڏنيون، دريون ٽوڙيون ۽ دڪانن ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي.
گذريل هفتي جي احتجاجن ۾ 2500 کان وڌيڪ گرفتاريون
گذريل هفتي جي آخر ۾ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ مهانگائي خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ لڳ ڀڳ 5 لک 50 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. ان کان اڳ ڪيترن ئي هفتن کان شاگردن جا احتجاج جاري هئا، جنهن سبب عوامي ڪاوڙ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.
انهن مظاهرن کان پوءِ پيدا ٿيل بدامني دوران 2500 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
شروعات ۾ جلوس گهڻو ڪري پرامن هئا، پر بعد ۾ تشدد، ڦرلٽ ۽ تباهيءَ جا واقعا پيش آيا. فرانس ۾ 2 هزار کان وڌيڪ دڪانن ۽ ٻين ڪاروباري ادارن جي سڌي طرح متاثر ٿيڻ جا اطلاع ڏنا ويا.
فرانس جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري موجب، نقصان جو ڪاٿو سوين ملين يورو لڳايو ويو.
خابرو اداري اي ايف پي موجب، پوليس جي ميڙ کي منتشر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيل هڪ دستي بم جهڙي گولي لڳڻ سبب هڪ مظاهري ڪندڙ جو هٿ جسم کان ڌار ٿي ويو، جڏهن ته لڳ ڀڳ هڪ هزار پوليس اهلڪار زخمي ٿيا.
بعد ۾ فرانسيسي اختيارين پيرس ۽ ٻين شهرن ۾ رات جي وقت ٻاهر نڪرڻ تي پابنديون لاڳو ڪندي ڪرفيو نافذ ڪيو.
فرانس ۾ احتجاجن جو اهو سلسلو ڇهن مهينن کان پوءِ ٿيندڙ صدارتي چونڊن کان اڳ جاري آهي. اهم سياسي اميدوارن ۽ اڳواڻن بدامنيءَ جو ذميوار صدر ميڪرون ۽ سندس وزيرن کي قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو