طفيل مگسي
ڪاغذي ڪرنسي جي حيثيت؟Monetary and fiscal policy ڇا هوندي آھي ؟ڊالر ڪيئن وڌي ٿو؟بينڪ جي حقيقت ؟ Demand and supply ؟ Budget and trade deficut کان ڇا مراد آھي؟IMF اسان جي مٿان ايترا شرط ڇو مڙھي ٿو؟وغيره وغيره.(جڏھن آئي ايم ايف ڪنهن غريب ملڪ جهڙوڪ پاڪستان کي قرض ڏيئي ٿو ته ان تي سخت شرط لاڳو ڪري ٿو.جيئن تيل.گئس.بجلي۽ ٽيڪس ۾ واڌارا ۽ نهن شرطن جا اهي مقصد آھن ته ان وڌندڙ مهانگائي.تيل.بجلي ۽ ٽيڪس کان ملڻ واري سموري رقم آئي ايم.ايف جي قرضن لاهڻ ۾ خرچ ڪيا ويندا) (يعني اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ .سياستدان.جاگيردار. خلائي مخلوق سرمائيدار سمورو ٻوجھ عوا تي وجهي ڪري آئي ايم ايف کان ملڻ واري سموري رقم فضول خرچين.ڪرپشن.کيسن کي گرم ڪرڻ ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ وغيره جي شڪل ۾ ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي). ڇوته آئي ايم ايف کي پنهنجن قرضن جي واپسي به ته ڪرڻي هوندي آھي.۽ آئي ايم ايف تڏھن ئي قرض ڏيندي آھي.جڏھن حڪومت هن کي اهو يقين ڏياري ته اوهان جو پئسو انهن وسيلن کان واپس اچي سگهي ٿو ۽ اهي وسيلا ۽ شرط آئي ايم ايف حڪومت کي ٻڌائيندي.جيئن هن وقت پاڪ حڪومت کي ٻڌائي پئي.جيڪڏھن حڪومت ۽ آئي ايم ايف انهن شرطن تي راضي ٿيا ته انهن شرطن تي ملڻ واري رقم آئي ايم ايف جي قرضن ۽ وياج جي ادائيگي ۾ استعمال ٿيندي ۽ ان ريت سموري رقم کي آئي ايم ايف يا بين الاقوامي سامراج جي غلامي ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو). انسانن جي ارتقائي سوچ جتي وقت سان گڏ ترقي ڪئي.اتي وقت سان گڏوگڏ مختلف ايجادون.واپار ۽ .زندگي گهارڻ جي اصولن وغيره به ترقي ڪئي ۽ ارتقائي مرحلا طئي ڪيا. دنيا ۾ پهرين انسانن جي زندگي خاندانن تائين محدود هئي.۽ پوء وقت سان گڏوگڏ هوريان هوريان انسان خاندان کان نڪري قبيلي.ڳوٺ.علائقي .شھر .ملڪ ۽ اڄ جي دور يعني گلوبلائيزيشن تائين جا مختلف مرحلا طئي ڪيا. هن مضمون ۾ اسان جيئن ته معشيت تي فوڪس ڪنداسين.ان ڪري اچو ته مضمون جي اصليت ڏانهن اڄون. اڳين زماني ۾ واپار شين جي مٽاسٽا سان ٿيندو هو.۽ اھو محدود ۽ ذاتي نموني جو هو.جيڪو بعد ۾ ڪشادي پيماني تي ملڪن جي وچ ۾ پکڙيو.جنهن کي Bartter system سڏيو وڃي ٿو.بعد ۾ سڪن وغيره جو رواج پيو ۽ پوء ان سان گڏ ئي دنيا ترقي ڪندي رهي ۽ مٽاسٽا وڏي پيماني تي ٿيڻ لڳي.ان دور کيMerchantism سڏيو وڃي ٿو.مثلا هڪ ماڻھوء ڪنهن کي ڪڻڪ ٿي ڏني ته موٽ ۾ ٻئي ماڻھوء کيس کي چانور ٿي ڏنا وغيره يعني اهوئي وڏي پيماني تي پکڙجي ويو.گڏ ئي شين جي مٽا سٽا جي بدلي کانسواء سون وچاندي جي سڪن جي به ڏي وٺ ٿيڻ لڳي.ان کانپوء سترهين ۽ ارڙھين صدي ۾ صنعتي ترقي سان گڏ دنيا ڪافي ترقي ڪئي.صنعتي ترقي جو بنياد مشين جي ايجاد سان پيو ۽ اهو ڪم جيڪو 20 يا 30 ڪلاڪن ۾ ڪري سگهندا هئا.مشينن جي ايجاد کان اهو ڪم.منٽن ۾ ٿيڻ لڳو. ان دور کي Industrilism دور يا صنعتي دور سڏيو وڃي ٿو.ان دور سان گڏ ڪيپيٽلزم جو دور به شروع ٿي وڃي ٿو ياد رکو ته ڪيپيٽلزم کان اڳ جاگيرداري نظام هو.جنهن کي Fedulism سڏيو وڃي ٿو.ان جو مڪمل خاتمو ته نه ٿيو.مگر يورپ ۾ ان جي خلاف انقلاب آيو.ماڻھو Fedulismکان تنگ ٿي چڪا هئا.۽ ان ريت سرمائيدارن ماڻھن کي هڪ نئين سوچ ۾ جڪڙي ڇڏيو.Capitalsim جو معاشي نظام جيڪو ايڊم سمٿ ڏنو ۽ مختلف سرمائيدار ملڪن ان نظام کي اپنايو.جيڪو هڪ اهڙو نظام ھو. جنهن۾ نه صرف سرمائيدار جي ناڻي کي قانوني حيثيت ڏني وڃي ٿي.بلڪ ماڻھن کي غلامي ڏانهن پڻ ڍڪيو وڃي ٿو ۽ ان ريت سرمائيداري نظام جنهن کي اسان ڪيپيٽلزم سڏيون ٿا.هڪ نئين شڪل ۾ وجود ۾ اچي وڃي ٿو. مشين جي ايجاد جتي انسانن جا ڪم آسان ڪيا .اتي سرمائيدارن مزدورن جو استعصال به شروع ڪيو.مزور کان16 کان18 ڪلاڪ ڪم ورتو ويو.۽ ان جي ڀيٽ ۾ مزدورن کي نهايت ئي گهٽ آمدني ملڻ لڳي.جنهن ڪري يورپ ۾ سوشلسٽ انقلاب ۽ مزدورن جي حقن جي لاء آواز بلند ٿيڻ شروع ٿيا.۽ اهي اهڙا حق هئا.جيڪي اسلام انسانيت کي 14 سو سال پهرين ڏئي ڇڏيا هئا. ان ريت سوشلسٽ معاشي نظام وجود ۾ اچي ٿو.جنهن جو باني ڪارل مارڪس ٿيئي ٿو.جنهن تي روس ۾ انقلاب برپا ٿيئي ٿو.سوشلسٽ انقلاب ۽ مزدورن جي يونين کي ڏسي ڪري سرمائيدار وقتي طور تي يورپ امريڪا وغيره ۾ چمڪو ڏئي ڇڏي ٿو.ان سان گڏ ئي منڊي ۽ ڪاروباري رستن تي ڪنٽرول جي حاصلات جي لاء ٻه عظيم جنگيون وڙھيون وڃن ٿيون. هاڻي اسان اچون ٿا اصل ٽاپڪ ( Topic ) تي.ڇوته ڪاروبار شين جي مٽاسٽا يا سون تي هو ته مختلف بينڪون وجود ۾ آيون.جنهن جي لاء چيو ويو ته توهان انهن وٽ سون جمع ڪيو.جنهن جي انهن هڪ رسيد ٺاھي ٿي ڏني.جنهن رسيد کي ڪاروبار جي لاء استعمال ڪيو ٿي ويو. ۽ بعد ۾ اها رسيد بقول بينڪن جي ساڳين بينڪن ۾ يا ٻي ڪنهن رجسٽرڊ بينڪ ۾ جمع ڪري پنهنجو سون واپس وٺي سگهو ٿا.جنهن سان ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ٿي.مگر انهن بينڪن دوکو ڏيڻ شروع ڪيو.مثلا هڪ تولي سون جي بدلي ۾ هڪ رسيد جاري ڪرڻ گهربي هئي.مگر بينڪن ڏھن کان ويھ رسيدون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ان ريت بينڪن پنهنجي ڦرلٽ جو ڪاروبار شروع ڪيو.بعد ۾ جڏھن ماڻھن واپس پنهنجو.سون گهرڻ شروع ڪيو ته بينڪن وٽ ايترو سون نه هو يا بينڪن ڏيڻ نٿي چاهيو.۽ ان ريت بينڪن پاڻ کي ڏيوالي طور ڊڪليئر ڪري فرار ٿيون يعني ان قسم جي ڏي وٺ ھئي.جيئن پاڪستان ۾ ڊبل شاه ڪيو هو.ماڻھن جا پئسا ڦري ڪري فرار ٿيو.هاڻي اچون ٿا پوائنٽ تي ته ڊالر ڪيئن وڌي ٿو.؟ڇو وڌي ٿو؟ڪاغذي ڪرنسي جي حقيقت ڇا آھي’قرضن جي حيثيت ڪيئن ڪئي وڃي ٿي؟وغيره وغيره. 1944ع۾ جڏھن ٻي جنگ عظيم پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ته 44 ملڪن امريڪا جي اڳواڻي ۾ ڪاروبار جي ڏي وٺ جو هڪ طريقو چٽو ڪيو ته جن ملڪن وٽ سون گهڻو هوندو.انهن ملڪن جي پئسي جو قدر وقيمت ڀه وڌيڪ ٿيندي.يعني ڪاغذي ڪرنسي جي پٺيان سون هو.جيترو جنهن ملڪ وٽ سون هوندو ان ريت جيڪڏھن ملڪ ڪاروبار ڪندا ته سون جي سون جي مٽاسٽا ٿيندي.مگر ايتري گهڻي سون جي ملڪن جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا.(مسئلا وغيره ڪجه نه هئا.مگر عالمي سامراجي سرمائيدار پنهنجي لاء ڳولي رهيا هئا.ڇوته جيڪي 44 ملڪ شامل هئا.انهن ۾ اڪثر امريڪي سامراج جا ساٿاري ۽ ڪٺ پتلي هئا) انهيء ريت اهو قانون پاس ٿيو ته ملڪ پاڻ ۾ ڪاروبار جي ايڪسچينج جي لاء ڊالر جو استعمال ڪندا ۽ ان ڊالر جي بدلي ٻيو ملڪ پنهنجو سون امريڪي ريزرو بينڪ ۾ جمع ڪندو.۽ جڏھن چاهي پنهنجو سون پنهنجي ملڪ ۾ ٽرانسفر ڪري سگهي ٿو.ٻين لفظن ۾ امريڪا جي ريزو بينڪ جو ڪم ميڊيم آف ايڪسچينج هو يعني هڪ اهڙي بينڪ جنهن جي ذريعي دنيا جا سمورا ملڪ پنهنجو سون جمع ڪري ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. ان ملڪ کي ڊالر ايشو ڪندي.۽ جڏھن چاهي امريڪي بينڪ کي ڊالر ڏئي ڪري پنهنجو سون واپس گهري سگهي ٿو.اهوسسٽم 1971ع تائين هلندو رهيوان دوران ويٽنام جي جنگ شروع ٿي ته امريڪا سامراج بي حساب ڊالر ڇاپڻ شروع ڪيا.ٻين ملڪن جڏھن اهو ڏٺو ته امريڪا وٽ ذاتي طور تي ايترو سون ناهي جيتري تيزي سان ڪاغذي ڪرنسي ڇاپيندو پيو وڃي.ته انهن پنهنجي سون گهرڻ جي ڊيمانڊ ڪئي.امريڪا جڏھن انهن حالتن کي ڏٺو ته ان ريت ته اسان جو سمورو ملڪ ڏيوالي جي ور چڙھي ويندو.ڇاڪاڻ ته ملڪ پنهنجو سون گهري رهيا هئا.جنهن جو مطلب سون جو امريڪا کان وڃڻ يعني امريڪا وٽ سون جي کوٽ سبب کان ڊالر جي ريٽ ۾ رڪارڊ گهٽتائي جيڪو تمام وڏو نقصان هو؟امريڪا پاڻ کي بچائڻ جي لاء ڊالر يا پئسن جي پٺيان سون وغيره جو 1971ع وقتي(Temporary ) خاتمو ڪيو.ليڪن اڄ تائين ٻيهر ڪاغذي ڪرنسي جي پٺيان ڪنهن سون جو هئڻ لاڳو نه ٿيو.جنهن جي سبب کان سڄي دنيا جي معشيت لمي لڏي رهي آھي.ان ريت اڄڪلھ جيتري به ڪاغذي ڪرنسي آھي ان جي پٺيان صرف هڪ يقين ۽ گورنمينٽ جي آرڊر کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي يعني اهو فقط ڪاغذ آھي.جنهن کي گورنمينٽ اهميت ڏني آھي.بينڪ ڪيئن ڪم ڪري ٿي؟ بينڪ ڪيئن ٺھي؟ ان جو سبب مان مٿي بيان ڪري چڪو آھيان.هينئر اسان هن ڳالھ تي فوڪس ڪنداسين ته اڄڪله جون بينڪون ڪيئن ڪم ڪن ٿيون؟ پئسن جي ڏي وٺ جو هڪ وسيلو آھي.جتي اسان پئسا رکڻ سان گڏوگڏ اوڌر به وٺي سگهون ٿا.ڪيپيٽلزم ۾ بينڪ وياج تي نه صرف ڪاروبار ڪري ٿي بلڪ اوڌر به وياج تي ئي ڏيئي ٿي؟ملڪ جي اندر هڪ سينٽرل بينڪ هوندي آھي.جنهن سان گڏ باقي سموريون بينڪون اٽيج ياConnect هونديون آھن.سينٽرل بينڪ يا پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ کي سمجهڻ کان اڳ ملڪ جي معشيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آھي.ملڪ جي اندر ٻن قسمن جون معاشي پاليسيون هونديون آھن.هڪ کي( Fiscal ) ۽ ٻي کي( Monetrory policy ) سڏين ٿا. FISCAL POLICEY تي گورنمينٽ جو ڪنٽرول هوندو آھي.جڏھن ته ( Monetrory POLICEY ) تي سينٽرل بينڪ جنهن کي پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.ڪنٽرول ڪري ٿي. Monetory policy ۾ بنيادي شيء پئسن جو وهڪرو Flow کي مارڪيٽ جي اندر بيلنس رکڻ ۽ ان جي مطابق انفليشن ريٽ (مختصر لفظن ۾ شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿي ٿيڻ کي انفليشن سڏجي ٿو) ۽ وياج جي واڌ ڪرڻ مثلاجيڪڏھن پئسن جو وهڪرو مارڪيٽ ۾ گهڻو ٿي وڃي يعني وقت جي حڪومت ملڪ ۾ موجود وسيلن کان وڌيڪ پئيسا Print ڪري جنهن جي سبب کان پئسن جو وهڪرو مارڪيٽ جي اندر وڌيڪ ٿي ويندو ۽ شين جي قدر ۾ کوٽ اچي ويندي.ان کي انفليشن سڏين ٿا ۽ ان کي معشيDamand and supply theory جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿوته جڏھن هڪ شيء جي گهرج Demand ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو ته ان جي قيمت Valuesوڌي وڃي ٿو. نيٺ سوال پيدا ٿيئي ٿو ته مارڪيٽ جي اندر پئسن جو وهڪرو وڌي ڇو ٿو؟يا پوء حڪومت وڌيڪ پئسا پرنٽ ڪري؟جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آھي ته 1971ع کانپوء پئسن جي حقيقت صرف ڪاغذ جي ٻي ڪا ناهي.ان جي پٺيان ڪو سون يا تيل ناهي بلڪ هڪ يقين آھي ته اهو ڪاغذ مارڪيٽ ۾ قابل قبول آھي.۽ ان جي ڏي وٺ قابل قبول ڪئي وڃي ٿي. هاڻي ڊالر جي حقيقت ڏانهن اچون ٿا“هاڻي ائين ٿيو ته امريڪا پهرين کان ئي ڪافي ملڪن ۽ خاص ڪري يورپ ۽ سعودي عرب سان اهي معاهدا ڪيا ته اوهان ماڻھو واپار ۽ خاص ڪري تيل جو وڪرو ڊالر ۾َ ڪندو.هن وقت سعودي عرب پهرين تيل کي امريڪي ڊالر ۾ امريڪا کي وڪرو ڪري ٿو.جنهن کانپوء امريڪا باقي دنيا کي وڪرو ڪري ٿو.ان جي بدلي ۾ امريڪا ۽ سعودي حڪومت جي وچ ۾ ھڪ معاهدو ٿيو آھي ته تيل امريڪي ڊالر ۾ وڪرو ڪري مگر بدلي ۾ امريڪي ڊالر جو سعودي حڪومت جي وچ ۾ وڌيڪ فرق نه اچڻ کپي.۽ ان ريت عالمي مارڪيٽ جي اندر امريڪي سامراج جي بالادستي.ظلم ۽ ڪوڙ سان قائم آھي.۽ واپار تيل جي امريڪي ڊالر ۾ وڪرو جي سبب کان ڊالر جي گهرج عالمي مارليٽ ۾ وڌي وڃي ٿي.۽ ڊالر چڙھڻڻ لڳي ٿو يعني ڊالر جي گهرج Demand ۾ واڌارو ٿيئي ٿو.ڇوت هر ملڪ ڊالر کي ذخيرو ڪرڻ چاهيندو يا پنهنجي Export وڌائيندو.ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ وٽ ڊالر وڌيڪ هوندو اوتري ان ملڪ جي ڪرنسي وڌيڪ هوندي.يا Export وڌڻ سان وڌيڪ ڊالر ملڪ جي اندر فلو ڪندو.ڇوت عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر گهڻو هلي ٿوهاڻي اچون ٿا قرض جي ڪهاڻي ڏانهن. جڏھن ڪو ملڪ بجيٽ پيش ڪري ٿو ته جيڪڏھن بجيٽ ڏيوالي ۾ ھجي ته اهو ڏيوالو پورو ڪراڻ جي لاء حڪومت قرض وٺي ٿي.ليڪن هتي گڏ ئي سوال اهو به ٿيئي ٿو ته بجيٽ ڏيوالي ۾ ڇو اچي ٿي.هڪ ملڪ جي بجيٽ ٻن شين تي مشتمل Government earning هوندي آھي يعني اهي پئسا جيڪي وقت جي حڪومت وٽ اچن ٿا.جيئن ٽيڪس جي صورت ۾ يا ٻين وسيلن يا هڪ وڏي وسيلي جنهن کي اسان Foriegn remittance سڏيون ٿا.جنهن ۾ ٻاھرين ملڪ ۾ موجود پنهنجي ملڪ کي پئسا ڊالر جي شڪل ۾ منتقل ڪن ٿا .ان کي Foriegn remittance سڏين ٿا.اهي پئسا حڪومت جي خزاني ۾ نٿا وڃن بلڪ اهي ماڻھو پنهنجي فيملي وغيره جي لاء موڪلين ٿا.ليڪن وڏو فائدو حڪومت کي پهچي ٿو.ڇوته حڪومت وٽ ڊالر جو ذخيرو وڌي وڃي ٿو ۽ ٻيو اهم حصوGovernment expenditure حڪومت جا خرچ .جيڪڏھن حڪومت جا خرچ وڌيڪ هجن ڪمائي کان ته بجيٽ ڏيوالي ۾ رهي ٿي.جيئن پاڪستان جيڪو سرمائيدارن.ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪرپشن جي سبب کان سدائين ڏيوالي ۾ رهي ٿي.ان سان گڏ Trade deficit جنهن کي اسان واپاري ڏيوالو به سڏدون ٿا.جڏھن Export ۽ Import کان انهن سمورن ڏيوالن کي پورو ڪرڻ جي لاء حڪومت قرض وٺي ٿي.۽ اھو قرض پاڪستان ۾ موجود ڪرپٽ نظام ۾ سرمائيدار جاگيردار پنهنجا کيسا ڀرڻ جي لاء ڄاڻي واڻي ڪري انهيء عوام تي قرضن جي شڪل ۾غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو.حڪومت اهي قرض سينٽرل بينڪ (پاڪستان ۾ اسٽيٽ) مقامي ۽ آئي ايم.ايف کان مختلف ۽ سخت شرطن تي وٺي وڃي ٿي. اهي سخت شرط ڇو هنيا وڃن ٿا؟ڇا ان جو مقصد پاڪستان جي ترقي سان سلهاڙيل آھي؟يا ڪو ٻيو ڪجه؟نه پاڪستان جي ترقي ڇاجي بلڪ 22 خاندانن جي جي ذاتي ترقي جي لاء قرض ورتا وڃن ٿا.جنهن جي ادائيگي وري عوام جي رت ۽ پگهر کان ادا ڪئي وڃي ٿي. انهن قرضن کي وياج سميت واپس ڪرڻو پوي ٿو.بينڪ يا آئي ايم ايف قرض ڪن ڏيئي ٿي؟بينڪ صرف ڪجه Digits enter ڪري نوان پئسا Generate ڪري ٿي.چاهي اهي مقامي بينڪون هجن .سينٽرل بينڪ هجي يا IMF اهو صرف حڪومت جي کاتي ۾ Creadit لکي ڇڏي ٿو ته هاڻي اسان حڪومت کي ايترا پئسا ڏنا.جڏھن ته حقيقت ۾ ڪجه Digits منٿقل ٿي وڃن ٿا.پوء حڪومت انهن Digits جي بدلي ۾ صرف وڌيڪ پئسا پرنٽ ڪري ٿي.بلڪ ساڳئي Digits هڪ ملڪ پنهنجي ملڪي يا انٽرنيشنل سطح تي منتقل يا واپار ڪري سگهي ٿو.ان ريت وڌيڪ پئسن جي پرنٽ جي سبب کان ملڪ جي اندر شين جي وهڪري ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو.جنهن جي سبب کان شيون هيٺ مٿي هليون وڃن ٿيون. ڪيپيٽلزم (اسان جي پاڪستان ۾ به) جي اندر هڪ عجيب غريب نظام آھي.جتي ٻه حڪومتون معشيت کي ڪنٽرول ڪن ٿيون.هڪ پاسي حڪومت جيڪا Fiscal policy پنهنجي کي ڪنٽرول ۾َ رکي ٿي ته ٻي پاسي سرمائيدار بينڪن جي صورت ۾ ويٺا آھن.هڪ ٻيو نظام ڪنٽرول ڪري ٿو.جنهن کي Monetary policy سڏيو وڃي ٿو.ٻنهي جڳهن تي سرمائيدار پنهنجا کيسا ڀرڻ ۽ عوام کي ذليل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نٿا ڇڏين.آسان لفظن ۾َ اسان جي ملڪ ۾ موجود سرمائيداري نظام سواء عوام.کي ڪوڙيون اميدون ڏيڻ ۽ مهانگائي وغيره جي صورت ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي. جيڪڏھن اسان جو پيارو پاڪستان پاڻ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ چاهي ٿو ته سڀ کان پهرين Agricuture sector تي ڌيان ڏيئي.۽ پنهنجي Export کي وڌائي. موجوده وقت ۾ چين .روس ۽ ايران.امريڪا ۽ سندس ڊالر جي لاء نڪ جي نوڙي بڻيل آھن.ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ پنهنجي ڪرنسي تي شين جي مٽاسٽا تي يقين رکن ٿا ۽ ان ڪري پاڪستان کي بجاء امريڪا جي ڇڏن ۾ ويهڻ نه گهرجي بلڪ چين.روس ۽ ايران سان دوستي وارا تعلقات مضبوط ڪري ته جيئن موجوده نهايت بدترين صورتحال کان ٻاهر نڪري سگهي.پر غلام ڪڏھن به پنهنجي غلامي واري عادت کي مٽائي نٿو سگهي.










