وفا سانوڻ نوحاڻي
دنيا ۾ سياست ٿيندي رهي آهي ، ۽ آڄ به ٿي رهي آهي ائين پاڪستان جي وجود سان ئي سياست سلھاڙيل رهي آهي ، سياست ۽ پاڪستان گڏوگڏ ھڪ ٻئي جا ھمسفر آهن ، پر اسان جي پياري پاڪستان ،۾ جيڪي سياسي پارٽيون سياست ڪن ٿيون انهن جي پنھنجي پنھنجي سياسي تاريخ جڙيل آهي ، انهن سموري سياست جي گلدستي ۾، پيپلزپارٽي ھڪ اھڙو گل آهي ، جنهن جي خوشبوءِ سمورين سياسي پارٽين کان الڳ آهي ، جئين گلن ۾ گلاب ، موتيي جي خوشبوءِ الڳ آهي ، ائين پاڪستان پيپلز پارٽي ، جو گلدستو سمورين پارٽين کان الڳ آهي ، جنهن ۾، بنا ڪنهن فرق جي سياست ٿيندي رهي آهي ، جنهن ۾، نه ڪو مذهبي فرقو آهي ، نه ھندو ، نه ،مسلمان ، نه ئي عيسائي ، يا ڪو ٻئي مذهب جي سياست ڪندي آهي ،پر صرف پاڪستان جي سياست ڪندي آهي ، ھر پاڪستاني کي پنھنجو سمجھندي آھي ، صرف پاڪستان ، ۾ رهندڙ سمورن طبقن جي پارڻي آهي ، انھن جي نمائندگيءَ ڪندڙ پارٽي آهي ، جنهن ۾ صرف انسانيت مقدس آهي ، مظلومن پورھيتن مزدورن شاگردن ، ھارين زميندارن جي پارٽي آهي ، ۽ جڏهن ھن پارٽي جو وجود پيو ته اھو اھڙين حالتن ۾پيو ، جڏهن پاڪستان ۾سياسي خلاء ھيو آمريت جي وجود ۾مظلومن جي آھن دانھن جو ڪو درمان نه ھيو ، مسڪين مظلوم طبقن جي ڪير نمائندگي ڪرڻ وارو نه ھيو ، ملڪ پيرن ميرن وڏيرن جاگيردارن جي جاگير بڻجي چڪو هو ، مسڪين مظلوم عوام کي پنهنجي حقن ۽ ڌرتيءَ جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ جو به حق ، نه ھيو ، ماڻهو پيرن وڏيرن جاگيردارن سرمائيدارن جي سامھون ڳالھائڻ ته ڇا ، پر ، کٽ ، يا ، ڪرسي تي ويھڻ جھڙي حق کان محروم ھيا ، بس صرف وڏيرا شاهيءَ ، پيري مريديءَ ، جاگيرداري سرمائيداري ، ۽ سرداري نظام جي تحت ماڻھن کي يرغمال بڻائي ، حڪمراني قائم رکڻ جا جتن ڪيا پئي ويا ، ماڻھن ۾ شعور ئي نه ھيو ، انھيءَ وقت ھڪ عظيم ڪردار ادا ڪندي ساٿين سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ، انھيءَ دور ۾، جنئن لطيف فرمايو آهي ته ،
جت پکيان نه پير ، اتي ٽمڪي باهڙي ،
ٻيو ٻاريندو ڪير ، کاھوڙڪي کير ، ري ،
بس پوءِ جئين ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو وجود پيو ته عوام کي جڻ پنھنجو عظيم ليڊر ملي ويو ، بس ذوالفقار علي ڀٽو بي پھچ ماڻھن جي اميدن جو مرڪز بڻجي ويو ، عوام جون دليون ذوالفقار علي ڀٽي کٽي ورتيون ، بس پاڪستان جي عوامي دلين تي راڄ ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي ساراھ عوام تي ڄڻ فرض بڻجي وئي ، ھر طرف ھر ماڻھو ڀٽيءَ صاحب جا ڳڻ ڳائيندا هئا ، شاهه جي سٽن ۾، ته ،
مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي ،
تني سندي ڪاءِ ، ڪري نه سگھان ڳالھڙِي ،
بس پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پئجي چڪو هو ذوالفقار علي ڀٽو عوامي دلين تي راڄ ڪري رهيو هو ، عوام ۾ سجاڳي جو شعور اچي چڪو هو ، ته اھيا ڳالهه عوامي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ قوتن جي لاءِ ھڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهي هئي ، انھن قوتن ۽ انھن جي ساٿاري جاگيردارن سرمائيدارن وڏيرن ميرن پيرن به ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي عوامي پارٽي جي خلاف سندرو ٻڌي ميدان ۾لهي رھيا ھئا ، پر ڀٽو صاحب جيستائين انھن سندرو ٻڌو ، ڪافي عوام ۾ شعور پيدا ڪري چڪو ھيو ، ۽ عوام جي دلين ۾ جڙي چڪو هو ، عوام انهن قوتن سان مقابلو ڪرڻ جي لاء تيار ٿي ويو ، ۽ راھ مقابلا ۾ اچي ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سفر شروع ڪيو ، جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه فرمايو آهي انھيءَ راھ لاءِ ، ته ،
ڏوٿي سا ڏورين ، جا جوء سئي نه ٻڏي
پاسا مٿي پاھڻين ، کاھوڙي نه کوڙين
وڄا ، ات ووڙين ، جت ، نھايت ناھ ڪا
ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار جي ڪري سندس عوامي انقلابي تحريڪن جي ڪري ساڻس عوامي رشتو دلي ۽ روحاني بڻجي ويو ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ ڀارتي بڻجي وئي ته پوءِ ھڪ عوام دشمن قوتن ۽ انھن جي ساٿارين سازشن جي ذريعي ذوالفقار علي ڀٽو کي عوام کان پري رکڻ جون سازشون ڪيون ، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو انھن جي سازشن جي اڳيان جهڪڻ جي بجاءِ سندن مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، ته ھوء عوام جي دلين جي ترجماني ڪندي عوامي دلين جي دڙڪن بڻجي ويو ، ۽ انھن قوتن عوام جي حقن جو آواز بڻجڻ ، عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ، انھن جي غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي عوام کي اتساهه جذبو ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي قيد ڪيو ويو ، ته ذوالفقار علي ڀٽو ، عوام ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ جي بجاءِ انهن وحشي ڪردارن جي خوشنودي ڪري ، پر ذوالفقار علي ڀٽو ، انهن قوتن آمريت پسند ڪردارن ، ۽ جھموريت پسند جي وچ ۾هڪ لڪير ٺاھي مظلوم طبقن ۽ جھموريت پسند جي اڳواڻي ڪرڻ جي لاء بيھي رھيو ، انھن سان انھن جي حقن جي حاصلات لاءِ جئيڻ مرڻ تائين ساٿ ڏيڻ جو وچن ورجايو ، ته ملڪ دشمنن کان اھو برداشت نه ٿيو ،۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم ليڊر کي ڦاسي ڏني شھيد ڪري ڇڏيو ، ته عوام جھڪڻ جي بجاءِ ڀٽو ازم جي زنجير ٺاهي ورتي ، ۽ انھيءَ زنجير جي ڪڙي ڪڙيءَ بڻجي وئي ، ۽ پاڻ کي ڀٽو ازم جي لاءِ ارپي ڇڏيائين اڄ تائين انھي تي عمل پيرا آهي ، جئين شاھ سائين فرمايو آهي ته ،
جيھي جي تيھي ، ٻانھيءَ ٻروچن جي ،
اصل آري ڄام ، جي پلئي ، آئون پيئي ،
حجت ھوت پنھونءَ سين مون ڪميڻي ڪيئي ،
ھوء جا پائين پير ۾ آئون تنھن جتي نه جيھي ،
وساري ويھيي تن ڪيچِيُنِ کي ڪئين رھان ،
ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ھڪ ڏک ٽٽل دلين سان نئين سر ڄڻ وجود ۾ آئي ، اھو وجود پاڪستاني عوام پاران پئجي ويو ، جنهن پنهنجي ليڊر جي شھادت تي ھڪ حوصلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ، ۽ عوام جو ٽٽل جذبو جوانيءَ جو جنم وٺي وري ميدان تي آيو ، بيگم نصرت ڀٽو ، جي قيادت ۾، محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾، ۽ ھاڻ پيپلزپارٽي عوام جي سياسي پارٽي کان اڳتي نڪري جنون جوش بڻجي وئي ، ۽ انھن جي رڳن ۾ھلندڙ رت ۾ شامل ٿي وئي ، انھن جي عزت ۽ عظمت بڻجي وئي ، اھوئي سبب ھو جو عام ماڻهو به پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن بڻجي ويو ، ۽ ڪارڪن جيالو بڻجي ويو ، جيالو پارٽي جو جنون بڻجي ويو ، اھو جنون ھڪ تاريخ رقم ڪندڙ ڪردار بڻجي ويو ،جنھن جيالي کي زندگيءَ پيپلزپارٽي پارٽيءَ جي امانت بڻجي وئي ، ۽ جيالن جي زندگيءَ جا سمورا حسين رنگ پيپلزپارٽي ۾ سمائجي ويا ، انهن جيالن جو مرڻ جئيڻ پيپلزپارٽي سان جڙي ويو ، جڏهن سموري سازشين جي باوجود پيپلز پارٽي نه جھڪي ، نه ختم ٿي ، انهن ۾ جيالن جي قربانين وڌيڪ جوش جذبو پيدا ڪيو ، ۽ پاڪستان جي حقيقي عوامي پارٽي پيپلز پارٽيءَ ، بڻجي وئي ، عوام ۽ پيپلزپارٽي ھڪ ٻئي جي لاءِ ، لازم ملزوم بڻجي وئي ، پوءِ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ عوام جي وچ ۾دلين جو رشتو قائم رھيو ، پر اصل ۾ عوام کي پيپلزپارٽي کان دؤر ڪرڻ جي سازش ڪئي ، انھيءَ سمورين سازشن جي باوجود پيپلز پارٽي جا جيالا پارٽي سان گڏ سفر ڪندا رھندا ھئا ، ۽ پيپلزپارٽي سان عھد وفا قائم رکڻ جي خدمت ڪندا رھيا ،بس جئين محترمه بينظير ڀُٽو صاحبه شھيد ٿي وئي ، پوءِ بس محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت سان پيپلزپارٽي جو ورڪر جيالو ، بي سھارو بڻجي ويو ، بس پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جيالن جي ھڪ عظيم تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ھوء پاڪستان جي سياست جا چمڪندڙ ستارن جي مثال وانگر آھن ، پ پ پ جي جيالن جھڙو ورڪر ، خوش نصيب پارٽين کي ملندا آهن ، جيڪي پنھنجي پارٽيءَ جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندا ھجن ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جيالن جي حقيقت بيان ڪرڻ به ھر ڪنھن جي وس جي ڳالهه ناهي ، ڏاڍي دردناڪ حقيقت آهي ، بس مرشد شاهه سائين فرمايو آهي ته ،
حقيقت ھن حال جي ، ظاهر ڪيان ذري ،
