نيوزيلينڊ کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ به شڪست

نيوزيلينڊ کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ به شڪست

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيوزيلينڊ کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ 26 رنسن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلي جي برتري حاصل ڪري ورتي.سيريز جي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 287 رنسون ٺاهيون.اوپنر امام الحق ۽ فخر زمان وچ ۾ صرف 37 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي، فخر زمان 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ٻي وڪيٽ تي ڪپتان بابر اعظم ۽ امام الحق شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، ٻنهي 108 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي جنهن ۾ بابر اعظم سندس شراکت 54 رنسون هئي. عبدالله شفيق 19 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، امام الحق 90 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي 192 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو.آغاسلمان 31، محمد رضوان 32 رنسون، شاداب خان 21 رنسون ۽ محمد نواز 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.نيوزيلينڊ طرفان هينري 3، ايڊم ملن ٻه وڪيٽون ورتيون.288 رنسن جي تعاقب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 49.1 اوورن ۾ 261 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان شاهين شاهه، نسيم شاهه ۽ وسيم جون 2-2 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو