خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ جي تاريخ جو اھم باب جيڪو 4مارچ شاگرد جدوجھد جي حوالي سان ڪافي مشھوري ماڻي چڪو آھي ۽ ھر سال انھي کي سنڌ جي قومي ڏينھن جي طور تي سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ملھايو وڃي ٿو جئين انھي ڏينھن جي شاگرد جدوجھد ۽ شاگردن جي ڏنل قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ۔انھي اھم واقعي تي تمام گھڻو لکيو ويو آھي سنڌ جي جاکوڙي اديب دانشور عالم پروفيسر اعجاز احمد قريشي ضغيم ڪتاب لکي پنھنجو پاڻ ملھايو آھي جنھن ۾ تفصيل سان انھي واقعي جو ذڪر ٿيل آھي ان کان علاوه سنڌ جي سيلاني دنيا جو سفر ڪندڙ اديب ڏاھي عبدالحئي پليجي به شاگرد جدوجھد تي ڪتاب لکيو آھي جيڪو پڻ انھي جدوجھد جو حصو رھيو ھو ۔ان دور جيڪو 1967ع جو زمانو ھو انھي ادبي دور ۾ حيدرآباد مان سھڻي رسالو شايع ٿيندو ھو ۔جنھن پڻ انھي واقعي جي رپورٽنگ ڪئي پر پاڻ ايڊيٽر طارق اشرف به انھي جدوجھد ۾ عملي طور تي حصو ورتو جنھن جي ڪري نه صرف گرفتار ٿيو پر ان سان گڏ سندس رسالي سھڻي تي پابندي عائد ٿي وئي پاڻ 22 مھينا جيل جون اذيتون برداشت ڪري آزادي ماڻي ۽ انھي سڄي روئداد کي قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو جيڪي جيل ۾ ٻاويھ مھينا ۽ ھٿين ھٿ ڪڙول جي نالي سان شايع ٿيا۔انھي يادگار ڏينھن کي اسين اڃ ڇو ٿا ياد ڪريون انھي لاء ته اھو شاگرد سجاڳي جو ڏھاڙو آھي ته اڄوڪو شاگرد ان مان ڪھڙو ٿو سبق پرائي اھو ان سڄي واقعي مان ڇا ٿو حاصل ڪري ۔پر افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته اسان جي تعليمي ادارن جي خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جنھن کي اسان مقدس تعليمي ادارو ۽ سنڌ جي مستقبل جو مورچو سمجھندا آھيو اتي شاگرد ڇڙواڳي جو شڪار ٿي ويو آھي سياست صرف نوڪري ۽ وڏو عھدو ماڻڻ لاء ڪئي ويندي آھي ۔شعوري تعليم صرف نالي ماتر رھي آھي جيڪو به اسان جو سياسي اڳواڻ انھي اداري مان تعليم پوري ڪري نڪري ٿو ته اھو سنڌ ۽ تعليم جي خدمت ڪرڻ بجاء سنڌ جو مشھور ڪامورو ٿيڻ پسند ڪري ٿو ۽ ھو پوء وڏيرن ۽ جاگيردارن جو حصو ٿيو وڃي ۔اھو سڀ ڪجھ جيڪا ان تعليم حاصل ڪئي ۽ چارمارچ جي حوالي سان پڙھيو ۽ شاگرد ھوندي جيڪي انقلابي جذباتي تقريرون ڪيون جيڪي قول ۽ وچن سنڌ ڌرتي جي خدمت جي لاء ڪيا اھي سڀ جا سڀ وساري صرف ڪامورو ۽ وزارت حاصل ڪرڻ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪندو آھي ۔اڄوڪو شاگرد انھي تاريخي واقعي کان لاعلمي ظاھر ڪندي پنھنجي تعليم حاصل ڪن ٿا ته وڏي ڊگري حاصل ڪريان ۽ آڪسفورڊ ۾ پھچي انجنيئر ۽ بئريسٽر ٿي اچان ۔اھو عمل ڪافي سالن کان جاري آھي اسان پنھنجي تاريخ کي وساري چڪا آھيون صرف اخبارن ۽ ڪتابن تائين انھي عمل کي جاري رکندا اچون ۔جيڪو ھن دور جو ڪڙو سچ آھي ۔جو اسان تاريخ کان مڪمل لاتعلقي ڪندي انھن ڏينھن جي اھميت کي وڃائي چڪا آھيون اڄوڪي دور جي شاگرد کي خبر ئي ڪونھي ته چارمارچ جي شاگرد جدوجھد ڪنھن جي خلاف ۽ ڇا جي لاء ھئي ۔ان ڪري خاموشي سان اھو تاريخي ڌينھن گذري ويندو آھي ۽ ڪو به وڏو ميڙاڪو جلسو جلوس انھي ڏينھن جي حوالي سان نظر ڪونه ايندو آھي ۔صرف اخبارن ۽ ڪتابن جي ذريعي انھي تاريخي ڏينھن کي زنده رکندا اچون ۔اڳ ۾ سنڌ ۾ يونيورسٽيون گھٽ ھونديون ھيون پر ھاڻي ته ھر ننڍي وڏي شھر ۾ يونيورسٽيون ۽ انھن جون ڪئمپسون به کلي ويون آھن شاگردن جو تعداد به وڌي ويون آھي سياسي شاگرد تنظيمون به گھڻيون ٿي ويون آھن پر عملي ۽ شعوري تعليم جي کوٽ رھجي وئي آھي ۔جنھن ڏينھن اھا کوٽ پوري ٿيندي ته پوء اسين چارمارچ ۽ شاگرد جدوجھد کي سمجھي سگھنداسين ۔…..چارمارچ جو واقعو مختصر ھن ريت آھي ته سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر مسرور حسن جي سنڌ دشمن پاليسين جي خلاف يونيورسٽي جي سوين شاگردن جلوس ڪڍيو جيڪو يونيورسٽي کان ٿيندو پريس ڪلب تائين وڃڻو ھو ان کي ڄامشورو ڦاٽڪ تي روڪي اڳيان وڌڻ نه ڏنو ويو مزاحمت تي پوليس لاٺي چارج ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس استعمال ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ ڪافي تعداد ۾ شاگرد زخمي ٿيا ۔اھو دور 1967ع جو ايوبي آمريت جو بدترين دور ھو جنھن ۾ جلسو جلوس ڪڍڻ تي سخت پابندي ھئي ۔اظھار راء جي آزادي جي اجازت نه ھئي زبان بندي جي موسم ھئي ۔سنڌي ڪتابن ۽ ٻولي تي پابندي عائد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته صرف اردو ۽ انگريزي پڙھو ۔ان جلوس جي اڳواڻي شاگرد اڳواڻن يوسف لغاري ۔يوسف ٽالپر ۔مسعود نوراني مجيب پيرزادو ۽ ٻيا قومي ڪارڪن ڪري رھيا ھئا جيڪي احتجاج ڪري رھيا ھئا
LATIFRAVLSNI@GMAIL.COM










