نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) مشرقِ وسطيٰ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 100.5 ڊالر في بيرل تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا گذريل ٻن مهينن جي سڀ کان وڏي سطح آهي.ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل جي قيمت به 91.65 ڊالر في بيرل جي سطح تائين پهچي وئي آهي. مشرقِ وسطيٰ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي ڪري هرمز جي آبنائي (Strait of Hormuz) تان گذرندڙ آئل ٽينڪرن جو تعداد گهٽجي ٻن مهينن جي گھٽ ۾ گھٽ سطح تي اچي ويو آهي. خبرون ڏيندڙ اداري ‘رائٽرز’ موجب، خميس ڏينهن رڳو هڪ آئل ٽينڪر هرمز جي آبنائي مان گذريو. رپورٽ موجب، خام تيل کڻي ويندڙ جهاز “نيو جائنٽ”، جنهن تي تقريبن 20 لک بيرل عراقي خام تيل لڏيل هو، خميس ڏينهن هرمز جي آبنائي مان گذري چين جي بندرگاهه ‘ريژائو پورٽ’ ڏانهن روانو ٿي ويو.










