عدالت ناري جي اغوا واري درخواست ڪوڙي قرار ڏئي ڇڏي

عدالت ناري جي اغوا واري درخواست ڪوڙي قرار ڏئي ڇڏي

نوشھروفيروز(مشتاق مري) عدالت پاران ناري جي اغوا واري درخواست ڪوڙي قرار، جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم. ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمان شاھ جي عدالت ۾ درخواستگذار علي گل سرگاڻي 491 تحت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪجھه عرصو اڳ ڪنڊيارو لڳ منهنجي ڳوٺ محمد پريل سرگاڻي ۾ اعجاز علي لاشاري، شاھ محمد، محمد رفيق، محرم علي، غلام مصطفيٰ، رياض حسين ۽ عبدالحڪيم ھٿيارن سميت داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي منهنجي ڌي بي بي شمائلا سرگاڻي کي اغوا ڪري ويا آھن جڏھن ته ٺاروشاھ پوليس ناري کي بازياب نٿي ڪرائي. عدالت ۾ ڇڪايل ڌر جا وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالوحيد شيخ ۽ سيد زاھد علي شاھ پنهنجي اصيلن پاران دليل ڏيندي چيو ته ناري بي بي شمائلا سرگاڻي پنهنجي پسند سان سکر جي عدالت ۾ اعجاز علي لاشاري سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي جڏھن ته ساڳئي عدالت ۾ جوڙي پاران پنهنجي تحفظ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آھي زندگي کي خطري سبب اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا آھن. عدالت ۾ وڪيلن پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي شادي ۽ تحفظ جا ڪاغذ پڻ پيش ڪيا. عدالت دليل ٻڌڻ بعد داخل ڪيل درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو ۽ ايس ايڇ او ٺاروشاھ کي حڪم ڏنو ته جوڙي کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو