وسيم اڪرم کي شنيرا پاران گهر نه اچڻ جي ڌمڪي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر وسيم اڪرم کي سندس گهرواري شنيرا اڪرم وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. هن وقت تائين خبرن ۾ شنيرا اڪرم ۽ وسيم اڪرم ۾ ڪنهن به قسم جي تلخ ڪلامي يا جهيڙن جي حوالي سان ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، تنهن باوجود هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن شنيرا اڪرم پنهنجي مڙس وسيم اڪرم کي گهر نه اچڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. گذريل ڏينهن ئي وسيم اڪرم سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو جاري ڪندي پنهنجي مداحن کي پنهنجي نئين روپ بابت آگاهي ڏني هئي. ياد رهي ته وسيم اڪرم پنهنجي گهرواري شنيرا اڪرم ۽ ڌيءَ سان ملڻ لاءِ 11 مهينن کانپوءِ آسٽريليا ويو آهي جتي قرنطينا ۾ موجود آهي، وسيم اڪرم کي قرنطينا ۾ 8 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ ان دوران هن مڇون رکيون آهن. وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس مداحن ۽ سوشل ميڊيا صارفين اڳوڻي ڪپتان جي ان روپ کي گهڻو پسند ڪيو آهي ۽ ان تي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن. شنيرا اڪرم وسيم اڪرم جي وڊيو پوسٽ ۾لکيو آهي ته ”مڇون توسان گڏ گهر نه اينديون“،

پهنجو تبصرو موڪليو