مرتضيٰ جهڙن ماڻهن جي سار سنڀال ڇا رياست جي ذميواري ناهي؟

محمد خالد ميمڻ

هڪ ڏينهن هڪ دڪان تي ويٺو هيس ته هڪ معذور نينگر هٿ واري هڪ ڀڳل چين نڪتل سائيڪل تي جنهن سائيڪل کي ان کان به عمر ۾ ننڍو ٻار ڌڪي هلائي رهيو هيو اهو اچي دڪان جي سامهون بيٺو ته مون ان کي ڪجھ پيسا ڪڍي ڏنا ته اهو نينگر سائيڪل تان لهي گهوڙين تي هلندو منڊڪائيندو اچي دڪان اندر هليو آيو ۽ چيائين ته منهنجو نالو غلام مرتضي ولد شمن مڱڻھار آھي مان ڦل ڀرسان سڌوجا شھر ۾ رهندو آھيان ننڍي هوندي منهنجي مٿان هڪ ٽرالر چڙهي ويو هيو جنهن جي ڪري منهنجي ڄنگھ پير سميت ۽ هڪ ٻانهن پڻ ٽٽي ۽ ڦٽجي پئي هئي ۽ غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اڃان تائين پير ۾ ڦٽ آھي ۽ پير ڦري ويو آھي ۽ مان معذور ٿي ويو آھيان مون کي خيرات نه پر هٿ سان هلائڻ واري سائيڪل کپي ته جيئن مان آساني سان گهمي ڦري سگهان ان جي لاء مان هتي تون وٽ آيو آھيان مون کيس چيو ته سائيڪل اها اٿئي ته سهي ته هن جواب ڏنو ته مان سڌوجا شھر جو آھيان ۽ هتي ڦل شھر اچي هڪ الله لوڪ انسان کان هي عارضي طور وٺي ايندو آھيان ۽ وري واپس ڪري ڇڏيندو آھيان مون کيس چيو ته هن دفعي وري ٻئي دفعي اچجان ائين هو ٻئي دفعي آيو ته به مون هن کي واپس ڪري ڇڏيو نيٺ ٽيون دفعو آيو ته مون هن کي چيو ته مان تنهنجي وڊيو ڀري سوشل ميڊيا اخبارن وغيره تي هلايان ٿو وڌيڪ تنهنجي قسمت ان چيو ته ٺيڪ آھي چاچا هلايو ۽ ائين مان سندس وڊيو ڀري جنهن ۾ هن مخير حضرات ۽ سرڪار کي سائيڪل وٺي ڏيڻ جي لاء مالي مدد جي اپيل ڪئي ۽ مون اها پوسٽ سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ هلائي مختلف دوستن ڏي واٽس اپ به ڪيم ته هڪ ڪلاڪ جي اندر دبئي ۾ رهندڙ ڦل واسي هڪ دوست عجيب علي لغاري فون ڪئي ۽ چيائين ته مان پيسا موڪليان ٿو اوهان هن نينگر کي سائيڪل وٺي ڏيو ۽ هن مرد مجاهد سخي انسان پيسا به جلد ئي موڪلي ڇڏيا ته مٿان وري هڪ ٻئي دوست به فون ڪئي ۽ چيائين ته مان هن کي سائيڪل وٺي ڏيڻ لاء هيلٿ کاتي جي هڪ وڏي آفيسر کي چيو آھي جنهن چيو آھي ته سائيڪل جا پيسا مان موڪليان ٿو ان کي وٺي ڏيو ۽ نينگر جو علاج به سرڪاري سطح تي ڪرايان ٿو ته مون کيس چيو ته الحمدالله نينگر جي لاء سائيڪل جو بندوبست ٿي ويو آھي باقي هن جو علاج ڪرايو ۽ ائين وري اسان سگا برانچ ڦل جي دوستن ۽ ان ڊاڪٽر دوست گڏجي صلاح ڪئيسون ته ان نينگر کي ان پنڻ واري عادت کان بچايون ۽ کيس اها عادت ڇڏڻ جي لاء ڪائونسلنگ ڪيون پوء ان کي مون سمجهايو ان ڊاڪٽر صاحب وڊيو واٽس اپ ذريعي هن سان ڳالهائي سمجهايو ته نينگر چيو ته مان پاڻ ان پنڻ واري عادت کان بيزار آھيان پر ڇا ڪيان مجبوري آھي منهنجو والد ٻي شادي ڪري منهنجي امڙ کي ڇڏي هليو ويو آھي هڪ ڀاء آھي جيڪو دهل وڄائي ڪجھ پيسا ڪمائي ايندو آھي ۽ مان پني ڪري گهر جو خرچ پورو ڪندا آھيون هن ٻڌايو ته منهنجيون 4 ڀينرون آھن جن مان ٽن جي شادي ٿيل آھي باقي هڪ ڀيڻ به آھي انڪري مان مجبورن پنندو آھيان هن اسڪول پڙھڻ بابت ٻڌايو ته مان اسڪول ۾ هيس پر سر چيو ته جيستائين تنهنجي پير جو زخم ٺيڪ نه ٿئي تون اسڪول نه ايندو ڪر انڪري مان اسڪول ڪونه ويندو آھيان هن چيو ته اگر مون کي ٻيو هنر ته ڪونه ايندو پر اگر دڪان کولي ڏيو ته مان اهو هلائيندس ۽ پنڻ به ڇڏي ڏيندس سو ان جي لاء به مخير حضرات سخي مرد انسان کي اپيل ڪئي اٿئون ۽ ان سان گڏ سگا برانچ ڦل جي ساٿين پڻ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي انشاء الله نينگر جو اهو ڪم به ٿي ويندو ۽ کيس پنڻ واري عادت کان بچائي سندس علاج ڪرائي کيس دڪان کولي ڏيڻ ۽ علاج کان بعد پڙھڻ جي لاء به کيس اسڪول موڪلڻ جو مڪمل پلان تيار ڪيو آھي هاڻي سوچڻ جي ڳالھ اها آھي ته ڇا هن شاهوڪار سنڌ ۾ رڳو هڪ مسڪين غريب معذور نينگر مرتضيٰ مڱڻھار آھي جنهن کي اسان سيٽ ڪري ڪن هيٺان ويهاڻو ڏئي سڪون سان ويهي رهون؟نه بلڪل به نه ڇاڪاڻ ته اهڙا هزارين بلڪه لکين مرتضيٰ آھن جيڪي غربت,مسڪيني حال ۽ معذوري جي ڪري مجبورن هڪ ته اسڪول کان ٻاهر آھن ٻيو ته دنيا آڏو هٿ ٽنگڻ تي پڻ مجبور آھن ۽ اهڙن لکن جي تعداد ۾ موجود ٻارڙن کي ڪير به اڪيلو يا ڪابه اين جي او نه ته اسڪول موڪلي يا انهن کي پنڻ کان بچائي کين ڪو هنر سيکاري روزگار سان نه ٿي لڳائي سگهي اهو ڪنهن اڪيلي ماڻهو يان ڪجھ تنظيمن يا اين جي اوز جي وس جو ڪم نه آھي بلڪه ناممڪن آھي ان جي لاء اسان جي پاڪستان جي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار کي اک پٽڻي پوندي ۽ کين پنهنجا رڳو پيٽ ڀرڻ ڪرپشن ڪرڻ ۽ هڪٻئي خلاف سياست ۽ عوام کي بيوقوف بنائڻ بند ڪري هتان جي غريبن مسڪينن معذورن مستحق ننڍڙن ٻارڙن سميت سڀني ضرورتمند مردن ۽ عورتن جي سچائي ايمانداري سان ڊيٽا گڏ ڪري بنا سياست جي انهن کي بغير ڪنهن وياج جي قرض ڏئي انهن کي روزگار سان لڳائي هڪ بهترين شھري بنائڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن جيئن بنگلاديش جهڙي ملڪ سميت ٻين ملڪن ۾ پڻ اهڙيون بئنڪون کولي ڪاروبار کولڻ جي لاء بنا  وياج جي قرض ڏئي کين پنڻ کان بچايو ويو آھي سرڪار کي گهرجي ته بيروزگارن کي اهڙا بنا وياج يا تمام گهٽ نالي ماتر وياج وارا قرض ڏئي ۽ کين احساس پروگرام يا بينظير انڪم سپورٽ جي نالي جيڪا خيرات ڏئي فقير بنايو ٿو وڃي اهو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي ڇوته هڪ فقير خيرات گهري پنهنجو پيٽ پاليندڙ ڪوبه انسان ڪڏهن به ملڪ جي ترقي ۾ حصيدار نه ٿو ٿي سگهي ان جي لاء وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار طرفان اهڙا پروگرام صرف رڪارڊ ۾ ڏيکاريا ته وڃن ٿا پر حقيقت ۾ اهڙن پروگرامن جو ڪوبه وجود ناهي هوندو يا اگر ڪٿي ڪٿي هوندو به آھي ته اهو سياست جي نذر ٿي ويندو آھي انڪري سياستدانو ملڪ جا اصل مالڪو خدارا الله پاڪ جي واسطي ملڪ جي عوام مٿان رحم ڪريو ۽ هر معاملي ۾ سياست نه ڪريو ۽ عوام جي ڀلائي جا ڪم سچي نيت سان ڪريو نه ته تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو