مڪاني ادارن جي تباهي جو ذميوار ڪير؟

مڪاني ادارن جي تباهي جو ذميوار ڪير؟

ليکڪ محمد خالد ميمڻ
سڄي دنيا اندر هرهڪ ملڪ جي هر ڳوٺ هر شھر جي ترقي جو دارومدار مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي تي هوندو آھي جتي مڪاني ادارا جن ۾ ميونسپل ڪاميٽي,ٽائون ڪاميٽي,يونين ڪائونسل وغيره اچي ٿا وڃن اگر اهي مڪمل طور پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن ٿا ته اهو ملڪ اهو صوبو ترقي ڪري ٿو ۽ اتان جا رهاڪو سکي ستابي زندگي گذارين ٿا ڇوته مڪاني ادارا ئي سڄو ڪم ڪندا آھن جنهن ۾ هر شھر هر ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون ڏيڻ,انڪروچمينٽ کي روڪڻ,پلاٽن گهرن جي مالڪي جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ,پلاٽن تي بلڊنگون ٺھرائڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ اجازت ڏيڻ کان اڳ ان جاء جون مڪمل فارملٽيز پوريون ڪرائڻ جيئن جڳهين جا نقشا ماپ وغيره ان کان علاوه دڪانن ٺھرائڻ وقت قانون موجب دڪانن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳرائڻ سميت ٻيون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ,صفائي سٺائي,۽ علائقن جا ٻيا پڻ کوڙ سارا ڪم ڪار مڪاني ادارن جي حوالي هوندا آھن ۽ اهي ڪم مڪاني ادارا مڪمل ذميواري ۽ ايمانداري سان پورا ڪندا آھن جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۽ وري خاص طور سنڌ صوبي جا مڪاني ادارا مڪمل طور ناڪام ادارا ٿي ويا آھن پاڪستان ٺھڻ بعد صدر ايوب خان جي دؤر ۾ بيسڪ ڊيموڪريسي(بي ڊي)جي نالي سان مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون ۽ مڪاني ادارن بهتر نموني ڪم ڪيو پئي ۽ مختلف لاهن چاڙهن بعد جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ به اهي ادارا وري به ڀلو ڪم ڪن پيا ۽ پرويزمشرف مڪاني نظام کي بهتر ۽ طاقتور بڻائڻ واسطي انتهائي ڀلا قدم کنيا پران جي وڃڻ کان بعد پيپلزپارٽي جي گذريل مسلسل 14 سالن جي دؤر اقتدار ۾ مڪاني ادارا مڪمل تباه و برباد ٿي ويا آھن ڇوته مڪاني اداران اندر سياسي ماڻھن جي مداخلت جيڪا نالي ماتر اڳ به هئي پر هاڻي مڪمل طور سياسي مداخلت ٿي وئي آھي مڪاني ادارن جا سياسي سربراه ۽ سيڪريٽريز ۽ ٻيو عملو پٽيوالي کان ويندي اداري جي منسٽرن تائين ڪرپٽ بڻجي ويو آھي بلڪه هڪ مافيا بڻجي ادارن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آھي ۽ بس رڳو ان ادارن کي هڪ ڌڪي جي ضرور آھي جنهن کان پوء مڪاني ادارا ڌڙام سان ڪري پوندا ادارن ۾ سيڪريٽرين کان ويندي پٽيوالن جون مقرريون,بدليون سياسي سفارش ۽ پئسن جي عيوض ٿين هڪ معمول بڻيل آھن ميونسپل,ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن کي ماهوار جيڪي ترتيبوار ڪروڙين لکين روپيا ملن ٿا پر اهي حصوپتي ٿيو ٿا وڃن جن ۾ سياسي شخصيتون,اداري جا آفيسر مڪمل طور ملوث آھن ان ڪري عوام کي مڪاني ادارن مان جيڪو ثمر ملندو هيو اهو هاڻي بس نالي ماتر وڃي بچيو آھي پر ويتر رهائشي,پيدائشي,۽ ٻين سرٽيفڪيٽن جي مد ۾ عوام جي کيسي مان وڏي تعداد ۾ پيسو ڪڍيو ٿو وڃي ۽ عوام به چپ چاپ ڪيو اهي سڀ ظلم برداشت ڪرڻ جو عادي بڻجي ويو آھي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ انهن ادارن پاران هر شھر هر ڳوٺ ۾ رستا روڊ گليون گهٽيون پڪيون ٺاهي وري ان جي سارسنڀال ۽ گند ڪچرو جديد مشينري جي ذريعي کنيو پيو وڃي گذريل ڏينهن آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ فيس بوڪ فرينڊ براه راست ڏيکاريو ته ڪيئن تيز برسات هوندي به  ميونسپالٽي جون گاڏيون آيون ۽ هر گهر اڳيان رکيل گند ڪچري جي ڊٻي مان مشين جي ذريعي ڪچرو گاڏي ۾ کڻي پئي ويا ۽ برسات جي پاڻي جو وهڪرو الڳ نموني سان ٺھيل هيو ۽ برسات جو پاڻي ان وهڪري مان ٿيندو روڊ سان گڏ هڪ نالي ۾ وڃي رهيو هيو ۽ اهو برسات جو صاف پاڻي اتان ٿي وري ڪنهن ندي ۾ ڇوڙ پئي ڪيو جيڪو پاڻي استعمال جي لائق هيو پر اسان وٽ برسات جو به پاڻي انهن ئي گندن نالين ۾ وڃي ڪري مٿان کان ڪري جيڪي آباديون يان زمينون هيٺين سطح تي هونديون آھن انهن گهرن ۽ ميدانن ۾ مهينن جا مهينا بيهي ٿو رهي جتي مڇر ۽ ٻيا جيت جڙا پيدا ٿا ٿين جنهن جي ڪري انهن خطرناڪ مڇرن ۽ جيتن جي چڪ لڳڻ ڪري تندرست انسان خاص طور ٻارڙا مختلف موذي مرضن ۾ وٺجيو ٿا وڃن ۽ انهن بيمارين سبب وري عطائي ڊاڪٽرن اسپتالن وارن جي ناجائز ڪمائي شروع ٿي وڃي ٿي مطلب ته هتي مڪاني نظام مڪمل تباه برباد ٿي ويو آھي هڪ سيڪريٽري کي چار چار يوسين جون چارجون مليل آھن ۽ سيڪريٽري آفيسن ۾ به نه ٿا اچن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا ۽ ماهوار آيل ڪروڙين لکين روپيا حصو پتي ڪري کايو ٿا وڃن ۽ يوسي جا معمولي پگهار وارا سيڪريٽري ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن پر ڪير ڪنهن کي چوڻ وارو ناهي ڇوته هرهڪ کي ڪنهن نه ڪنهن سياسي شخصيت جي پٺڀرائي هوندي آھي مڪاني ادارن جون پراڻيون ٺھيل عمارتون چؤديواريون ڪري پيون آھن ان طرف به نه سرڪار نه ئي سيڪريٽرين جو ڪو خيال آھي بس سسٽم ائين ئي پيو ٿو انڌي گهوڙي ڪل ۾ وانگر هلي ۽ عوام پنهنجي پيٽ جي اڃ اجهائڻ واسطي پنهنجي جتنن ۾ لڳو پيو آھي ۽ اسان جي سياستدانن کي به پنهنجو پيٽ ڀرڻ مان واندڪائي نه ٿي ملي ته عوام کي سهولتون آسانيون پهچائڻ لاء ڪجھ سوچين ۽ ائين اسان جو سڄو سارو سسٽم تباهي جي ڪناري تي پهتل آھي جنهن جو ذميوار اسان خود عوام اسان جا عوامي نمائنده آھن ان جي لاء اسان عوام کي پنهنجو پاڻ ۾ ڪجھ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاء پنهنجي عوامي نمائندن اڳيان ڀرپور نموني ڳالهائڻو پوندو نه ته اهي ئي ڏک تڪليفون گهٽ ٿيڻ بجاء ويتر وڌنديون وينديون جڏهن ته سرڪار کي به گهرجي ته مڪاني ادارن کي سڌاري اتي مقرر عملي سيڪريٽرين کان وڌو چارجون ڇڏرائي هرهڪ کي هڪ يوسي جي چارج ڏئي روزانه آفيسن ۾ سندن جي حاضري يقيني بڻائين ۽ جن به سيڪريٽرين ايڊمنسٽريٽرن مختيارڪارن ۽ ٻين متعلقه آفيسرن ناجائز ملڪيتون ٺاهيون آھن انهن خلاف ايماندارانه غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي سندن کان عوام جي کاڌل ملڪيت واپس ڪرائي کين قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ انهن ڪرپٽ عملي کي هٽائي ايماندار عملو مقرر ڪري عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري مڪاني ادارن کي مضبوط بڻايو وڃي #

پهنجو تبصرو موڪليو