ڏاهاڻي جو دادو ۾ ڪرڪٽ جي شوقينن پاران ڀرپور استقبال

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)ملتان سلطان ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي دادو آمد تي دوستن ۽ ساٿين پاران شاندار استقبال ڪيو ويو . پي ايس ايل ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي شهر لاڙڪاڻي واپسي تي ڪراچي کان روانو ٿيڻ تي مختلف شهرن ۾ دوستن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن پاران دادو ۾ به ڀٽائي هوٽل تي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جو ان جي دوستن فهد جمالي عبدالستار جمالي اختر علي اظهر علي صحبت فقير امتياز لغاري عابد امين لالا منشي قربان پنهور ملڪ لياقت ۽ ٻين سنڌي ٽوپي اجرڪ پهرائي گل نڇاور ڪري سندس بهترين انداز سان استقبال ڪيو واضح رهي ته پي ايس ايل جي چار ميچن ۾ 9 وڪيٽون وٺي ٻئين پوزيشن ماڻي ورتي هئي ان موقعي تي شاهنواز ڏاهاڻي دوستن پاران استقبال ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيو ۽ چيو ته  اڄ جنهن منزل تي موجود آهيان ان ۾ منهنجي والدين جون ۽ توهان سڀني دوستن جون دعائون آهن هن تمام دوستن همدرد ساٿين سميت پاڪستانين جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو