شايد اسين جنگ کان بنا رهي نٿا سگهون

شايد اسين جنگ کان بنا رهي نٿا سگهون

طفيل مگسي
ڊيئر پروفيسر آئنسٽائين
جڏھن مون کي خبر پئي ته توهان مون سان هڪ اهڙي مامري تي ڳاله ٻوله ڪرڻ چاهيو ٿا ته جيڪو نه صرف ٻين جي لاء بلڪ اوهان جي لاء پڻ دلچسپي جو سبب آھي ته ستت حامي ڀري ورتي.
مون کي اميد هئي ته توهان هڪ اهڙو مسئلو چونڊيندا جنهن تي پاڻ طبعياتي ماهر ۽ آئون نفسياتي ماهر جي حيثيت ۾ مختلف رستن وسيلي ساڳئي منزل تي رسنداسين.بهرحال جڏھن توهان پڇيو ته جنگ جي لعنت مان انسانيت جي جند آجي ڪيئن ڪرائجي ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي.آئون اڳ به لکي چڪو آھيان ته “اسين دانشور ۽ مفڪر“جنگ جي مسئلي جو ڪو حل نٿا ڏئي سگهون.ڇاڪاڻ ته اهو هڪ عملي مسئلو آھي.جنهن جو حل صرف سياستدانن ۽ حڪمرانن وٽ آھي.جڏھن مون توهان جو نقط نظر پڙھيو ته مون کي احساس ٿيو ته توهان ان مسئلي کي هڪ طبعي سائنسدان جي حيثيت سان نه پر هڪ انسانيت پرست ۽ مخير جي سوچ سان ڏسي رهيا آھيو.مون کي اهو به احساس ٿيو ته مون کان مسئلي جو عملي حل نه فقط اهو پڇيو پيو وڃيته نفسيادان جي حيثيت ۾ آئون جنگ و جدل کي گهٽائڻ لاء ڪهڙيون تجويزون پيش ڪري سگهان ٿو.هتي آئون وري اعتراف ڪندس ته توهان منهنجي چوڻ لاء ڪا گنجائشناهي ڇڏي.جيڪو مون کي چوڻو هو اهو سڀ ڪجه چئي ڇڏيو آھي.
اوهان حق ۽ طاقت جي گڏيل رشتي جو ذڪر ڪيو آھي.مسئلي جي حل لاء اهو شروعاتي نقطو اهم آھي.هتي آء طاقت بدران سخت لفظ“تشدد“ڪرب آڻيندس.اڄ اسان حق ۽ تشدد هڪ ٻئي کان متضاد نظر اچن ٿا.پر اهي ٻئي هڪ ٻئي جي اندر منجهان تخليق ٿيا ۽ جيڪڏھن اسان ان جي بنياد تي ويچار ڪيون ته مسئلو وڌيڪ سولائي سان حل ٿي سگهي ٿو.
اها هڪ مڃيل حقيقت آھي ته ٻن ماڻھن ۾ مفادن جو ثڪراء تشدد يا طقت جي ذريعي طئه ڪيو ويندو آھي.اهو مسئلو اڄ به جهنگ ۽ جانورن ۾ مڙھيل آھي.جن کان پاڻ کي ڌار سمجڻ جو اسان کي ڪو حق ناهي.اهڙي ريت انسانن ۾ مفادن کانسواء راء جو ٽڪراء به ڪن حالتن ۾ ان جاء تي پهچي وڃي ٿو.جيڪو پنهنجي حل جي لاء مختلف قسم جا حربا استعمال ڪندو آھي.شروعات ۾ هڪ مختصر انساني جٿي ۾ جسماني طاقت کي ان جو فيصلو ڪندي هئي ته جيئن شين جو مالڪ ڪير هوندو ۽ حڪومت ڪير ڪندو.
شروعات ۾“جنهن جي لٺ ان جي مينهن“جو ئي قانون هلندو رهيو.جنهن هوريان هوريان تبديل ٿي قانون جي حاڪميت يا حق جي علمداري جي صورت ڌاري وڌي.منهنجو مڃڻ آھي ته تبديلي جو سبب هڪ ئي هو يعني هڪ طاقتور شخصيت جو مقابلو ڪيترائي ڪمزور ماڻھو گڏجي ڪري سگهن ٿا.تنهنڪري اسان ڏسون ٿا ته حق متحد سماج جي طاقت جو نالو آھي.اهوئي هاڻي به تشدد ئي آھي.جيڪو ڪنهن اڪيلي طاقتور کي پنهنجو نشانو بڻائي سگهي ٿو يا بڻائي ٿو.اڪثريت جو اتحاد مستقل ۽ دائمي هوندو آھي.ڇوته جيڪڏھن اهو هڪ مقصد کانپوء ختم ٿي وڃي ٿو ته ان مان ڪو به نتيجو ناهي ملندو.ڪو ٻيو طاقتور ڪمزورن کان پنهنجي ڳاله مڃائي ٿو.ڪمزور پنهنجو ٽولو ٺاهين ٿا ۽ ان کي ختم ڪن ٿا.اهڙي ريت اهو سلسلو لڳاتار ختم ٿيڻ بنا ختم ٿيڻ بنا هلندو رهي ٿو.ان ڪري سماج جي تنظيم.مستقل بنيادن تي ٿيڻ گهرجي.ان امڪاني بغاوت کي چٿڻ جي لاء قانون چٽا ڪرڻ گهرجن.۽ انهن قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ کپي.ان قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي سزا ڏيارڻ گهرجي.گڏيل مفادن جو احساس ئي ماڻھن ۾ جذباتي راڀطن کي هٿي وٺرائي ٿو.اهي گهڏيل جذبا جيڪي گڏيل محبت تي ٻڌل هوندا آھن.سماج يا گروه جي اصل طاقت جو سرچشمو چورائيندا آھن.
جيستائين سناج ساڳئين ماڻھن تي ٻڌل رهي.(يعني سڀئي طاقت هڪجهڙي هجي) ته جو وڏو مسئلو سامهون نٿو اچي .ڇاڪاڻ ته هر فرد سماجي بقا جي لاء پنهنجي طاقت جي هڪ حصي تان دستبردار ٿي وڃي ٿوپر ياد رهي ته اهو نقشو رڳونظرياتي آھي.جڏھن ته نظريي ۽ عمل ۾ وڏو فرق هوندو آھي.حقيقت اها آھي ته شروعات کان ئي سماج اهڙن ميمبرن تي ٻڌل رهيو.جيڪي اڻبرابري.طاقت ۽ اختيارن جا مالڪ هئا .مرد ۽ عورت والدين ۽ ٻار جي نتيجي ۾ جنگ ۽ جدل ۽ سوڀن جو سلسلو شروع ٿيو.جنهن فتح ۽ ۽ مفروح يا ٻين لفظن ۾ آقا ۽ غلام جا ادارا جوڙيا ۽ ستت ئي سماج جو انصاف طاقت جي اڻبرابري واري ورهاست جي شڪل ڌاري ويو ۽ جوڙيل قانون اصل ۾ حڪمران طبقي جي مفادن جي تحفظ لاء ڪم ڪرڻ لڳا.
مفادن جو ٽڪراء صرف هڪ سماج اندر ئي ناهي هوندو .وڏا ۽ ننڍا سماج شھرن رياستون.قومون ۽ نسل هڪ ٻئي خلاف رهندا آھن.جن جو حل گهڻو ڪري هٿياربند ٽڪراء جي وسيلي ئي ٿيندو آھي.ڪيترين ئي جنگين ۾ هڪ ڌر مڪمل طور فاتح قرار ڏني ويندي آھي.پر اهڙين جنگين انسانيت کي ڪو به فائدو ناهي ڏنو.مثال طور منگولن ۽ ترڪي جي جنگين جو نتيجو سواء تباهي.بربادي ۽ رتو ڇاڻ جي ٻيو ڪجه به نه هو.ان جي ابتڙ ڪجه جنگين جٽادار امن جي قيام کي به ممڪن بڻايو.مثال رومن جي فتح روم سمنڊ جي پوئتي پيل خطي کي امن جي نعمت سان نوازيو .اهڙي ريت فرانسيسي بادشاهن جي حرص ۽ حوص جي نتيجي ۾ هڪ وسيع خوشحال متحد فرانس وجود ۾ آيو.اهي ڳالهيون ظاهري طور تي عجيب ۽ غير سطحي لڳن ٿيون پر ڪجه جنگيون جٽادار امن ممڪن بڻائين ٿيون.مثال طور جيڪڏھن ڪا طاقت مرڪزي حڪومت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي۽ وڏيون وڏيون آزاد اڪائيون وجود ۾ اڇن ته ان مان وڌيڪ جنگين جو رستو رڪجي ويندو.پر سدائين ائين ناهي ٿيو .گهڻو ڪري سوڀن جا ڦل وقتي هوندا آھن.جنگ جي نتيجي ۾ جڙيل اتحاد گڏيل اتفاق راء ۽ اکوٽ جي لوٽ سبب ستت اختلافن جو شڪارڀبڻجي ويندا آھن. ۽ انهن جي قسم جي ڇڪتاڻ وڌيڪ جنگين جو سبب بڻجي ٿي.وقت سان گڏ اسان ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون جنگيون ترڪ ڪريوسيع ۽ عاملي جنگ جو رستو ورتو آھي.جيڪو اڳ کان به گهڻو رتوڇاڻ ۽ باهي آڻيندڙ آھي.
آئون به ان راء سان متفق آھيان ته جنگيون صرف ان صورت ۾ رڪجي سگهن ٿيون جيڪڏھن اسان متحد ٿي هڪ مرڪزي ادارو جوڙيون.جنهن کي انهن سڀني ٽڪرائن تي فيصلو ڏيڻ جا اختياي هجن..ان لاء به ڪم اڻٽر آھي.هڪ ڪنهن سپريم.ايجنسي يا اداري جو قيام ۽ ٻيو ان کي ضروري اختيار ۽ طاقت ڏيڻ ڇاڪاڻ ته هڪ کانسواء ٻيو بيڪار آھي.ليگ آف نيشنز اهڙي بموني جو ادارو آھي.پر اهو ان اختيار ۽ طاقت کان وانجهيل آھي.
توهان هڪ ٻي خيال جو اظھار ڪيو آھيته انسان اندر تخريب ۽ نفرت جي جبلت موجود آھي.جيڪا جنگ ۽ جدل جي حامين جي لاء گهڻي سازگار هوندي آھي.آئون اتفاق ڪريان ٿو ته جيڪا جبلت گهڻي هوندي آھي اها پنهنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ويندي آھي.مثال طور ايروز جو مقصد زندگي ۽ وجود کي قائم رکڻ آھي .جنهن لاء ان وٽ تشدد ۽ طاقت جي ڪوتاهي هوندي آھي.محبت جي جبلت کي به قوت ۽ ملڪيت جي لاء طاقت گهربي آھي.ته جيئن اها پنهنجي محبوب کي حاصل ڪري سگهي ۽ ان تي غلبو آڻي سگهي.انهن ٻنهي جبلتن کي ڌار ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ئي اسان لاء ڏکائين جو سبب بڻيون .اهوئي سبب آھي ته اسين ڪيتري دير تائين ان کي سڃاڻي نه سگهياسين.
جيستائين منهنجي بحث مان اهو بتيجو نڪتو آھي ته انسان وٽ پ هنجي پرتشدد جبلت کان ڇوٽڪاري جو ڪو طريقو ناهي.اسان کي ٻڌايو وڃي ته زمين جا ڪجه اهڙا ٽڪرا به آھن جن کي جنت چئي سگهجي ٿو.جتي کير ۽ ماکي جون نديون وهي رهيون آھن ۽ انسانن وٽ هر شيء پنهنجي گهرج کان گهڻي وڌيڪ آھي.پر هو تشدد.ظلم.مارڌاڙ جي نالي کان به واقف آھن.روس جي ڪميونسٽن جو به اهوئي
ئي خيال آھي ته انسان جي سڀني مادي گهرجن کي پاسي رکي هو تشدد ۽ تخريب جو خاتمو آڻي.هڪ اهڙو سماج اڏيندا.جيڪو مڪمل برابري تي ٻڌل هو ندو.مفادن جو ٽڪراء نه ٿيڻ سبب جهيڙا ختم ٿي ويندا.منهنجي خيال ۾ اها هڪ خيام خيالي ۽ غلط فهمي آھي.ڪميونسٽن جو اهو گروه نه فقط جديد هٿيارن سان ليس آھي پر متحده رهڻ جي لاء وٽس ٻين سان“نفرت“جهڙو ڪارآمد هٿيار به آھي.منهنجي خيال ۾ انسانن ۾ اڳواڻن ۽ مقتدين ۽ تقسيم هجڻ جو لاڙو هجي ٿو.يعني عوام انگ ۾ گهڻو هوندو آھي.کين جنهن اڳواڻ.قانونساز ۽ حاڪم جي ضرورت هوندي آھي.جيڪو سندن مسئلن تي فيصلا ڪري سگهي.
مثالي صورتحال اها آھي ته سڀ انسان پنهنجن حقن ڪي ضابطو آڻي عقل جيحاڪميت قبول ڪن.انهن انسانن ۾ ڪنهن جذباتي رشتي يا رابطي کانسواء مضبوط اتحاد ۽ اتفاق ٿين ها.هن وقت اهو خواب يا يوٽو پيائي کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي.بنا شڪ جنگ جي تدارڪ جي لاء سڌي ريت وسيلا آھن.پر اهي ٽڪراء نتيجا ڏيڻ کان لاچار آھن.
ٻن نقطن تي بحث ممڪن آھي.اهي هي ته جنگ مذمت بوڳي ناهي.هتي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا سماج وٽ ماڻھن جي زندگي کي ختم ڪرڻ جو حق هئڻ گهرجي؟ٻيو هي ته جيستائين ڪنهن ملڪ ۽ قومون پنهنجي جارحاڻن ارادن کي ترڪ نٿا ڪن ٻين وٽ به سندن شر کان بچڻ ۽ پنهنجي بچاء لاء طاقت هجڻ گهرجي.شايد اسين جنگ جي خلاف احتجاج ان لاء ڪندا آھيون ته ان بنا رهي نٿا سگهون.
عقلي ۽ جذباتي ردعمل کانسواء اسان امن بدمزاج به جنگ خلاف آھيون.جنگ جا ظلم ۽ تباهيون اسان جي برداشت کان ٻاهر آھن.اسان رڳو جمالياتي بنيادن تي نه پر اخلاقي بنيادن تي نه بلڪ اخلاقي بنيادن تي به جنگ جي مخالفت ڪنداسين.ٻين قومن ۽ عالم انسانيت جي مڪمل طور امن پسند بنجڻ تائين اسان کي اڃا ڪيترو انتظام ڪرڻو پوندو؟ان قطعي جواب ڏيڻ ممڪن ناهي.پر هڪ مهذب طرزعمل ۽ مستقبل جي جنگ جي بدترين نتيجن جو خوف يقيني طور جنگ ۽ جدل جي خطري کي گهٽائي سگهجي ٿو.پر اهو ڪيئن ۡ۽ ڪڏھن ممجن بڻبو .ان جو اندازو لڳائڻ سولو ناهي .تنهنڪري اسان اهو ضرور چئي سگهون ٿا ته اهي سمورا عمل (جيڪي تهذيب کي سگهارو بڻائين ٿا)جنگ جو خطرو يقيني طور گهٽ ڪري سگهن ٿا.
مون اوهان کي مايوس ڪيو پر پوء به مون کي يقين آھي ته اوهان درگذر ڪندو.؛؛؛
اوهان جو سگمنڊ فرائيڊ ويانا.

پهنجو تبصرو موڪليو