عبدالمجيد بروھي
اليڪشن جو ماحول جڙي چڪو آھي پوري پاڪستان اندر سياسي جوڙ توڙ جو سلسلو تيز ٿيندو پيو وڃي ان سلسلي ۾ پ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت مسـلم ليگ ن جو سربراھ محمد نواز شريف سندس ڀاء شھباز شريف مريم نواز پڻ ڪافي متحرڪ ٿي چڪا آھن پ پ پ ۽ ن ليگ پاران سياسي فسا ڪشي جو سلسلو تيز ڪيو ويو آھي ھن وقت ن ليگ بلوچستان کي فتح ڪرڻ لاء ھميشا پارٽي بدلائيندڙ بلوچستان جي سياسستدانن کي پنھنجي طرف ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آھي ان سلسلي ۾ اڳوڻي وڏي وزيرڄام ڪمال سميت ھڪ درجن کان وڌيڪ پارلياماني سياست ڪندڙ ن ليگ ۾ شامل ٿي چڪا آھن نواز شريف باپ پارٽي جي قيادت سان پڻ ملي چڪو آھي جن سان اتحاد ڪرڻ پيو چاھي واضع رھي تـ ھي اھا باپ پارٽي آھي جنھن لاء مريم نواز چوندي ھئي تـ باب وارن باپ ٻيو ڪو آھي ھي اھا باپ پارٽي آھي جنھنجي ڪجھ سينيٽرن سينيٽ اليڪشن ۾ پ پ پ جي اميدوار کي ووٽ ڏنو ھيو جنھن تي ن ليگ سميت پي ڊي ايم وارا سخت ناراض ٿيا ھيا ۽ ان بعد پ پ پ کي پي ڊي ايم مان الڳ ڪيو ويو ھيو اڄ ان ساڳي باپ پارٽي وارن سان جڙڻ جي ڪوشش ۾ آھن ن ليگ وارا بحرحال ھي سياست آھي ۽ سياست ڪجھ بـ ھرف آخر ناھي ھوندو ن ليگ ان کان اڳ ان پارٽي سان سنڌ اندر اتحاد ڪري چڪي آھي جن خلاف ھنن ن ليگ جي دور حڪومت ۾ خوني آپريشن ڪيو ھيو ھا اھا پارٽي آھي ايم ڪيو ايم جيڪي ان آپريشن ۾ مارجي ويل ڪارڪنن جا ڏھاڙا يوم شھداء ھر سال ملھائيندا رھن ٿا پر انھن جي انھن ورڪرن جيڪي ن ليگ پاران ڪرايل آپريشن ۾ مارجي ويا ھيا يا جنھن سندن جو آفيسون مسمار ڪرايون ھيون ان نواز ليگ سان ڪيئن ۽ ڪھڙي بنياد تي اتحاد ڪري ويٺا آھن بحرحال ھي سڀ ڪجھ سياست جو حصو آھي اسان ۽ اوھان کي اڃا وڌيڪ اھڙا اتحاد ۽ ھڪ ٻئي جا جان جا ويري ٻڻيل سياستدان اڳتي ھلي ھڪ ٿي سگھن اجون ٿا پ پ پ پاران ڪيل سياسي جوڙ جڪ جي ڳالھ تي پ پ پ سنڌ اندر پنھنجا پير وڌيڪ پختا ڪندي پئي وڃي گھوٽڪي ۾ پ پ پ وارن جي لاء مٿي جو سور بڻيل مھر سردار جيڪو ھن وقت پ پ پ کي پيارو ٿي چڪو آھي ان کان علاوا شھيد راڻي جي اباڻي ضلع لاڙڪاڻي ۾ پ پ پ کي گذريل وڏي اليڪشن سميت بلدياتي اليڪشن ۾ ٽف ٽائيم ڏيندڙ سردار الطاف انڙ مرحوم جا فرزند جن تازو پ پ پ وارن کان ڏوڪري ۽ باڊھ ٽائون ڪميٽي کٽي چڪا ھيا اھي پڻ پ پ پ ۾شامل ٿي چڪا آھن جڏنھن تـ ان کان اڳ فنڪشنل ليگ ۽ لاڙڪاڻو اتحاد جي ڊي اي جو اھم اڳواڻ سيد اڪبر شاھ راشدي ۽ سيد مھتاب اڪڀر شاھ راشدي پ پ پ فيملي ۾ اچي چڪا ھيا ھن وقت لاڙڪاڻي سردار معظم خان عباسي رھيل آھي جنھن بابت پڻ افواھ ھلي رھيا آھن تـ انھن جو ڳالھيون پڻ پ پ پ قيادت سان جاري آھن ھوڏانھن ڪراچي شھر اندر ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ جي اتحاد کانپوء پ پ پ پاران جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آء جي فارورڊ بلاڪ سان اتحاد لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن ايم ڪيو ايم جي ڳڙھ وارن تڪن جتي جماعت اسلامي جو پڻ ووٽ بئنڪ آھي اتي پ پ پ جماعت اسلامي کي سپورٽ ڪندي ۽ جماعت اسلامي وارا ڪراچي جي ٻين تڪن تي پ پ پ کي سپوٽ ڪندا اھڙو اتحاد پڻ ممڪن آھي سنڌ اندر فنڪشنل ليگ سان ڪجھ تڪن تي سيٽ ايڊجسمينٽ پڻ پ پ پ وارا ڪري سگھن ٿا ان کان علاوا شڪارپور ۽ نوشھرو فيروز ۾ سٺي سياسي ساک ۽ ووٽ بئنڪ رکندڙ جتوئي خاندان جون ڳالھيون پڻ آخري مرحلي
۾ آھن جيڪي پڻ ڪچھ ڏينھن جي اندر پ پ پ جوائن ڪري سگھن ٿا ھن وقت پ پ پ ڪو چيئرمين بلاول ڀٽو اليڪشن مھم جو آغاز ڪري چڪو آھي ڪي پي ڪي جو عوام سندس ڀرپور ساٿ ڏئي رھيو آھي ايبٽ آباد ۾ عوام جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان ھيو ورڪرز ڪنوينشن وڏي جلسي ۾ تبديل ٿيندي سڀني ڏٺو ان جلسي ۾ جوان پوڙھا ننڍا ٻار پارٽي پرچمن تي جھومي رھيا ھيا سياسي پنڊت جو خيال آھي تـ جنھن طريقي سان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنھنجن تقريرن ۾ ن ليگ وارن کي گھلي رھيو آھي ان سان پ پ پ وارن کي فائدو ضرور ٿيندو جو پي ٽي آء جا حامي ۔ جيڪي ۔ ن ليگ وارن کان سخت ناراض آھن انھن پي ٽي آء جي حامين جنجو ڪنھن بـ طريقي سان پي ٽي آء سان سياسي وابستگي نـ آھي جن جو ڪنھن بـ دھشتگردي سان ڪو ب ۔ واسطو نـ آھي پر اھي پي ٽي آء جا ووٽر ۽ سپورٽر ضرور ھيا جيڪي پي ٽي آء قيادت جي ان دھشتگرد قدم بعد انھن کان بـ نارض ٿي چڪا آھن جيڪي ن ليگ ۽ پي ٽي آء وارن کي ووٽ ڏيڻ بجاء پ پ پ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو تي اعتماد ڪندي کيس ھڪ ڀيرو ضرور موقعو ڏيندا کيس آزمائي ڏسندا انھن جو پڻ خيال آھي تـ جنھن عمرانـخان تي ھنن ڀرپوراعتماد جو اظھارڪيو ھيو ان پاڪستان جي عوام لاء ڪجھ نـ ڪيو ويتر پاڪستان کي پوري دنيا ۾ ھن شرمسار ڪيو شھيدن جي يادگارن کي ڊھرايو پاڪ فوج تي حملا ڪرايا ان اھو ڪيو جيڪو ملڪ دشمن ن ۔ ڪري سگھيا اڳتي ان مٿان اعتڀار ڪرڻ ملڪ سان دشمني ڪرڻ جي برابر ھوندو جڏنھن تـ ۔ انھن پاڪستاني نوجوانن جو اھو خيال پڻ آھي تـ ان کان اڳ اسان ٽي ڀيرا ن ليگ جي سربراھن کي آزمائي چڪا آھيون جن ھميشا پنھنجا کيسا ڀريا آھن پنھنجي فيڪٽرين ۾ اضافو ڪيو آھي پنھنجن مٽن عزيزن کانسواء ڪنھن کي بـ انھن فائدو ناھي ڏنو پوء انھن کي وري ڇو آزمايون بلاول ڀٽو زرداري جي سورنھ مھينن جي وفاقي وزير جي ڪارڪردگي سڀني جي سامھون آھي ھن ڻوجوان انھن سورنھن مھينن جي اندر پي ٽي آء حڪومت جي ڪري جيڪي بـ دوست ملڪ پاڪستان کان ناراض ٿيا ھيا انھن اسان جي ملڪ جو تمام ويجھو رھندڙ چين پڻ شامل ھيو انھن تمام دوست ملڪن کي ھڪ ڀيرو پرچائي پاڪستان جو ساٿي بڻايائين پوء اسان پاڪستان جا نواجوان پڪا پوڙھا ڇو نـ ھڪ ڀيرو ھن نوجوان تي اعتماد ڪري ڏسون جنھن جوش پنھنجي نانا شھيد ذاولفقار ڀٽي جھڙو آھي ۽ ڪم ڪرڻ جو جذبو پنھنجي ماء شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جھڙو اٿس اھو ملڪ پاڪستان کي تمام مشڪلاتن ۽ بحرانن مان ڪڍي سگھي ٿو










