هاڪي جي بهتري لاءِ غير ملڪي ڪوچز لازمي آهن

هاڪي جي بهتري لاءِ غير ملڪي ڪوچز لازمي آهن

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ طاهر زمان قومي ٽيم لاءِ غير ملڪي ماهر ڪوچز کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جيو نيوز سان ڳالهائيندي طاهر زمان چيو ته اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ۽ گول ڪيپنگ لاءِ غير ملڪي ماهر ڪوچز جي ضرورت آهي، اهي ٻه شعبا اهڙا آهن جتي اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته بهترين ايڪسپَرٽ انهن شعبن لاءِ آڻيون، انهن شعبي ۾ غير ملڪي ڪوچز کي وڌيڪ بهتر سمجهيو وڃي ٿو. پرو هاڪي ليگ آسان ٽورنامينٽ ناهي، انهن شعبي تي اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته فزيڪل فٽنيس ۽ گول ڪيپنگ جو سڄي ٽيم جي ڪارڪردگي تي مثبت اثر پوي ٿو. پرو هاڪي ليگ کان اڳ ڪيترن ئي ملڪن سان سيريز کيڏيڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري آهي. طاهر زمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ڪوشش آهي ته سيريز کي ممڪن بڻايو وڃي. ملائيشيا، بنگلاديش ۽ اسپين خلاف وڌ کان وڌ ڪوشش آهي ته ميچز کيڏڻ جو موقعو ملي. هن جو اهو به چوڻ هو ته پرو هاڪي ليگ جي تياري لاءِ انٽرنيشنل ميچز کيڏڻ ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو