ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا جي شادي ٿي وئي.شاهين آفريدي جي شادي شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا سان ڪراچي جي مقامي مسجد ذڪريا ۾ ٿي، نڪاح مولانا عبدالستار سان ڪرايو ويو، رخصتي بعد ۾ ٿيندي.شاهين آفريدي جي شادي کانپوءِ مقامي ڪلب ۾ استقباليه تقريب شروع ٿي وئي، شاهين آفريدي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي سسر سان گڏ پنڊال پهچي وئي.ايونٽ ۾ اسڪواش ليجنڊ جهانگير خان، پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد، نسيم شاهه ۽ شاداب خان به موجود آهن.ايونٽ ۾ اسڪواش ليجنڊ جهانگير خان، پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد، نسيم شاهه ۽ شاداب خان به موجود آهن.ان کان علاوه اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم سليم باجوه به تقريب ۾ موجود آهي.خانداني ذريعن موجب شاهين ۽ انشا جي مهندي جي تقريب گذريل رات ٿي هئي، شاهين آفريدي 2 ڏينهن اڳ نڪاح لاءِ خاندان سميت ڪراچي پهتو هو.










