قائد عوام کان بلاول ڀٽو تائين

قائد عوام کان بلاول ڀٽو تائين

تحرير عبدالمجيد بروھي 

اڄ ان عظيم ھستيء جي شھادت جو ڏھاڙو آھي جنھن زندان ڪال ڪوٺڙي جي عذيتون برداشت ڪيو ضياء جا ظلم برداشت ڪيا جنھن سان پنھنجا ويجھا دوست ويجھا بي وفائي ڪري ضياء جي ھنج ۾ وڃي ويٺا جنھن عوام خاطر سولي تي چڙھڻ کيـ ترجيع ڏني جيڪو مڇرن جي آزار کان ڊڄي ڀاڄوڪڙ نـ ٿيو اھو آھي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شھيد پ پ پ جي وجود کان وٺي اڄ تائين پ پ پ وارا صرف قرباني ڏيڻ ۾ پورا آھن قائد عوام شھيد ذاولفقار علي ڀٽي ھن ملڪ جي عوام جي خوشحاليء خاطر ڏينھن رات محنت ڪري ملڪ جي عوام کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو ھن ملڪ جي غريب عوام کي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کان ملڪيتون وٺي اھي ملڪيتون غريب ھارين ۽ مزدورن کي ڏنيون جنھنجي ڪري اڄ تائين ھن ملڪ جا سرمائيدار پ پ پ خلاف آھن  جڏنھن تـ انھن سرمائيدارن کان ملڪيتون وٺي جن غريب ھارين مزدورن کي ھن ڏنيون انھن غريبن جي دلين تي اڄ ڀٽي شھيد جو راڄ آھي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ اھو ھيو جو ھن غريبن کي خوشحال ڪيو کين ظالمن خلاف آواز اٿارڻ جي سگھ ڏني ملڪ کي عالمي طاقتن جي قطار ۾ بيھارڻ لاء ايٽيمي ٽيڪنالاجي ڏيڻ پڻ ھن جي ڏوھن ۾ شامل آھي اسلامي ملڪن کي ھڪ ڪرڻ جو ڏوھ بـ ھن جي کاتي ۾ آھي ملڪ کي خوشحال ڪرڻ لاء اسٽيل مل جھڙا پروجيڪٽ ڏيڻ پڻ ھن جي قصور بڻيو ھندستان ۾ قيد ھزارين قيدين کي حفاظت سان ھندستان کان واپس ڪرڻ جو ڏوھ بـ ھن ڪيو ھيو ھن جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ اھو بڻيو جو ھن پاڪستان کي پنھنجو عوامي جمھوري آئين ڏنو اھڙي عظيم شخص کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ڪرڻ جو صلو اھو مليو جو کيس ھڪ ڪوڙي ۽ من گھڙت ڪيس ۾ کيس سولي تي چاڙھيو ويو ان بعد جيڪو ظلم ان جي خاندان مٿان ڪيو ويو اھو بـ سڀني جي سامھون آھي اڄ مريم نواز صاحبا شھيد راڻي کان بـ وڌيڪ پاڻ کي سمجھي ٿي پر کيس اھو ياد ھجي تـ شھيد راڻي جي والد کي چونڊيل وزيراعظم کي انـجي والد جي سياسي استاد آمر ضياء پاران ڪوڙي ڪيس ۾ سولي تي چاڙھايو ان وقت بـ ٻاھرين ملڪن جا بادشاھ جيڪي ڀٽي شھيد جا ان ۾ ويجھا ساٿي بـ ھيا انھن کان ڀٽي شھيد ڏي نياپا ڪرايا ويا واضع ڪندو ھلان تـ آمر ضياء پاڻ ڀٽي شھيد جي دوستن کي ايلاز منٿون ڪندو رھيو تـ اھي ڀٽي صاحب کي چون تـ ھو لکي ڏي تـ ھو ۽ سندس خاندان جا فرد ھي ملڪ ھميشا جي لاء ڇڏي ويندا ۽ پوء ڪڏنھن بـ سياست نـ ڪندا پر ڀٽي شھيد کي سلام آھي جنھن تمام ايندڙن کي اھي چئي واپس ڪرايو ھيو تـ پنھنجي ملڪ جي عوام کي ھن ظالمن غدار جي رحم ڪرم تي اڪيلو ڇڏي ڪنھن بـ صورت ۾ ٻاھر ڀڄي نـ ويندس منھنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان جي عوام سان گڏ آھي ھن جيل ۽ زندان کان مانـخوفزدا نـ آھيان مريم بي بي ھي ھيو شھيد راڻي جو بابا جيڪو ملڪ جي عوام خاطر ڦاسي قبول ڪيائين پر ملڪ ڇڏي ڀڄي نـ ويو اوھان ياد ڪريو اھي ڏينھن جڏنھن اوھان جي والد کي بـ گرفتار ڪيو ويو ھيو انھن ڏينھن ۾ انھن سان ملڻ ويندڙن اوھان جو والد نواز شريف ۽ اوھان جو چاچو شھباز شريف اھو چئي ڳوڙھا ڳاڙھيندا ھيا تـ سخت گرمي آھي ۽ وڏا وڏا مڇر آھن جيل ۾ ھتي ننڊ بـ نٿي اچي ان بعد اوھان جي خاص دوستن سعودي شھنشاھ ڏي نياپو موڪليو تـ نواز شريف ۽ سندس خاندان کي اوھان بچايو جنھن۔بعد اھي سعودي جا حڪمران اوھان جي ايلاز منٿن بعد پاڪستان جي حڪمرانن سان رابطو ڪيو جن چيو تـ شريف خاندان وارا لکي ڏين تـ اھي پاڪستان ڇڏي ھليا ويندا ۽ سياست ۾ حصو نـ وٺندا جنھن بعد اوھانـجي خاندان مشرف جا تمام شرط قبول ڪري معاھدوـڪري ھليا ويا اھي آھن توھان جا ڪرتوت ھليا آھيو بلاول ڀٽي تي تنقيد ڪرڻ بلاول ڀٽو ان عظيم والدين جو فرزند آھي جن جمھوريت لاء قربانيون ڏنيون آھن سندس امڙ جنھن ملڪ پاڪستان جي لکين بيروزگارن کي روزگار سان لڳرايائين ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايائين پنھنجي عظيم والد جي نقش قدم تي ھلندي ملڪ جي دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاء ملڪ کي عالمي طاقتن جي صف ۾ بيھارڻ لاء ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏنائين شھيد راڻي جي والد جي عدالتي قتل بعد شھيد راڻي ۽ سندس والدا مٿان ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو کين زبردستي جلاوطن ڪيو ويو شھيد راڻي جي حڪومت کي ٻـ ڀيرا اوھان جي والد جي فرمائش سياسي منافقت سبب ختم ڪيو شھيد راڻي جي ور کي بنا جواز گرفتار ڪري کيس زندان حوالي ڪيو ويو جنھن بعد جيڪو ظلم آصف علي زرادري جي مٿان جيل اندر ٿيو اھو سڀ ڪجھ اوھان جو والد ڪرائيندو ھيو اوھان جي والد جي خاص ماڻھون سيف الرحمان پاران جيل جي اندر وڃي آصف علي زراداري مٿان تشدد ڪرائيندو رھيو ڇو تـ اوھان جو والد چاھي پيو تـ آصف علي زرداري کي تنگ ڪري اھي کيس شھيد راڻي خلاف واعدا معاف ٺاھين جنھنـجي لاء سيف الرحمان ھن جي زبان کي بـ ڪٽرايو ھيو پر پوء آصف علي زرادري پنھنجي گھرواري سان وفادار رھيو مسلسل تيرنھن کاـ چوڏنھن سال ھو جيل ۾ بند رھيو پر ھن ڪڏنھن بـ لکت ۾ معاھدوـڪري ٻاھر ڀڄڻ جي ڪوشش نـ ڪيائينـچوڏنھن سال وڏو عرصوـآھي اھو عرصو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي جي ننڍ پڻ جو وقت ھيو جنھن ان وقت کان ئي پنھنجي سياسي جدوجھد جي شروعات ڪيائين پنھنجي والد جي مٿان داخل ڪيل سياسي ڪيسن کي ھو پنھنجي والدا سميت منھن ڏيندو رھيو سندس ٻالڪ پڻ عدالتن جيل ۽ رستن چوڪن ٿي لڳندڙ ڌرڻن ۾ گذريو آھي شھيد راڻي پاڻ جنھن شخص کي وفاداري جو سرٽيفڪيٽ ڏيندي کيس ايشين نيلسن منڊيلا جو لقب ڏنو ھيو اڄ مريم۔  بي بي انـخلاف بيان بازي ڪري رھي آھي ن ليگ وارا اھو ضرور ياد رکن تـ عمران نيازي اگر ھن وقت تائين ڪنھن کي اين آر او ڏنو آھي تـ اھي آھن ن ليگ وارا ن ليگ جي سربراھ نواز شريف جي ضمانت کان ويندي کيس ٻاھر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ انجي فورنـبعد مريم بي بي جي ضمانت ھي آھي سڀ کانـوڏو اين آر او باقي الزام وري زرداري صاحب ڏي پيا ھڻو آصف علي زرادري سخت بيمار ھجڻ باوجود ھتي پنھنجي ملڪ ۾ رھي ڪري پنھنجو علاج بـ ڪرائي رھيو آھي ۽ ھن جي مٿان نـليگ دور ۾ ٿيل ڪوڙن ڪيسن کي منھن بـ ڏئي رھيو آھي نواز شريف وانگر ڪجھ ھفتن جي ڊيل ڪري وري واپسي کان انڪار ناھي ڪيو زرادري صاحب ھي سڀ ڪجھ ن ليگ وارا انجي ڪري پ پ پ جي ضرورت  خلاف ڳالھائي رھيا آٺن ڇو تـ نـليگ وارا نٿا چاھين تـ زرداري صاحب بوزدار جي پـجاب حڪومت کي ختم ڪري ڇو تـ کين خوف آھي تـ اگر پنجاب ۾ چوڌري پرويز الاھي وڏو وزير بڻيو تـ پوء ان بعد پوري پنجاب ۾ پ پ پ پنھنجا پير وري پختا ڪندي ھنن ن ليگ وارن جو ارادو آھو آھي تـ ڀلي پي ٽي آء جي حڪومت پنجاب ۾ ھجي باقي پ پ پ کي ھو ڪنھن بـ صورت ۾ برداشت نـ ڪندا ٺي جيڪي چون ٿا ڊيل ڊيل اھي اھو ڇو نٿا چون عوام کي تـ سينيٽ اليڪشن ۾ ھنن پـجاب ۾ ڪنھنجي چوڻ تي پنجاب حڪومت سان ٺاھ ڪري پنھنجن اميدوارن کان ھٿ کڻايو ھيو اھي ڇو پي ٽي آ۔  جي پنجاب حڪومت جاـساٿاري بڻيل آھن عوام کي سڀ ڄاڻ آھي تـ ڪير ٽن نسلن کان وٺي ملڪ پاڪستان جي عوام خاطر جاننين جا نذرانا ڏنائين.

پهنجو تبصرو موڪليو