پ پ جي لانگ مارچ سان ڪهڙي تبديلي ايندي؟

پ پ جي لانگ مارچ سان ڪهڙي تبديلي ايندي؟

ليکڪ اظهر رند

موجودهه ملڪي معاشيءَ صورتحال خراب مهانگائي سنگين شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جنهن جي ڪري پورهيت طبقو پريشاني واري صورتحال ۾ ورتل آهي ان مزدور جو گذرسفر مشڪل سان ٿي رهيو آهي  هر مهينيءَ تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب  روز مرهه شيون جا ريٽ به آسمان سان لڳي آهن جنهن جي ڪري پورهيت طبقو مهانگائي جي گهاڻي ۾ پسجي رهيو آهي ان صورتحال ۾ حڪومت ڌڻي لانگ مارچ ڪري رهيا آهن پ پ جيڪا سنڌ ۾ 15 سالن کان اقتدار جي وارث لڳي پئي آهي اها وفاق جي هن موجودهه مهانگائي سميت 32 مطالبن جي مڃتا لاءِ اسلام آباد ڏانهن رخ ڪيو آهي جنهن جي پ پ جي مرڪزي قيادت بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي 27 فيبروري کان شروع ٿيو آهي جيڪو 8 مارچ ته هن ملڪ جي راڄڌاني شهر پهچندو هن مارچ ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ايندا ڇاڪاڻ جو انهن گاڏين جو تيل انهن سان جيڪو گڏ عوام آهي ان جو کاڌ پيتي جو خرچ ٿيڻ سان سنڌ کي ڪهڙو فائدو رسندو ٻئي پاسي نيازي حڪومت سنڌ ۾ سنڌ حقوق مارچ  ڪري رهيا آهن اهي به وفاق ۾ جيڪي چار سالن کان اهو وزيزاعظم عمران خان اهي ڪيترائي فيصلا ڪيا آهن جيڪي اڃان تائين اهي اعلان تائين محدود رهيا آهنن ڪڏهن نوجوانن لاءِ آسان روزگار اسڪيم جا اعلان ته ڪڏهن ٽائيگر فورس جا آن لائين فارم ڀرڻ ڪري آسرا ڏنا ويا آهن هن نيازي حڪومت به پورهيتن لاءِ ڪو به ٻوٽو ناهي ٻاريو آهي هن جي چار سالن جي حڪومت به مزدورن لاءِ ڪو خاص بهتري لاءِ اعلان نه ڪري سگهيو آهي ٻئي پاسي پ پ جي 15 سالن جي حڪومت به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي سنڌ جي بهتري لاءِ نالي ماتر اعلان ٿيا آهن هن صوبي جا سرڪاري اسڪول تباهي حالي جو شڪار ڪيترائي اسڪول بند پيل ته ڪٿي اسڪولن ته در نه دروازو آهي هنن ماروئڙين جي لاءِ پاڻيءَ لاءِ به پريشان آهن ٿر کان وٺي ڪاڇي جي سرزمين پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال آهي هن جو پ پ مارچ ملڪي معشيت ته ڪهڙا اثرات مرتب ٿيندا جنهن سان ملڪي سميت سنڌ جو عوام خوشحالي وارو سج ڏسي سگهي  هن پ پ جو بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ مارچ سان مهانگائي سميت بيروزگار کي ختم ڪري سگهندو تجزيونگارن جو اهو خيال آهي ته هن پ پ جو ن ليگ سان اتحاد نيازي جي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏي سگهندا هن کانپوءِ پي ڊي ايم جو 23 مارچ جي لاهور ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ٿيل آهي اهڙا مارچ ملڪي عوام جي قسمت ڪيترو بدلائي سگهندا ان جو ته ايندڙ وقت ٻڌايندو يا علام طاهر قادر جي لانگ مارچ جيان هاءِ جيڪ ٿي ويندا ۽ پنهنجا اقتدار جا مطالبا مڃرائي اتان کان وري پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موٽيندا ان گهڙي جو انتظار رهندو .هن ملڪي سياست پنهنجي مفادين کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي پر عوام شهرين لاءِ رڳو اعلان ۾ خوش ڪيو ٿيو وڃي هن ملڪ جي عوام ۽ پورهيت طبقي جي اها خواهش آهي ته اهڙي حڪمراني هجي جنهن ۾ مزدور ٽن ويلن جي ماني ۽ پنهنجا ٻار اسڪول ۾ پڙهائي سگهي ان قسمت جو انتظار بيقراري سان لڳو پيو آهي هنن جي لانگ مارچ سان ڪهڙي تبديلي ايندي جو پورهيت ماڻهون جي زندگيءَ خوشحالي ۾ تبديل ٿي سگهي هن ملڪ جو عوام 75 سالن کان ووٽن ذريعي حڪومتون جوڙيندو پيو اچي  پر اڃان تائين عوام جي قسمت تبديل نه ٿي سگهي آهي اشد ضرورت آهي ته مزدور پاليسون جوڙي ڪري ملڪ کي نئي سر ترقيءَ جي راهه ته وٺي وڃڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙئڻ گهرجي ان سان ئي ملڪ ترقيءَ جي راهه ته اچي سگهندو.  

azharrind1@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو