لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نوازشريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي جيل ڀريو تحريڪ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان صاحب هي ڏسيندا ته جيلون ڪيئن ڀريون آهن، تفصيلن مطابق گذريل ڏينهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو هو پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو هو ته اسان وٽ ٻه رستا آهن هڪ ملڪگير ڦيٿو جام هڙتال آهي معيشت جي اهڙي حالت آهي ته ڦيٿو جام هڙتال سان حالت وڌيڪ خراب ٿيندا ڪارڪنن کي چوان ٿو ته جيل ڀريو تحريڪ جي تياري ڪن منهنجي سگنل جو انتظار ڪن جيل ڀريو جي ڪال ڏيندس ته تڏهن اسان لنڊن ۾ صحافين عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ جي باري ۾ نوازشريف سان سوال ڪيو ته انهن جواب ڏنو ته عمران خان ئي ڏسيندو جيلون ڪيئن ڀرڻيون آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جي معاملي تي قانوني ماهرن جي راءِ ورتي هئي. ذريعن مطابق آئيني ماهرين جي راءِ جي ذريعي جيل ڀريو تحريڪ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. ماهرين جي تحريڪ جي آزاد ۽ گرفتارين جي طريقيڪار تي ڏي وٺ ڪئي ويندي.










