هٿرادو مهانگائي، حڪومت جو ڪردار ۽ سماج جا رويا

هٿرادو مهانگائي، حڪومت جو ڪردار ۽ سماج جا رويا

ليکڪ ميرحسن رند
ڪنهن دور جي ڳالھ آهي ته رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ وڏو احترام ڪيو ويندو هيو ۽ هر شيءَ ۾ سستائي ڪئي ويندي هئي غريبن مسڪينن جو وڏو خيال رکيو ويندو هيو، جنهن جي گهر ۾ کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو هيو ته ان جي سرندي وارا مدد ڪندا هئا ۽ رستي تان گذرندڙ بکايل جي بک ۽ اڃايل جي اُڃ ختم ڪئي ويندي هئي پر هن دور ۾ ته ڪير ڪنهن کان پڇڻ وارو ئي نه آهي هر پاسي بس انڌير نگري ئي آهي هڪ طرف قدرتي مالي وسيلن سان مالا مال ۽ ٽائون جي ماهوار ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بجيٽ رکندڙ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي ڳاله ڪجي ته سموري سنڌ جيان هتي هن مها مهانگائي جي دور ۾ شايد اسان سڀني مسلمان ڀائرن مان ايمان نڪري ويو آهي ڪير ڪنهن جي درد ڏک جي خبر به نه ٿو رکي هر ڪو پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو آهي جڏهن ته مقدس ۽ فضليت وارو مهينو رمضان شريف جو مهينو وري پنهنجون رحمتون کڻي آيو آهي پر رمضان شريف جو بابرڪت مهينو شروع ٿيندي ئي مهانگائي جو ميزائيل توپ مان ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهائڻ لڳندا آهن اُهي چوٽ چڙهيل اگهه رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري سندن رت چوسي وٺندا آهن. ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف شهرن ۾ لڳايل انگ اکرن توڙي مارڪيٽ جي اگهن موجب ٻاڪرو گوشت 1800 سئو کان 2000 روپيه في ڪلو، ڪڪڙ جو گوشت 600 کان 700 روپيه في ڪلو مڇي 600 روپيه في ڪلو؛ بصر 160 کان 180 روپيه في ڪلو، پٽاٽا 80 کان 100 روپيه في ڪلو، ميها 180 کان 200 روپيه في ڪلو، ڀينڊيون 200 کان 250 روپيه في ڪلو، مطلب ته گوشت سبزي فروٽ دالين گيه اٽي آئل چانورن کنڊ سميت هر شي جا اگه چوٽ چڙھي وڪرو ٿيڻ لڳا آهن وري فروٽ ڏانهن رُخ ڪجي ۽ ڏسجي ته فروٽ جا اگهه به ڪي گهٽ نه آهن هتي وڏن جي ڪهاوتن جيڪڏهن تون سير آهين ته آئون وري توکان وڌيڪ سوا سير آهيان هتي صوف 300 کان 400 روپيه في ڪلو ڪيلا 180 کان 200 روپيه درجن چڪو 250 روپيه ڪلو سان گڏوگڏ هر ٻيو فروٽ وڏي اگه سان وڪرو ٿي رهيا آهن رمضان شريف جي هن بابرڪت مهيني ۾ ضلعي انتظاميه توڙي حڪومت طرفان مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن. واپاري، دڪاندار ۽ ريڙهي وارا ڇڙواڳ ٿي پنهنجا من پسند ريٽ لڳائي عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪري رهيا آهن. کانئس ڪير به پڇڻ وارو ئي نه آهي. اسان کي هميشه وٽان اهو سبق مليو آهي ته رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ جيتريون به نيڪيون ڪجن اوتريون گهٽ آهن جڏهن ته هن بابرڪت رمضان شريف جي مهيني ۾ الله پاڪ پنهنجي ٻانهي جي دل جي هر دعا قبول ڪندو آهي ۽ جيڪي هن مهيني ۾ گناهه ڪن ٿا انهن کي اڳئين جهان ۾ سخت کان سخت سزا ڀوڳڻي پوندي. رمضان شريف جي مهيني ۾ گهڻي ڀاڱي مسلمان مسجدن جو رُخ ڪندا آهن ۽ پورو مهينو عبادتن ۾ مصروف رهندا آهن تنهن وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ شيطان واقعي ئي بوتل ۾ بند ٿي ويو آهي پر حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو اڪثر ڪافي مسلمان واپاري دڪاندار هن ڀلاري مهيني ۾ به هٿرادو ريٽ وڌائي مسڪينن کي ٻنهي هٿن سان پيا لٽيندا ڦريندا آهن جيتوڻيڪ مهانگائي جي عذاب کي گهڻي ڀاڱي غريب طبقو ڀوڳي ٿو جيڪو مسڪين روزيدار پنهنجي پيٽ بکايل معصوم ٻارڙن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري پنهنجي جسم جو پگهر وهائي تغاري مٿي تي کڻي سڄو ڏينهن لوهه ڪُٽي، سڄو ڏينهن بَٺن جي چمنين ۾ ٽهڪي، سڄو ڏينهن ريڙهو ڌڪي، سڄو ڏينهن هوٽل تي ٻاهر واري ڪري، سڄو ڏينهن وزندار ٻوريون ڪلهي تي کڻي، سڄو ڏينهن سيمنٽ، ريتي، پٿر جون ٽرڪون ڀري ۽ لاهي انهيءَ سڄي ڏينهن ۾ ان مزدور پورهيت کي صرف 300 کان 500 روپيه تاريخ جي ڪمائي وڏي مشڪل سان ملي ٿي اهڙي طرح پوء اهو غريب مسڪين پنهنجي گهر ڇا کڻي ويندو هوندو ڇا هتان جي چونڊيل سياسي ليڊرن کي اها خبر نه آهي ته غريب روزيدار جڏهن گهر واپس ويندو افطاري جي وقت جڏهن هن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو ته هن جي دل مان ڪهڙي آهه نڪرندي ۽ ذهن تي ڇا تاري هوندي يا ان جي معصوم ٻارڙن جي دلين مان ڪهڙي آهه نڪرندي شايد ان ڳالهين جو انهن ماڻهن کي احساس ئي نه آهي ٻيو ته جيڪي معمولي منافعي خاطر انسانيت جي خدمت جهڙي عظيم پيشي کي وساري پنهنجو ضمير وڪڻي ويهندا آهن هي غريب پورهيت مزدور انهن کان اهو سوال ٿا پڇن ته اهي اهو ٺڳي سان ڪمايل پئسو، غريبن کان ڦرلٽ ڪيل پئسو ڪيترا ڏينهن هلائيندا هوندا…؟ اها ھتان جي حڪمرانن جي به نا اهلي آهي جو انهن جون ڳالهيون ته عوام لاء وڏيون هونديون آهن پر حقيقت ۾ اُهي مهانگائي تي ڪنٽرول ٽڪي برابر به نٿا ڪرائي سگهن جنهن جي ڪري هر منافعي خور واپاري ماڻهو ان مان ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت طرفان لڳايل هر شهر ۾ بچت بازارن سميت يوٽيلٽي اسٽورن ۾ به غريب مسڪين ماڻهن کي ڪو ريليف نه ڏنو ويو يوٽيلٽي اسٽورن تي به غريب عام مسڪين ماڻهو کي ڪنهن به قسم جي شيءَ سستي اگھ ۾ نه ٿي ڏني وڃي هر شيءَ جو ريٽ پهنجو پنهنجو مقرر ڪيل آهي هڪ طرف حڪومت عوام سان واعدا ٿي ڪري ته اسان غريبن پورهيتن هارين نارين مزدورن جا همدرد آهيون انهن کي هر سهولتون فراهم ڪري ڏنيون وينديون هڪ ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ڪنهن به قسم جي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي مٿان وري هر روز هر شيءَ جا اگھ چوٽ چاڙهيا پيا وڃن جيڪڏهن اسان وٽ سٺا حڪمران هجن ها ته ڪنهن کي به ڪو غير قانوني قدم کڻڻ جي همت نه ٿئي ها. اهڙي صورتحال ۾ موجوده حڪمرانن کي وقتن ضرور سجاڳ ٿيڻ گهرجي ها پر هن رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪنهن به قسم جا ڪي جوڳا اُپاءُ نه ورتا ويا ٻي ڳاله ته تعلقي جي هن تڪ تان هتان چونڊجي اقتدار جي ڪرسين تي پهچندڙن به ڪو عملي ٻوٽو نه ٻاريو تڪ جا ماڻهو وڏي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن تڪ مان چونڊجي ويل ايم اين اي ۽ ايم پي اي پنهنجن وڏين گاڏين بنگلن ۽ اسيمبلين جي اندر ڪرسين تي مزا ماڻي رهيا آهن انهن کي هتان جي عوام تي رحم نه آهي نه ئي ڪا سوچ آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هتان چونڊجي ويل نمائنده ايم اين اي سيد نويد قمر شاه ايم پي اي عبدالڪريم سومرو ۽ ايم پي اي اعجاز شاه بخاري هن طرف توجھ ڏئي عوام جي سهولت لاءِ شهرن ۾ نڪري اچي هر شيءَ جا اگھ معلوم ڪن ها ته جيئن انهن کي به معلوم ٿئي ته غريب مسڪين پورهيت مزدور طبقو سڄو سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري ڪيئن ٿو وقت گذاري ۽ هنن مسڪينن پورهيتن جي گهر جو چرخو ڪهڙي ريت هلي رهيو آهي پر اسان جي چونڊيل نمائندن وٽ ٽائيم ڪٿي آهي جو هن تڪ جي عوام جا مسئلا ٻڌي ۽ انهن تي توجھ ڏيندي حل ڪرائي سگهن ٻي ڳاله ته هن سموري ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ جيتري قدر ذخيره اندوزي ٿئي ٿي شايد ٻئي ڪنهن به شهر ۾ نه ٿيندي هجي هر ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري ٿو ان ذخيره اندوزي ۾ هتان جا بالا آفيسر پڻ ملوث آهن ان ڪري هاڻي تڪ جي چونڊيل نمائندن، ڪامورن کي ايئرڪنڊيشن ڪمرن کان ٻاهر نڪري مارڪيٽن ۾ وڃي هر هنڌ تي ڏسڻو پئي ته ڪو واپاري ڪٿي ناجائز فائدو ته نه وٺي رهيو آهي. اڪثر ڪري واپاري طبقو رمضان شريف جي مهيني کان اڳ شين جو ذخيرو ڪندا آهن ته جيئن هو رمضان شريف جو مهينو شروع ٿيندي ئي ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن اهڙن ذخيرو ڪندڙ واپارين جي گودامن تي ڇاپا هنيا وڃن انهيءَ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي روزاني صورتحال معلوم ڪئي وڃي ان حوالي سان نگراني ڪندڙ آفيسرن کي به با اختيار بڻايو وڃي هي مهينو رحمتن وارو ۽ ڀلارو مهينو آهي انهيءَ رحمتن واري ڀلاري مهيني ۾ ماڻهن کي دل وڏي ڪري غريب طبقي جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۽ حقيقي پورهيو ڪمائڻ گهرجي پر الاءِ ڇو اسان جي معاشري ۾ اڪثر دڪاندار، واپاري ۽ ريڙهي وارا رمضان شريف واري ڀلاري مهيني ۾ ئي شين جا اگهه وڌائيندا آهن جيڪي اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا انهن کي خدا جو خوف کائڻ گهرجي انهن کي حقيقي اگهه وٺڻ گهرجن جيڪي مارڪيٽ موجب هجن واپارين کي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي جيئن غريب عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي حڪومت کي به ان حوالي سان واپارين سان ملي ايڪشن کڻڻ گهرجي جيئن ڪو غلط فائدو نه وٺي سگهي ۽ غريب مسڪين پورهيت مزدور طبقو ان مان ڪجھ صحيح نموني ٿورو گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهي ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر بهتر نموني سان ڪري سگهي

پهنجو تبصرو موڪليو