ٽيڪس کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ مهم هلائي ويندي؛ حڪومت

ٽيڪس کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ مهم هلائي ويندي؛ حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت دولتمند طبقي ۽ ٻين شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٽيڪس کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ ملڪ گير مهم هلائڻ لاءِ جامع منصوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان ٽيڪس ڊپارٽمينٽ کي 30 نومبر تائين تفصيلي منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي. هڪ سينئر ٽيڪس آفيسر مطابق منصوبي ۾ تجويز ڪيل فيصلن تي ايندڙ ٻن سالن ۾ عمل درآمد ڪيو ويندو ۽ مهم سان ڪاروبارن، رئيل اسٽيٽ ۽ انڊسٽريز متعلق معلومات کي حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي ان حوالي سان مقرر وقت ۾ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته 3 آڪٽومبر تي وزيراعظم اعليٰ حڪام کان اجلاس ۾ مقامي ٽيڪسن ۾ اضافي متعلق مختلف تجويزن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو هو ته ٽيڪس حاصل ڪرڻ لاءِ صحيح قدم کنيا وڃن ۽ ان تي فوري طور عمل ڪيو وڃي. ٽيڪس کي دستاويزي شڪل ڏيڻ واري مهم تحت مغربي ملڪن وانگي سڀني ڪاروباري مرڪزن لاءِ قومي شناختي ڪارڊ جو سوشل سيڪيورٽي نمبر تمام مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ جون 2020 جي ڊيڊ لائن طئي ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ غور ڪيو ويو هو ته معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۽ ڊيٽا مرتب ڪرڻ سڀني سرڪاري و نجي ادارن جهڙي طرح مالياتي ادارا ۽ يوٽيلٽي ڪمپنين جي بنيادي ذميواري آهي. ان سان گڏ اجلاس ۾ وزارت قانون ۽ انصاف کي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان صلاح شوري بعد ايف بي آر سان گڏ مالياتي ٽرانزيڪشنز جي رئيل ٽائيم ڊيٽا شيئرنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بينڪنگ قانون ۾ ضروري ترميم 31 ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو. اهو فيصلو به ڪيو ويو ته 30 نومبر تائين ڪمرشل بجلي ۽ گيس ڪنيڪشنز کي فوري طور ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو