سڪندر چنو
افغانستان ۾ وڙهيون ويندڙ جنگيون پنهنجي لاڳت جي حساب سان مهانگين جنگين طور شمار ڪيون وڃن ٿيون. 20 سالن جي انهن ڊگهين وڙهندڙ جنگين تي 2 کرب 30 ارب ڊالرن جي تمام وڏي رقم خرچ ٿي. انهن جنگين ۾ روس کي ته ناڪامي نصيب ٿي. پر آمريڪا کي القائده اڳواڻ اساما بن لادن ۽ ايمن الزواهري جهڙن اهم ڪاميابين کان سواءِ باقي اهڙي ته طالبان آمريڪا کي شڪست ڏني جو دنيا تي حڪمراني ڪندڙ سپر پاور رات جي اونڌاهيءَ ۾ سر بچائي افغانستان مان نڪري ڀڄي ويو. آمريڪا پنهنجن 30 اتحادين سان جنگ وڙهي رهيو هو ۽ جڏهن جنگ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ته پويان پنهنجا اهڙا ته نشان ڇڏي ويئي جنهن جا اثر ڪيترن ئي سالن تائين باقي رهندا. انهن جنگين ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان افغانستان جو ئي ٿيو. ڇاڪاڻ ته مسلسل لاڳيتو جنگين سبب افغانستان مڪمل طور تي کنڊرات بڻجي ويو. معاشي بدحالي ۽ دهشت گردي جا خطرا افغانستان جو مقدر بڻيل آهن. پاڙيسري ملڪ پاڪستان به دهشت گردي سبب سخت متاثر ٿيو آهي. آگسٽ 2021 ۾ آمريڪي فوج افغانستان مان ڀڄي جان بچائي. پر خطي لاءِ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي. آمريڪي فوج جي وڃڻ کان پوءِ اربن ڊالرن جو جديد فوجي سامان افغانستان ۾ ڇڏي ويئي. جنهن ۾ جديد هٿيار، گاڏيون، ۽ مواصلاتي اوزار شامل هئا. پاڪستان اهڙي صورٽحال تي وڏي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته اهي جديد هٿيار دهشت گردن جي هٿ لڳڻا ها جنهن سان پاڪستان جي امن کي خطرو هو. پاڪستان جو خدشو اجايو نه هو. پاڪستان عالمي برادري کان به وقتن بوقتن اهيو مطالبو ڪندو رهيو ته آمريڪي فوج پاران ڇڏيل هٿيار نه رڳو پاڪستان جي امن و امان لاءِ خطرو آهن پر خطي جي لاءِ به خطرو بڻجي سگهن ٿا ۽ اهي جديد هٿيار دهشت گرد ڪارواين لاءِ به استعمال ٿي سگهن ٿا. جنهن جو مطالبو خود آمريڪا به ڪيو آهي. افغانستان ۾ مختلف دهشت گرد تنظيمون هڪ ڀيرو ٻيهر اڀري رهيون آهن. جنهن تي آمريڪا ۽ ان جي اتحاد نيٽو جي ميمبر ملڪن کي به وڏو خطرو لاحق ٿي پيو آهي. ۽ انهن جٿن کي آمريڪا جي جديد هٿيارن سميت چرپر ڪندي ڏٺو ويو آهي. پاڪستان دهشت گردي خلاف هميشه اول دستي جيان ڪردار ادا ڪيو آهي. افغانستان جنگ ۾ آمريڪا پاران ڇڏيل هٿيار دنيا لاءِ هڪ چئلينج بڻيل آهن. هن وقت به آمريڪا افغانستان کي هر مهيني اڍائي ارب ڊالر امداد طور ڏيئي رهيو آهي. آمريڪي صدر زور ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان کان آمريڪي هٿيار هر صورت ۾ واپس ورتا ويندا. جيڪڏهن ان لاءِ وڌيڪ رقم ڏيئڻي پوي ته ڏني ويندي. آمريڪي صدر چيو آهي ته طالبان کي آمريڪي هٿيارن ۽ گاڏين سميت پريڊ ڪندي ڏسي سندس جي ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيندو آهي. طالبان آمريڪا جا هٿيار وڪرو ڪري رهيا آهن. جنهن تي آمريڪا کي سخت پريشاني ۽ ڳڻتي آهي. آمريڪي فوجي جنرل هيڊ ڪوارٽر پينٽاگون مطابق افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار، گاڏيون، جديد ٽيڪنالوجي ۽ جهازن جي قيمت 8 ارب ڊالر آهي. اهي هر قيمت تي واپس ورتا ويندا. افغانستان پهريان ئي معاشي بدحالي جو شڪار آهي. آمريڪي امداد جي بندش سان ويتر معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ 7 سيڪڙو اقتصادي ترقي گهٽ ٿي ويئي آهي. افغانستان دنيا جي انهن 8 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي اڪثر معيشت آمريڪي امداد جي سهاري تي هلي رهي آهي. افغانستان جي 35 سيڪڙو غير ملڪي امداد USAid تي هلي رهي آهي. گذريل ٽن سالن دوران آمريڪا افغانستان کي 3 ارب ڊالر امداد طور پڻ ڏنا آهن. ۽ آمريڪا دنيا ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آهي جيڪو افغانستان جي مالي مدد ڪري رهيو آهي. 2021 ۾ افغانستان وٽ نيٽ ڪيش 9.4 ارب ڊالر هئي. اقوام متحده پڻ 17 سيڪڙو امداد افغانستان جي گهٽائي ڇڏي آهي. هن وقت افغانستان ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 71 افغاني ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. يعني پاڪستان ۾ هڪ ڊالر 270 پاڪستاني ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ان جو مطلب ته افغانستان جي معيشت پاڪستان کان به بهتر آهي. آمريڪي صدر 2025 ۾ هڪ آرڊر جاري ڪندي افغانستان سميت باقي ملڪن جي به امداد روڪي ڇڏي آهي. جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. هن وقت افغانستان ۾ بيروزگاري جي شرح 15 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. آمريڪي امداد جي معطلي کان پوءِ افغانستان جي معيشت ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آهي. جنهن سبب امن و امان جو وڏو مسئلو پيدا ٿيندو. ۽ ماڻهو دهشت گرد سرگرمين ڏانهن لاڙو ڪندا. افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ملڪ کي دهشت گردي جي ور چاڙهيندي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي افغانستان ۾ فوجي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪري ڏيئي رهيو آهي. افغانستان ۾ عورتن جي تعليم تي مڪمل پابندي آهي جيڪو انتهائي غلط قدم آهي. افغان قيادت اندروني طور اختلافن جو شڪار آهي. هيبت الله آخوند زاده افغانستان ۾ طاقتور شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. پر ان جي به مخالفت شروع ٿي ويئي آهي. ملا عمر کان پوءِ افغانستان ڌڙابندي جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن افغانستان پاڪستان سان سٺا لاڳاپا برقرار نه رکيا ته پوءِ افغانستان جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان آمريڪا جو اتحادي آهي. بحرالحال پاڪستان ۽ افغانستان جي معيشت به ساڳي آهي.










