مليريا مڇرن ۽ لاپرواهيءَ جو گڏيل خطرو!

مليريا مڇرن ۽ لاپرواهيءَ جو گڏيل خطرو!

آفتاب عالم مهر
مليريا ڪا نئين بيماري ناهي، پر اها هر سال سنڌ جي ماڻهن لاءِ نئين آزمائش بڻجي اچي ٿي. مڇر جي ننڍڙي چڪ مان شروع ٿيندڙ هي بيماري انسان جي رت ۾ داخل ٿي جگر، سيلن ۽ دماغ تائين پنهنجو زهر ڦهلائي ٿي. سنڌ جهڙي ڌرتيءَ تي، جتي برسات کان پوءِ گهٽين، نالن ۽ نهرن ۾ پاڻي مهينن تائين بيٺل رهي ٿو، اتي مليريا ڪنهن وبا کان گهٽ ناهي۔ هر سال ڄڻ ته مڇرن سان گڏ هڪ نئون درد، هڪ نئون خطرو ۽ هڪ نئون خوف پيدا ٿئي ٿو، جيڪو هر گهر جي بيمار فرد جو حصو بڻجي چڪو آهي. سنڌ جا ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڄ به مڇرن جي آزار هيٺ ساھ کڻي رهيا آهن۔ برسات ختم ٿئي ٿي پر پاڻيءَ جو نيڪال نه ٿو ٿئي، نتيجي ۾ گندگي ۽ بيٺل پاڻي مڇرن لاءِ آماجگاهون بڻجي وڃن ٿيون. خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، بدين، ٺٽو، شڪارپور ۽ ڪشمور جا ڳوٺ برسات کان پوءِ ڄڻ ته مڇرن جا مرڪز بڻجي وڃن ٿا، جتي شام لهڻ سان ئي ماڻهو مڇر دانيءَ ۾ ويڙهيل نظر اچن ٿا. صحت کاتي جي رپورٽن مطابق، هن سال سنڌ ۾ چوويهه لک کان وڌيڪ مليريا ٽيسٽون ٿيون، جن مان لڳ ڀڳ ٻه لک کان به وڌيڪ ڪيس پازيٽو نڪتا. اهو انگ صرف انگ نه پر انتظامي ناڪاميءَ جو آئينو آهي. حڪومت جون مڇر مار مهمون اڪثر ڪاغذن ۽ تصويرن تائين محدود رهن ٿيون. ڳوٺن ۾ ماڻهو بيماري سان وڙهي رهيا آهن، پر دوا، ڊاڪٽر ۽ ليبارٽريون ناپيد آهن.
سنڌ ۾ مليريا جا ٻه بنيادي قسم آهن۔
(PV) “Plasmodium Vivax” جسم ۾ بخار پيدا ڪري ٿي ۽ جگر ۾ لڪي وڃي ٿي، جنهن ڪري ماڻهو بار بار بيمار ٿيندو رهي ٿو.
(PF) “Plasmodium Falciparum” انتهائي خطرناڪ قسم آهي، جيڪو دماغ ۽ رت تي حملو ڪري ٿو، ۽ علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.
ڳوٺن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ آهي، جيڪي ٻنهي قسمن جي مريضن کي ساڳي دوا ڏين ٿا. جڏهن ته ٻنهي قسمن لاءِ الڳ الڳ ڊوز رکيل آهن، بغير ٽيسٽ جي دوائون ڏيڻ، غلط ڊوز، ۽ پاڻ علاج ڪرڻ واري روش بيماريءَ کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي۔ حقيقت ۾ مليريا جو سبب صرف مڇر نه، پر انساني لاپرواهي ۽ بي حسي به آهي. هر سال مڇر مار اسپري ۽ صفائيءَ جا اعلان ٿين ٿا، پر نتيجا ائين ئي رهن ٿا۔ ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻيءَ جا تلاءَ مڇرن جي نسل لاءِ نعمت بڻيل آهن، جڏهن ته شهرن ۾ گندگي جا ڍير روزانو نوان مڇر پيدا ڪن ٿا. حڪومتي مهمون صرف فوٽو سيشن تائين محدود رهن ٿيون، ۽ بيماري عوام جي جسم تائين آساني سان پهچي ٿي.
اسان کي سمجهڻ گهرجي ته مليريا هڪ سماجي آفت آهي، جيڪا دوا کان وڌيڪ شعور، صفائي ۽ گڏيل ذميواريءَ سان ختم ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي گهر، پاڙي ۽ گهٽي کي صاف رکي، بيٺل پاڻي ختم ڪري، ۽ مڇر دانيءَ جو استعمال ڪري، ته بيماريءَ کي وڏو ڌڪ ڏئي سگهجي ٿو.
گهڻن ڳوٺن ۾ ماڻهو ليمن گراس، نازبوءِ ۽ نم جا وڻ لڳائين ٿا، جيڪي مڇرن جي وڌڻ ۾ روڪٿام آڻين ٿا. اهڙيون قدرتي تدبيرون پڻ مليريا خلاف اهم هٿيار آهن. پر رڳو عوام نه، حڪومت کي به پنهنجو حصو ادا ڪرڻو آهي. اسپتالن ۾ دوائون مهيا ڪجن، عطائي ڊاڪٽرن تي پابندي لڳائجي، ۽ اسڪولن ۾ ٻارن کي صفائيءَ بابت آگاهي ڏني وڃي.
مليريا خلاف جنگ اصل ۾ انسان جي اندر جي جنگ آهي، بي حسي، لاپرواهي ۽ بي ڌيانيءَ خلاف، جيڪڏهن اسان پاڻ بدلجنداسين، ته بيماري پاڻمرادو ختم ٿي ويندي. اسان کي اهو ياد رکڻو پوندو ته مچھر کان خطرناڪ اسان جو بي حسي ۽ خاموشي آھي، جيستائين اسان جا دل ۽ ذهن بيدار نه ٿيندا، تيسين دوا ۽ اسپري ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. سنڌ کي بچائڻ لاءِ دوا نه، پر ضمير جي جاڳ ۽ گڏيل ذميواريءَ جو احساس ضروري آهي. جڏهن ماڻهو صفائي کي ايمان ۽ ذميواري سمجهندا، تڏهن ئي سنڌ جا ڳوٺ، شهر مليريا جھڙي خطرناڪ بيماري کان پاڪ ٿي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو