پاڪستان جي سفارتي فتح ۽ وچ اوڀر جو بدلجندڙ منظرنامو..!

پاڪستان جي سفارتي فتح ۽ وچ اوڀر جو بدلجندڙ منظرنامو..!

غلام مصطفيٰ جمالي
بين الاقوامي سياست ۾ ڪي اهڙا لمحا ايندا آهن، جيڪي رڳو سفارتي سرگرمي نه هوندا آهن پر تاريخ جو رخ به موڙي ڇڏيندا آهن. سوئٽزرلينڊ جي خوبصورت پر سياسي طور انتهائي اهم هنڌ برگن اسٽاڪ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ٽيڪنيڪي ڳالهين کي به اهڙن واقعن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن سڄي عمل جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انهن ڳالهين جي انعقاد ۽ ٻنهي ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ پاڪستان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا مختلف جنگين، تڪرارن، معاشي بحرانن ۽ سياسي ورهاست جو شڪار آهي، پاڪستان جو هڪ تعميري ۽ مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ نه رڳو ملڪ جي سفارتي ڪاميابي آهي پر اهو ان ڳالهه جو به ثبوت آهي ته پاڪستان عالمي سياست ۾ هڪ ذميوار ۽ اثرائتي رياست طور پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو آهي.

ايران ۽ آمريڪا جا لاڳاپا گذريل چئن ڏهاڪن کان ڇڪتاڻ، بي اعتمادي ۽ ٽڪراءَ جي مختلف صورتن سان جڙيل رهيا آهن. 1979ع جي ايراني انقلاب کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ جيڪا ڏار پئي، اها وقت سان گڏ وڌيڪ گهري ٿيندي وئي. معاشي پابنديون، سفارتي محاذ آرائي، ايٽمي پروگرام بابت اختلاف، وچ اوڀر ۾ پراڪسي تڪرار ۽ اسرائيل بابت مختلف موقف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فاصلا وڌائيندا رهيا. ڪيترائي ڀيرا اهڙو لڳو ته حالتون مڪمل جنگ ڏانهن وڌي رهيون آهن، پر هر ڀيري سفارتڪاري ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رستو ڪڍيو. اڄ جڏهن ٻئي ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي ميز تي ويٺا آهن ته ان سان اميد پيدا ٿي آهي ته شايد خطي ۾ استحڪام ۽ امن جون نيون راهون کلي سگهن.

پاڪستان لاءِ هي لمحو ان ڪري به اهم آهي جو ماضي ۾ ان کي گهڻو ڪري صرف سيڪيورٽي، دهشتگردي يا اندروني مسئلن جي تناظر ۾ ڏٺو ويندو هو، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. پاڪستان تازن سالن ۾ پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ توازن، اعتدال ۽ عملي سفارتڪاري کي ترجيح ڏني آهي. انهيءَ سبب هو هڪ طرف آمريڪا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته ٻئي طرف ايران، چين، سعودي عرب، ترڪي ۽ خليجي ملڪن سان به پنهنجا لاڳاپا مضبوط رکڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. اها ئي متوازن پاليسي اڄ پاڪستان کي هڪ قابل اعتماد ثالث طور پيش ڪري رهي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس اعليٰ سطحي وفد جي سوئٽزرلينڊ ۾ موجودگي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پاڪستان هن عمل کي غير معمولي اهميت ڏئي رهيو آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي موجودگي به ان ڳالهه جي علامت آهي ته رياستي سطح تي سڀ ادارا هن سفارتي ڪوشش کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ يڪسو آهن. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اهڙا موقعا گهٽ ملندا آهن جڏهن سياسي ۽ رياستي قيادت هڪ ئي مقصد لاءِ مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪندي نظر اچي.

وچ اوڀر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي سياست جو مرڪز بڻيل آهي. عراق، شام، لبنان، يمن ۽ فلسطين جا مسئلا نه رڳو علائقائي پر عالمي طاقتن کي به سڌي طرح متاثر ڪندا رهيا آهن. ايران ۽ آمريڪا جا لاڳاپا انهن سڀني تڪرارن تي اثرانداز ٿيندا آهن. جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي آهي ته سڄو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو آهي ۽ جڏهن ڳالهين جو عمل شروع ٿيندو آهي ته امن جون اميدون به جنم وٺنديون آهن. انهيءَ ڪري برگن اسٽاڪ جون ڳالهيون پوري دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهن.

ايران جي ايٽمي پروگرام جو معاملو هن ڳالهين واري عمل جو بنيادي محور آهي. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ڊگهي عرصي کان ايران جي ايٽمي عزمن بابت تحفظات ظاهر ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته ايران هميشه اهو موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ته سندس پروگرام مڪمل طور تي پرامن مقصدن لاءِ آهي. هن تڪرار ڪيترائي ڀيرا عالمي سطح تي شديد ڇڪتاڻ پيدا ڪئي. جيڪڏهن موجوده ڳالهين جي نتيجي ۾ ڪو اهڙو فارمولو سامهون اچي ٿو جيڪو ٻنهي ڌرين لاءِ قابل قبول هجي ته اهو نه رڳو ايران ۽ آمريڪا پر پوري دنيا لاءِ وڏي ڪاميابي هوندي.

لبنان جي صورتحال به ڳالهين جي اهم موضوعن مان هڪ آهي. گذريل سالن ۾ لبنان سخت سياسي، معاشي ۽ سلامتي بحرانن مان گذريو آهي. اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ حالتن کي وڌيڪ پيچيده بڻايو. جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران هن معاملي تي ڪنهن حد تائين گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته لبنان ۾ امن جا امڪان روشن ٿي سگهن ٿا. اها اڳڀرائي سڄي وچ اوڀر تي مثبت اثر وجهي سگهي ٿي.

آبنائے هرمز جو معاملو به عالمي معيشت سان سڌي طرح لاڳاپيل آهي. دنيا جي توانائي جو وڏو حصو هن سامونڊي رستي مان گذرندو آهي. ماضي ۾ جڏهن به آبنائے هرمز بابت ڇڪتاڻ پيدا ٿي، تيل جي عالمي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ڏٺو ويو. جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي ٿي ته نه رڳو توانائي جون منڊيون مستحڪم ٿينديون پر عالمي معيشت کي به وڏو رليف ملي سگهي ٿو.

پاڪستان لاءِ هن سفارتي ڪردار جا معاشي فائدا به گهٽ اهم ناهن. خطي ۾ امن جي قيام سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. ايران-پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي سميت ڪيترن اقتصادي منصوبن کي نئين زندگي ملي سگهي ٿي. وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي جا امڪان وڌي سگهن ٿا ۽ پاڪستان علائقائي واپار جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو.

دنيا هن وقت جنگين کان ٿڪل محسوس ٿئي ٿي. يوڪرين کان وٺي وچ اوڀر تائين جاري تڪرارن انساني زندگين، معيشتن ۽ سماجي ڍانچن کي شديد نقصان پهچايو آهي. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڳالهين، مفاهمت ۽ سفارتڪاري کي هٿي ملي ٿي ته اها پوري انسانيت لاءِ خوش آئند خبر آهي. پاڪستان جو ڪردار ان ڪري به اهم آهي جو هن طاقت بدران ڳالهه ٻولهه، محاذ آرائي بدران مفاهمت ۽ ڇڪتاڻ بدران تعاون جو رستو اختيار ڪيو آهي.

برگن اسٽاڪ جون ڳالهيون ڪهڙو نتيجو ڏينديون، اهو ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿيندو، پر هڪ حقيقت کان انڪار ممڪن ناهي ته پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو آهي. هي اهو پاڪستان آهي جيڪو مسئلن جي حل ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، جيڪو امن جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جيڪو عالمي برادري ۾ هڪ مثبت ۽ ذميوار رياست طور پنهنجي سڃاڻپ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن اها ئي سمت برقرار رهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان نه رڳو خطي پر عالمي سياست ۾ به وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهو ئي هن سفارتي ڪوشش جو سڀ کان وڏو پيغام ۽ سڀ کان اهم حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو