فيفا صدر جاني انفينٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ پاران حمايت واپس

فيفا صدر جاني انفينٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ پاران حمايت واپس

ڊبلن (ويب ڊيسڪ): آئرلينڊ فٽبال ائسوسيئيشن فيفا (FIFA) جي موجوده صدر جاني انفينٽينو (Gianni Infantino) جي حمايت جو باقاعده خط واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آئرش فٽبال ائسوسيئيشن پاران فيفا کي لکيل خط ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته حليمي واقعن گورننس، شفافيت ۽ مشاورت جي عمل تي سنگين خدشا پيدا ڪيا آهن. نارٿرن آئرلينڊ فٽبال ائسوسيئيشن به يورپي فٽبال باڊي (UEFA) جي سخت موقف جي مڪمل حمايت ڪئي آهي.ان کان اڳ يوئيوفا، ڪونڪاڪاف ۽ ائشيائي فٽبال ڪنفيڊريشن پڻ جاني انفينٽينو تي اعتماد ٽوڙڻ جا الزام مڙهي چڪا آهن. ويلز ۽ انگلش فٽبال ائسوسيئيشن جي پٺتي هٽڻ بعد آئرلينڊ جو هي قدم جاني انفينٽينو جي چوٿين مدت لاءِ صدارتي مهم لاءِ تمام وڏو ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو