لنڊن(ويب ڊيسڪ)يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ گرمي جي لهر جاري آهيي جيڪا ڪجهه ڏينهن وڌيڪ جاري رهندي. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اڄ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويو آهي، جنهن جي تصديق فرانسيسي ميڊيا ڪئي آهي.
فرانس جي سرڪاري نشرياتي اداري فرانس انفو موجب پيرس ۾ گرمي پد 40.3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، ۽ گذريل 150 سالن دوران هي چوٿون ڀيرو آهي جو شهر ۾ ايترو گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
هن وقت پيرس ۾ شديد گرمي جي حوالي سان ريڊ الرٽ جاري آهي، ۽ اختيارين شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڻي گهڻو پيئن، سخت جسماني مشقت کان پاسو ڪن ۽ ٿڌين جڳهن تي وقت گذارين.
برطانيا ۽ فرانس ۾ هزارين اسڪول بند ڪيا ويا آهن. فرانس جي تعليم واري وزير ايڊورڊ جيفري چيو آهي ته سندس ملڪ ۾ 6,000 اسڪول يا ته بند ڪيا ويا آهن يا انهن ۾ گرميءَ کي نظر ۾ رکندي خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
فرانس ۾ هڪ جوهري بجلي گهر عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ڪجهه پلانٽن پنهنجي ڪارروائين کي محدود ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته شديد گرمي سبب ويجهن دريائن جي پاڻي جو گرمي پد وڌي ويو آهي. ڪيترائي جوهري پلانٽ ٿڌو ڪرڻ لاءِ دريائن جو پاڻي استعمال ڪندا آهن ۽ پوءِ ان کي وڌيڪ گرم حالت ۾ واپس ڇڏيندا آهن.
برطانيا هن وقت هڪ غيرمعمولي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي رڪارڊ گرمي سان گڏ نمي پڻ تمام گهڻي آهي. برطانيا جي ڏاکڻن علائقن، جن ۾ لنڊن به شامل آهي، ۾ نمي جي سطح ميامي ۽ هيوسٽن جهڙن شهرن جي برابر محسوس ڪئي پئي وڃي.
برطانيا جون مهيني جي سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جو پنهنجو پراڻو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي، جتي ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع وائگنهولٽ۾ گرمي پد 35.8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو.
اسپين ۾ سومر ۽ اڱارو گهٽ ۾ گهٽ 1950ع کان پوءِ جون مهيني جا سڀ کان وڌيڪ گرم ڏينهن ثابت ٿيا. ملڪ جي موسميات واري اداري موجب گرمي پد معمول کان 7.1 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو. گرمي سبب 2 ماڻهن جي مرڻ جو به اطلاع آهي.
صحت جي عالمي تنظيمڊبليو ايڇ او، عالمي اڳواڻن تي زور ڀريو آهي ته هو هن هفتي جي شديد گرمي جي لهر دوران موسمياتي تبديليءَ بابت قدمن کي ترجيح ڏين.










