وچ اوڀر ۾ نئون بحران ۽ ٽرمپ جو جنگي جنون برقرار

وچ اوڀر ۾ نئون بحران ۽ ٽرمپ جو جنگي جنون برقرار

اعجاز ممنائي
ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا ۾ وڌندڙ ڪشيدگيءَ جي حالتن تي پاڪستان سميت دنيا ڀر ۾ تشويش جو اظهار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف وچ اوڀر ۾ تڪرار وڌڻ تي پنهنجي تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هيء صورتحال خطي ۾ جنگ بندي جي خطرن کي وڌائي رهي آهي. جنگ بندي لاءِ ڪيل ڪوششون رد نه ڪيون وڃن ڇو ته هيء صورتحال خطي ۾ امن جا موقعا گهٽائي سگهي ٿي. صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪا ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ خطي کي خطري ۾ وجهڻ کان بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد رهيو آهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري تڪرار ۽ معاهدي جي مختلف صورتن ۾ زير بحث اچڻ تي اسرائيل جي انتهاپسندي ۽ ايران جي ڌرين سان معاملا طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان صورتحال ۾ آمريڪا ايران تي زور ڀريندو ۽ وچ اوڀر ۾ ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ته جيئن هو ڪنهن به وڏي تڪرار کي روڪي سگهي. پر اسرائيل اهو چاهي ٿو ته هو جنگ بندي جو موقعو هٿ نه لڳائي ۽ آمريڪا ايران جنگ بندي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي سگهي. اسرائيل واضح طور چئي رهيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ جنگ بندي کي قبول نه ڪندو ۽ هو چاهي ٿو ته ڪو معاهدو ان کانسواءِ ٿئي. ايران-آمريڪا جنگ بندي جي نتيجي ۾ قانوندانن ۽ ڌرين جي لبنان ۾ اسرائيلي ڪاررواين خلاف وڏي جهادي ۽ عالمي حمايت حاصل ڪئي.پر هاڻي ان جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ شهري آباديون به هن تڪرار جو شڪار بڻجي رهيون آهن. ان واقعن ۾ اسرائيل ۽ ايران جي تڪرارن ۾ اضافو ۽ اسرائيل کي هن خطي جي حالتن کان آگاهه ڪري رهيو آهي ۽ هو اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا آمريڪا-ايران امن جي ڪوششن کي وڏي خطري ۽ غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته سعودي عرب جي سياست جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ امن لاءِ خطرو آهي.ڇوته تيل جي دولت مان فائدو وٺڻ لاءِ هن خطي ۾ عالمي معيشت ۽ ترقيء لاءِ اهم آهي. پر ان وقت تائين جنگ بندي ۽ تيل جي قيمتن جي استحڪام لاءِ ڪوششون نه ٿيون ته اهو خطو تباهي جي ڪناري تي پهچي ويندو. هن خطي ۾ اسرائيل جيڪڏهن ڪنهن کي زور ڀريندو ته اهو خطرناڪ ٿيندو ۽ وڌيڪ جنگ جو خطرو وڌي ويندو. ان صورتحال کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪو اهڙو معاهدو ٿئي جيڪو وچ اوڀر ۾ امن جي خواهش رکندڙن لاءِ فائديمند هجي. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاهدي کانسواءِ اسرائيل کي خطي جي حالتن جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ هن خطي ۾ ڪو به امن نه رهندو ۽ اهو جنگ جي ختم ٿيڻ کانسواءِ جاري رهندو. وچ اوڀر ۾ امن لاءِ اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي برابري ضروري هوندي. سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن سان تعلقات کي مضبوط ڪرڻ سان خطي ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو. پر اسرائيل کي ان صورتحال ۾ هر شيءِ کي جنگ جي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي. اهو سمجهڻ گهرجي ته هن خطي ۾ آمريڪي ۽ سعودي پاليسي جو مقصد صرف جنگ نه پر امن قائم ڪرڻ آهي. ٻي صورت ۾ هن خطي ۾ ڪو به امن نه رهندو ۽ اسرائيل جي جارحيت واري پاليسي هن خطي کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيندي. هن خطرناڪ صورتحال ۾ ايران کي اهڙي معاهدي جي ضرورت آهي جيڪا اسرائيل جي جارحيت کي روڪي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪري سگهي.
جڏهن ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران مون کي چيو آهي ته بمباري بند ڪريو، ايران تي بمباري جلد بند ڪئي ويندي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ موجب ايراني عملدارن حملا بند ڪرائڻ لاءِ ان سان رابطو ڪيو آهي، پر جيڪڏهن مفاهمتي ياداشت تي اتفاق نه ٿيو ته بمباري جاري رهندي.ٽرمپ اها ڳالهه ٻولهه ان وقت ڪئي جڏهن هو سچويشن روم ۾ نائب صدر جي ڊي وينس ۽ آمريڪي نمائندن اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر سان گڏ موجود هو.جڏهن ته ايران جي سرڪاري خبر رسان اداري ٽرمپ جي دعويٰ جي ترديد ڪندي چيو ته ايراني عملدارن جي ڪنهن به عهديدار ٽرمپ کي حملا بند ڪرڻ جو نه چيو آهي.جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف آخري فوجي ڪارروائي جو اشارو ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا وري ايران تي انتهائي شديد حملو ڪرڻ وارو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ ايران کي سخت ترين لفظن ۾ خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ايران جي انتهائي اهم اسٽريٽجڪ ٻيٽ ‘خارگ آئي لينڊ’ (Kharg Island) سميت اتي موجود تيل ۽ گيس جي ٻين اهم ترين تنصيبن تي ڌاڙو هڻي ڇڏيندو ۽ انهن جو انتظامي ۽ فوجي ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيندو.آمريڪي صدر واضح ڪيو ته اسان ايران جي تيل ۽ گيس جي مارڪيٽن تي پنهنجو مڪمل تسلط قائم ڪرڻ وارا آهيون، ۽ اها ڪارروائي بلڪل انهي طرز تي هوندي جيئن ماضيء ۾ وينزويلا خلاف ڪئي وئي هئي.آمريڪي صدر پنهنجي پيغام ۾ وري هڪ ڀيرو اهو دعويٰ ورجايو ته ماضي جي ڪاررواين سبب ايراني هٿياربند فوجن جون فوجي ۽ دفاعي صلاحيتون اڳ ئي مفلوج ۽ تباهه ٿي چڪيون آهن، ان ڪري هو هاڻي ڪنهن وڏي آمريڪي قدم جي سامهون مزاحمت جي پوزيشن ۾ نه آهي.مبصرن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جو هي بيان علائقي کي هڪ وڏي ۽ وسيع جنگ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو. واضح رهي ته ‘خارگ آئي لينڊ’ خليج فارس ۾ واقع ايران جو سڀ کان وڏو آئل ٽرمينل آهي، جتان ايران پنهنجي خام تيل جي ڪل برآمدات جو تقريباً 90 سيڪڙو عالمي منڊين ڏانهن موڪلي ٿو. ايران موجب آمريڪي حملن کانپوءِ جنگ بندي ’بي معنيٰ‘ ٿي چڪي آهي ايراني پرڏيهي وزارت موجب ته آمريڪا جي تازي حملن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي کي ’عملي طور بي معنيٰ‘ بڻائي ڇڏيو آهي.آمريڪا جي طرفان ڪيل ’غير قانوني ۽ مجرمانه حملن‘ جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته اهي گڏيل قومن جي منشور ۽ بين الاقوامي قانون جي بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آهن. هن ڪشيدگي ۾ اضافي جا نتيجا آمريڪي قيادت تي لاڳو ٿيندا. هي بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو ته هن اربع جي ڏينهن ڏکڻ ايران ۾ فوجي، نگراني ۽ ريڊار تنصيبن کي نشانو بڻائيندي ’حق دفاع‘ تحت حملن جي هڪ نئين لهر مڪمل ڪئي آهي. ٻئي طرف ايران به حملا ڪيا جن ۾ بحرين، ڪويت ۽ اردن ۾ سڄي خطي ۾ پکڙيل آمريڪي فوجي اثاثن کي نشانو بڻايو ويو.ان سڄي صورتحال جو اگر نچوڙ ڪڍجي ته آمريڪي صدر جو جنگي جنون نه رڳو ايران پر پوري دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر رتوڇاڻ طرف وٺي ويندو ۽ پريشانيء جو سبب بڻجندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو