لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته افغانستان پاران ٽه ملڪي سيريز نه کيڏڻ جي اعلان بعد زمبابوي ان سيريز ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رضا مندي ظاهر ڪئي آهي. 17 کان 29 نومبر تائين واري ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز مان افغانستان احتجاجي طور نه کيڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان جو سبب پاڪستان جي بمباري ۾ سندن 3 نوجوان ڪرڪيٽرن جي مارجڻ جو ڏنو هو. پاڪستان ۾ افغان طالبان جي حملن جي جواب ۾ پاڪستان جمعي تي افغانستان ۾ حافظ گل بهادر گروپ جي ٺڪاڻن تي پڪتيڪا صوبي ۾ بمابري ڪئي هئي. عام تاثر هو ته تازو طالبان جي پرڏيهي وزير امير متقي جي ڀارت واري دوري سبب افغانستان اهڙو فيصلو ڪيو هو. ياد رهي ته مارجي ويل ٽئي نوجوان ڪبير، صبغت الله ۽ هارون ڪلب سطح جا رانديگر هئا ۽ ڪو به افغانستان جي قومي ٽيم ۾ نه کيڏيو هو.