لڳي ماٺ مرن کي ، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀري ڪئين ڪي ،
ڏاڊي دردناڪ ڪٿا آهي ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جيالن جي ، انھن جي زندگين قربانين جي ڪھاڻي بيان ڪرڻ سان به انسان دوست جھموريت پسند ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪرڻ جي برابر آهي ، پيپلزپارٽي جو جيالو ھڪڙي نه کٽندڙ جدوجهد جو نالو آهي ، پيپلزپارٽي جي جيالن جي زندگيءَ ڏکڻ جو هڪ داستان آهي ، ھر جيالي جي دردن جي الڳ ڪھاڻي آھي ، پيپلزپارٽي جي جيالن جي محبت به نرالي پنھنجي پارٽيءَ سان رھي آھي ، قيادت سان ،محبت نرالي آهي جنهن ۾صرف وفائي آهي سچائيءَ آھي ، محبت جو اڻ کٽ خزانو آهي ، جيڪي محبتون ھر ڏکئي وقت ۾ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي اصلي پارٽيءَ سان سلهاڙيل ھونديون آھن ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياست ت ايوب خان جي دور مارشلا کان شروع ٿي ھئي ، مقبول پارٽي به ٿي وئي ھئي ، يحي خان جي حڪومت ۾ به عوامي جدوجھد ڪئي ، پوءِ بنگلاديش جي ڌار ، ٿيڻ جو المناڪ واقعو پيش اچي چڪو ھئو ، پوءِ پاڪستان کان افسوس سان بنگلاديش ڌار ٿي ، دنيا جي نقشي تي بنگلاديش جي نالي سان ملڪ وجود ۾ اچي چڪو هو ، پوءِ انھيءَ حالتن ۾شھيد ڀٽو صاحب ملڪ کي سنڀاليو ۽ جيڪو ڪجهه ملڪ جي لاء ڪيو اھو دنيا ڄاڻي ٿي ، پر شايد ملڪ ۽ قوم جي لاء ڪجھ ڪرڻ جي ڏوهه ۾جيل ۾ رکيو ويو ، ۽ پوءِ جڏهن ضياءَ الحق جي مارشلا لاڳو ٿي ، ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل ۾ رکيو ويو ، ۽ ڦاسي ڏني ويئي ، تڏهن پوري دنيا ۾مايوسي جي لهر ڇانيل ھئي ، جھموريت پسند ماڻهن ۾ سڪتو طاري ٿيل ھئو ، ته شھيد ڀٽو جو ڪيس بيگم نصرت ڀٽو صاحبه عوامي عدالت ۾پيش ڪيو ، ته عوام سميت پيپلز پارٽيءَ جي جيالن سڄي دنيا کي ان جدوجھد ۾ جھموريت پسند قوتن سان گڏجي حيران ڪري ڇڏيو ، تاريخ جا ورق کُليا ته ضياءُ الحق جي مارشلا جي قھري دور جا قصا بينقاب ٿي وڃن ٿا ، انھيءَ ظالم مارشلا جي قھري قاتل دور ۾پيپلزپارٽي جي جيالن جون قربانيون ڪنهن کان به ڳجھيون ناھن ، مون پڙهيو آهي ۽ بزرگن کان ٻڌو آهي ، ته ضياءُ جي وحشي دور ۾ جڏهن گرفتارين جو فيصلو ٿيندو ھئو ته بنا ڪنهن سوچ ويچار جي لکين ماڻهو گرفتاريون پيش ڪندا ھئا ، جيالا صف اول ۾ھوندا ھئا ، جڏهن ضياءَ جي دور ۾پھريون ڀيرو ماڻھن کي سري عام ڦٽڪا هنيا ويا ، ته شھرن جي چونڪن تي سري عام لڳندڙ ھر ڦٽڪي جو جواب ، جيالو ، جئيي ڀٽو جي نعري سان ڏيندو ھيو ، ايستائين جيستائين جيالو بيھوش ٿي ڪري نه پوندو ھيو ، جواب پيو ڏيندو ھيو ، گھرن کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو ويندو ھيو ، انهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون ، پر ھوءَ ڪڏهن به نه جھڪيا ، تاريخ شاھد آھي ته جيالن جي جلوسن تي سڌيون گوليون هلائي کين شھيد ڪيو ويو ، پر انهن جيالن ، جھڪڻ کي مھڻو سمجهي ڇڏيو هو ، جيالن کي جھڪائڻ جا خواب ڏسندڙ ھميشه مايوسي جو شڪار ٿي ويا ، ۽ ائين شھيد ڀٽو ھجي يا شھيد بينظير ، جيالن جي نرالي محبت به ڪير وساريندو ، جڏهن ڀٽو صاحب کي ظالمن قوتن ڦاسي ڏني شھيد ڪرايو ، ته بينظير ڀٽو ميدان جدوجهد ۾جيالن جي سربراهي ڪئي ، ته جيالن جو محترمه بينظير ڀٽو شهيد سان ايڏو ادب جو رشتو قائم ٿي ويو ، جو محترمه بينظير ڀٽو ، ڪڏهن باء روڊ ، احتجاج جي سربراهي ڪندي هئي ، ته بينظير جي جلوسن ڪراچي مان نڪتو ، ته ماڻهو جيالا اڳواٽ ئي پھرين بدين ضلعي ۾استقبال جي لاءِ پھچندا ھيا، بينظير بدين پھتي ته جيالا ٿرپارڪر عمرڪوٽ پھچي ويندا ھئا ، ماڻهو 24،ڪلاڪن تائين پارٽي قائد جي استقبال روڊ تي ٻيٺل ھوندا ھئا ، پوء ڪيڏي گرمي ھجي ، يا ، سردي ، رات ھجي يا ڏينهن ، جيالا قيادت جي ديدار جي لاءِ سڪ ۽ اڪير سان انتظار ڪندا هئا ، ۽ پيرن پنڌ ، بيل گاڏين ، اٺ گاڏين ، ٽانگن کان ويندي گڏھ گاڏين تي بکيا اڃيا بيٺا ھوندا ھئا ، انھن جيالن ۾ عورتون ٻارڙا ، پيرسن ، کان ويندي ، ٿڃ پياڪ معصوم جيالا به ھوندا ھئا ، انھيءَ کان پوء جيالن سدائين ، تڪليفن ۾زندگيون گذاريون ، پارٽيءَ جي لاءِ قربانيون ڏنيون ، ھر وحشي دور ۾، پوءايوب خان ھجي ، يا يحي خان ، ضياءُ الحق جھڙو ظالم ھجي ، يا جھموريت جي جبيء ۾ ويس ڍڪيل نوازشريف ،کان عمران خان ، جي دور تائين جيالن جي قربانين جي اڻ کٽ ڪھاڻي آھي ، ضياءُ الحق کان بعد وحشي مشرف جو ظلم ڪنھن کان وسرندو ، جنهن جيالن سميت جھموريت پسند ن سان ضياءَ الحق جھڙو ئي ظلم بربريت جي تاريخ رقم ڪئي ، جڏهن سياسي پارٽين ۾ مايوسي جي لهر ڇانيل ھئي ، ته وري به محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ئي جيالن جي جذبن سان مشرف کي للڪاريو ،، جڏهن 18آڪٽوبر 2007،تي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطنيءَ ختم ڪري وطن واپس اچي آئين جي بحالي جي تحريڪ جي سربراھي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ، ته محترمه بينظير ڀٽو کي ڏيھ نه اچڻ تحريڪ جي قيادت نه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ، پر محترمه بينظير ڀٽو جھڪڻ جي بجاءِ ، تاريخ رقم ڪري پنھنجو نالو ھميشه زندھ رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ، پوءِ سمورين سازشن ڌمڪين جي باوجود ،18، آڪٽوبر تي محترمه بينظير ڪراچي ائيرپورٽ تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ، ته کيس چيو ويو ته ، جلوس جي اڳواڻي نه ڪر ، نه ته توهان کي گرفتار ڪيو ويندو ، محترمه بينظير سمورين کي ناڪام ڪري ، جلوس جي اڳواڻي ڪرڻ جو فيصلو قائم رکيو ، پوءِ جڏهن لکين ماڻهن جيالن جي عوامي سمنڊ ڪراچي پھچي چڪو ھئو ، محترمه بينظير ڀٽو کي گرفتار ڪرڻ جي بزدل ان وقت جي حاڪمن ۾ ھمٿ ئي نه ھئي ، پوءِ وحشين ھڪ ڪڌو ڪردار ادا ڪيو ، محترمه بينظير ڀٽو جو جلوس ڪارساز تي روان دوان ھيو ، ته ظالم قوتن جھموريت دشمن ، انھيءَ استقباليه جلوس تي ، حملو ڪري محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن ۾وحشي ڪامياب نه ٿيا ، پر جيالن تي قيامت برپا ڪري ڇڏي ، محبت ، بھادري جي تاريخ ڪارساز بم ڌماڪن ۾جيالن رقم ڪري ڇڏي ، جڏهن بمن جا ڌماڪا ڪيا ويا ، ان وقت لکين ماڻهن جي جلوس ھيو ، جئين بم ڌماڪو ٿيو ، محترمه بينظير ڀٽو جي گاڏي تي حملي ڪيو ته ن سان گڏ جيالن جي شھادت جو سلسلو شروع ٿيو ، بم ھڪٻئي جي پٺيان ڦاٽندا ويا ، باھ جا شعلا ھئا ، انساني جسمن جا ٽڪرا ، فصائن ۾ اڏي رھيا ھئا ، جيالا پنهنجي قائد جي طرف انهن بم ڌماڪن باھ جي شعلن جي پرواهه ڪرڻ جي بجاءِ گاڏي جي طرف ڊوڙندا رهيا ، شھيد ٿيندا رهيا ، پتنگن وانگر پچندا رھيا ، زندگين جي پرواهه نه ڪئي ، پوئتي نه مڙيا شھيد ٿي ويا ، ايتري تائين جو اعلان ڪيا ويا ، ته اڳتي ن اچو ، بم ڌماڪا ٿي رهيا آهن پنھنجون زندگيون بچايو ،چون ٿا ته ڪافي ماڻهو ھڪ ڌماڪي بعد اڳتي وڌي ٻئي ٿيندڙ ڌماڪي جو نشانو بڻجي ويا ، ڪافي ماڻهو ائين شھيد ٿي ويا ائين 180جيالا شھيد ٿي ويا ،ن رڳو ڪارساز ۾ پر جيالن جي شھادتن جو سلسلو محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت تائين جاري رھيو ،۽ ا ڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي جو جيالو پنهنجي ملڪ ۽ پارٽيءَ جي خاطر ھر قرباني ڏيڻ تيار آھن ، ايترين قربانين جي باوجود جيالو مايوسي جو شڪار نه ٿيو ، لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته ،
حقيقت ھن حال جي ، ظاهر ڪريان زبان
ته لڳي ماٺ مرن کي ، رسي شور شبان ،
ٽانڪر ، ٽڪي ، ڪان ، جبل سڀ جلي وڃن
افسوس سان لکڻو ٿو پوي ، ته اھو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو جيالو جنهن کي جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾مايوسي نه ٿي ، جن ڦاسي جا ڦندا جئي ڀٽو جي نعري سان چمي ، قبول ڪيا ، سزائون قبول ڪيون ، جيل بھادري سان ڪاٽيا ، بم ڌماڪن ۾ پتنگن جيان سڙندا هئا ته به ڀٽو جي نعري جو آواز گونجي رهيو هو ، گولين جي برسات ۾ مرڪندا رھيا شھيد ٿيندا هئا ، آڄ مايوسي جي زندگيءَ ڇو گذاري رهيا آهن ، پيپلزپارٽي جو جيالو سوديبازي سکيو ئي ناهي ، سدائين قربانين سان پنهنجي حيثيت مڃرائي چڪو آهي ، اھو جيالو ھڪ ته پارٽي جي مفاهمتي پاليسي جي خلاف آهي ، پيپلزپارٽي جو جيالو مقابلو سياسي چاھي ٿو ، سوديبازي ڪرڻ نه ، ھو پنجاب ، ۾ نوازليگ جي اتحاد سبب ناراضگيءَ جو شڪار آهي ، ڪي پي ڪي ، ۾ سنڌ ۾ بلوچستان ۾ گلگت بلتستان ۾ آزاد ڪشمير ۾، ھر ضلعي ۾جدوجهد جي ذريعي آقتدار چاھي ٿو ، جھموريت پسند جي حمايت سان جدوجهد ڪرڻ چاھي ٿو ، ھوء ھر آمريت پسند قوتن جي خلاف ھميشه جدوجهد ڪندڙ تاريخ جو ڪردار رهيو آهي ، ، آڄ ڪجھ اھڙا ڪردار ، پيپلزپارٽي ۾ شامل آهن ، جن سڄي زندگيءَ جن ڪردارن جي خلاف جدوجھد ڪي ، آڄ اھئي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن ، اھئي ڪردار سدائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالف سياست ۾رھيا آھن ، جن کي جيڪا پيپلزپارٽي سدائين جيالن جي مدد سان شڪست ڏني ، ھئي ، جن کي سدائين پيپلزپارٽي کان بعض رهيو آهي ، اھئي ڪردار به مجبورن پيپلزپارٽي ۾ اچي اصل پارٽيءَ جي طاقت جيالن کي نظر انداز ڪري رهيا آهن ، پنجاب جي جيالن سان وڏيون حڪمران طبقو ناانصافي ڪري رهيو آهي ،جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اصل طاقت جيالو آهي ، انھيءَ جيالن کي ھڪ سازشن تحت مايوس ڪيو پيو وڃي ھڪ سازش جي تحت اھڙا ڪيترائي ئي ڪردار پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايا ويا آهن ، جيڪي ڏکئي وقت ۾، پيپلز کي ڇڏي وڃن ، جئين پيپلز پارٽيءَ جي جيالن ۾ پھرين ئي مايوسي ،ھجي ، اھئي قيادت کان ناراض ٿي وڃن ، ڪافي سٺا ڪردار به شامل آهن ، انھن جو ڪردار انتهائي بھتر آھي ،پر ڪجهه اھڙا ڪردار آهن ، جيڪي پيپلزپارٽي جي جيالن کي نظر انداز ڪري رهيا آهن ، اھڙن ڪردارن جي ڪري ، ڪجهه ماڻهن جي غلط ڪيل فيصلن جي ڪري پيپلزپارٽي جي جوش جو ڄڻ ڪو خاتمو ٿي چڪو آهي ، ڪافي جلسن ۽ جلوسن ۾ اڪثر پيپلز پارٽيءَ جي مايوسي جيالن جو عڪس نظر ايندو آهي ، جتي آھي ، اسٽيج تان نعرن جو جواب ۾جوش جذبو ناھي ھوندو ، نه ته پيپلزپارٽي جو جلوس ھجي يا ، جلسو ، يا ، ريلي ،
جيالن ۾ جوش نه ھجي ، ائين ئي نه ٿو سگهي ، جيڪي جيالا ، گولين جي گونج ۾ به جئي ٻٽو جي نعري گونج ھوندي ھئي ، انهن ئي جلسن ۾خاموشيءَ جيالن جي مايوسي جو واضح ثبوت آهي ، پيپلزپارٽي ۾ اھڙيون سازشن سان ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن ۾ مايوسي جو راڪاس آيل آهي ، اھڙين سازشن سان پيپلزپارٽي جي جيالن جي جوش ۽ جذبن جو قتلام ڪيو پيو وڃي ، انھن جي حسرتن جو پارٽيءَ جي اندران ئي جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي ، پارٽيءَ جي قيادت کي ، اھڙين سازشن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ جيالن کي اوليت ڏئي سندن پارٽي ۾ تقدس رکيو وڃي ، انھن جي قربانين جو قدر احترام ڪيو وڃي ، اُنھن جي جذبن سان کيڏڻ بجاءِ احترام ڪرڻ سان پيپلزپارٽي جي جيالن ۾ جوش جذبو پيدا ڪيو وڃي ، جئين ڏکئي وقت ۾سرمايو رھندڙ جيالن جو قدر ڪندي سندن جذبن جو ٿيندڙ قتلام عام بند ڪيو وڃي ،










