شھيد نذير عباسي، انسانيت جو علمبردار ، طفيل مگسي

ڪي انسان پنهنجي مقصد سان ايترو ت سلهاڙجي ويندا آھن ۽ ان مقصد جي جدوجهد ۽ حاصلات ۾ ايترو ته پيهي ۽ پڄري ويندا آھن.جو مقصد ۽ اهي انسان ٻه سڃاڻپون نه رهنديون آھن.بلڪ ويٽنام ۽ ٻڍڙو هوچي منھ ڌار نٿا ٿي سگهن .منصور ۽ سچ کي ڪير الڳ نٿو ڪري سگهي .ڪيوبا ۽ فيڊرل ڪاسترو الڳ نٿا ٿي سگهن.حيدربخش جتوئي ۽ هارين جي عشق کي مات نٿي ڏئي سگهجي.شھيد ڀٽو ۽ عوام کي ڪير به ڇني نٿو سگهي.ڀٽائي ۽ سنڌ کي ڌار ڪرڻ ناممڪن آھي.جيئن ڀٽائي جي بقول.

جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير

تيئن من مون ماروئڙن سان

سو جيڪڏھن ڪير ڳنڍيون ڇني ڇڏي ته حقيقت ۾ ڳنڍير جو وجود ئي ختم ٿي ويندو. ساڳئي ريت نذير عباسي ۽ سندس نظرياتي جدوجهد سنهي سئي سان سبجي اهڙا ته پختا ٿي ويا آھن ته ڪائي فتويٰ ان رشتي ۽ پيار جا ٽاڪا  نٿي اڊيڙي سگهي.نذير عباسي جنهن 9 آگسٽ جي ٻاٽ اونداهي رات پنهنجي ساٿين کان جدا رهي ماڙيپور ڪراچي جي ٽارچر سيل ۾ سنڌ جي عوام سان محبت.عشق.۽ انسانيت جو رت ورنو وچن ورجايو ۽ ان مهل .ان گهڙي ۽ ان سمي وڏا وڏا بت به ڀور ڀور ٿي ويندا آھن .پر ڌرتي جو سچو پٽ .انسانيت جو عاشق.حق موجود ۽ ڪلمي حق جو علمبردار نذير عباسي اڃا به ارڏو ۽ اڏول رهيو.جنهن جي لاء سنڌ امڙ جي چپن منجهان هي لفظ ورد ڪري نڪتا.

جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ

ھن ڀونءِ ڪئي ٻئي ڀرتي آ

نذير عباسي جنهن پنهنجي ڦوهه جوانيء ۾ ئي پنهنجي فاني وجود کي عوام جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏيو ۽ ھو هڪ اهڙو متوالو هوجنهن تي ڌرتي ڌڻي ۽ انسانيت جا علمبردار تاحيات فخر ڪري سگهن ٿا.مٽيء ماء جي هن سورهيه سرويچ سپوت پنهنجي جان مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقين جي ازلي آفاقي حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ واري ڇڏي .هو انقلاب جو اهڙو متوالو هو جيڪو منافقت ۽ دغا ۽ دوکي کان بنهه اڻواقف هو ۽ جڏھن سچي عاشق کي پنهنجي عشق کي آزمائڻ جو موقعو ميسر ٿيو ته هو ارواح جا سڀ آسرا لاهي محبتي مچ ۾ ڪڏي پيو.

تون مچ ستم جا ٻاري ڇڏ، مان بڻجي ايندس پروانو

مان ظلم جو ڪنڌ جهڪائيندس ڏئي پنهنجي رت جو نذرانو.

محبتي مچ ۾ ڇو ڪڏي پيو .ان ڪري ته ڌرتي ماتا جي پوڄارين ۽ پورهيت عوام جي نجات جي لاء وڙھندڙ جان نثارن جي لاء ڪنڊا به سيج جي برابر هوندا آھن ۽ زھر به زم زم ۽ ٿڄ برابر هوندو آھي.نذير عباسي جنهن جو فلسفو ئي هيو ظلم خلاف بغاوت ڪرڻ.

نذير عباسي پنهنجي ريٽي رت جي ڀيٽا ڏئي اهو ثابت ڪيو ته هو عوام سان عشق ڪري ٿو پر خالي لٻاڙ نٿو هڻي.هو انهن کاهوڙين منجهان هڪ هو، جيڪي سر اڏي تي رکي انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪندا آھن.سندس بقول ته جيڪڏھن ملڪيت وارن طبقن جا سياستدان عوام دوستي جي راھ ۾ قربان ٿي سگهن ٿا ته اسان کي جيڪي پورهيت جي نجات جي لاء مظلوم قومن جي آزادي واري رستي جا پوئلڳ آھيون. هر قرباني ڏيڻ لاء ھر وقت تيار رهڻ کپي. اهوئي وچن ورجائيندي مسلسل 9 ڏينهن ٽارچر سيل ۾ جنگ وڙھندو رهيو ۽ نيٺ ھن انسانيت جي علمبردار پنهنجي جان عوام جي خوشحالي ۽ آجپي تان گهوري ڇڏي. ۽ ويندي ويندي پنهنجي پويان سڄي سنڌ جي عوام جي لاءِ خاص طور تي سنڌي نوجوانن جي لاءِ ھي هڪ پيغام ڇڏيو ته

هي ڌرتي توکي پرتي آ

مهمان هزارين مان نه رڳو.

پهنجو تبصرو موڪليو